Showing posts with label ممتاز جمالي. Show all posts
Showing posts with label ممتاز جمالي. Show all posts

Tuesday, 3 November 2015

ڪاڇي جا ڪنمب Kachy ja kumb by Mumtaz Jamali

ڪاڇي جا ڪنمب

ممتاز علي جمالي 
شعبـه ماس ڪام بي ايس حصـو ٻيون
رول نمبر؛ 2ڪي14_ايم سي_ 159

           سنڌ جو ڪهڙو بـه شهر هجي اهو پنهنجي ڪنهن نا ڪنهن هنر فن تفريحي يا تاريخي ماڳ جي ڪري سڃاتو ويندو آهي، ڪاڇو بـه اهڙي هنر ، تاريخي  توڙي تفرحي ماڳن جي ڪري پوري سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو.

                 ڪاڇو کان ڪجهـه ڪلو ميٽر پرتي اولهه اوتر طرف گاج ندي ۽ ڏکڻ اولهه طرف نئي ندي  ، نئي کان ڪجه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي سوري ۽ سول نالي نديون  آهن، جيڪي ڪاڇي جي آبادي جا زريعا آهن، جبلن ۾ جڏهن بـه برسات پوندي آهي تـه برسات جو سڄو پاڻي انهي ندين جي زريعي ڪاڇي ڏي ايندو آهي ، ۽ پوءِ آهسته آهسته منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو قصو ڪئي هزارين سالن کان وٺي هلندڙ آهي، جڏهن برسات پوندي آهي تـه ڪجـهه ئي لمحن ۾ پاڻي ندين ۾ اچي لهندو آهي، پاڻي جي رفتار ايڏي تـه تيز هوندي آهي جو پورو ڪاڇو آوازن سان گوجندو آهي.

 انهي تيز رفتار پاڻي جي ڪري جبلن جي آخر ۾ جيتي پاڻي جبلن مان تيزي سان لهندو آهي  اتي وڏا کڏا ٺهي ويا آهن، جن کي ڪاڇي وارا ماڻهون ڪنمب چوندا آهن، اهي ڪنمب برسات جي ڪري ٺهيا آهن، جن جي تاريخ هزارين سالن جي    آهي .اهي ڪنمب ويڪر ۾ 5 ميٽر  کان 20 ميٽر ۽ اونهائي ۾ 10 کان 50 ميٽر تائين آهن انهي جي پاسن ۾ سائو وڏو گاهـه، ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي ڪنمب جي خوبصورتي کي اجاگر ڪندا آهن،  اهي ڪنمب ڏڪار جي موسم ۾ ڪاڇي وارن لاءِ جنت جهڙو هوندا آهن، اهي انهن مان پاڻي ڀرهندا آهن، انهن ڪنمبن جو پاڻي نـه بلڪي مٺو هوندو آهي پر صاف بي هوندو آهي۔

   مزي جي ڳالهـه انهن ڪمبن جي اها آهي تـه انهن ڪنمبن ۾ مڇي پڻ رهندي آهي انهي مڇين کي تقريبن هزارين  سال ٿي ويا آهن مگر نـه مڇي ڪڏهن کٽيون نـه ئي بيماري جي  ڪري ختم ٿي ويون، هيتي جا ماڻهون وڏي شوق سان اها مڇي پاڻ ماري ۽ کائيندا آهن، نـه صرف اها مڇي تازي هوندي آهي بلڪـه صحت مند ۽ وزني هوندي آهي،  انهن ڪنمبن ۾ اڪثر ڪري پوپري ، پاپليٽ، گولفارم، سونهاري، مُڪر، ڄرڪو، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پلو، ڪرڙي، ٿيلهي، موراکي، اسٽارفش،  مڇي هوندي آهي، انهن ڪنمبن ۾ 10 کان 80 ڪلو تائين جي وزني مڇي موجود
هوندي آهي۔
             
    ڪاڇي جي مٿي گورک، گاج  گهمڻ جڏهن ماڻهون ايندا آهن تـه اتان جا ماڻهو جڏهن هن مڇي جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن تـه اهي وڏي شوق سان اها مڇي کائيڻ پسند ڪندا آهن.

 ڪاڇي وارا ماڻهن پنهنجي ٻولي ۾ چوندا آهن تـه ” جنهن ڏنهن ڪنمبين دي مڇي کاسين اونهن ڏنهن تينڪو اساڏا ڪاڇا وڻسين “   بلوچ ڪميونٽي ۾ جڏهن ڪا ڀاڄي گهر ۾ سٺي ٺهندي آهي تـه اهي اها چوڻي دورائيندا آهن تـه”  مرشي نگن هئيرگائين ڄڻ ڪنمباء مڇي مطلب تـه اڄ ماني اهڙي آ جئين ڪُنمبن جي مڇي“  ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڪو دوست ڪنهن دوست کي دعوت بـه ڏيندو آهي تـه دوست پهريان اهو پوڇا ڪندو ٿس تـه ” ڪنمبين دي مڇي هوسين تـه آسون نت الله واهي “

ڪاڇي جا ماڻهون انهي مڇي کي طريقي سان پڪڙيندا آهن، ڇا ڪاڻ جو 100 کان 200 فوٽ جي ڪنمب ۾ گهڙڻ ۽ واپس اچڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهـه ناهي هوندي، اهي هڪڙو ماڻهون اندر ڪنمب جي موڪليندا آهن، پوءِ ان جي مٿان ٻيو چڙها.يندا آهن جئين اهو ٻاهر تري نـه اچي. اگر ڪنمب جي مٿين صتح تي مڇي نٿي ملي تـه اڃان ٽيون ماڻهون هُن جي مٿي ڇڙهائيندا آهن جئين آخري شڪار وارو ماڻهون هن جي تهـه تائين پهچي ائين ڪندي ڪندي 6 کان 8 ماڻهون جي هڪڙي چئين ٺاهيندا آهن ،جئين اندر ڪنمب ۾ ڪو ڦاسي نـه يا ٻاهر تڪڙي اچي نـه ، انهي ڪنمب جا وري الڳ الڳ اندرا کڏا هوندا آهن ۽ اندر وڏي تعداد ۾ گاهـه ، جيت، ۽ پاڻي وارا خطرباڪـه يا ائين کڻي چئيجي نقصان ڏيندڙ جانور هوندا آهن انهي جي ڪري اندر ڪنمب جي لهڻ وارن سان خطرو ساڻ هوندو آهي.

         هتان جي رهواسين جو چوڻ هو تـه  ڪنمب جي اندر اڪثر تجربي ڪار ماڻهون لهندا آهن جيڪي 5، کان 7 منٽ ساهـه کي جهلي ويندا آهن مطلب ت اگر هنن کي 3، کان 5 منٽ آڪسيجن نـه ملي تـه اهي برداشت ڪري وٺندا آهن، ڪنمب جي اندر جيڪو شڪاري لهندو آهي اگر هن کي شڪار هٿ نايو ۽ دم گهٽجڻ لڳندو ٿس تـه هو پنهنجي مٿين واري ساٿي کي لوڏو ڏيندو يا هٿ سان چونڊي هڻدو لوڏو ڏيڻ ۽ چونڊي هڻڻ مٿين کي پاڻ کان هٽائيڻ جي نشاني هوندي آهي، وري مٿيون همراهـه پاڻ کان مٿين واري کي ساڳو عمل ڪندو ائين ائين آهستـه سڀ هڪه ٻي جي مٿي کان هٽي ويندا ، ۽ هڪه دم لا۽ سڀ ٻاهر ايندا، مگر ٻي واري وري هڪ نئي ترتيب سان ويندا، اهو عمل ڳوٺ جي صرف چند ماڻهون کي ايندو آهي.
                     ماهرن ڪاريگرن کان پوڇيو تـه هنن چيو اهو عمل تمام ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي مگر اسان هاڻي هيري ويا آهيون اسان کي ڏکيائي نٿي ٿي، هنن چيو تـه اهو طريقيڪار اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان سيکندا آيا آهيون، هن وڌيڪــه مزي واري ڳالهـه ٻڌائي تـه اگر ڪا مڇي لڳي ٿي ۽ مڇي وڏي ۽ ڳري آهي تـه آخري همراهـه مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ۽ مٿيون همراهـه اڃا مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ائين ڪندي ڪندي جيڪو سڀ کان مٿي هوندو آهي ۽ ٻاهر هوندو آهي اهو مڇي وٺي ٻاهر نڪرندو آهي، هتان جي ماڻهن ٻڌايو تـه هتي گهمڻ ايندڙ ماڻهون وڏي چاهـه سان اها مڇي کائيندا آهي، ڪي وري هتان وٺي گورک تي پچي تريندا آهن، هن مڇي جو ذائيقو لذيز هوندو آهي،

              ڪنمب جي هڪڙي ڪلو جي مڇي 5 سئو کان 1000 روپيـه في ڪلو فروخت ٿيندي آهي، انهن جي اها هوائي روزي جڏهن لڳندي آهي تـه انهن جو مهيني جو پورو راشن نڪري پوندو آهي، هاڻي تـه  هنن  هي شڪار مهيني ۾ صرف هڪ يا ٻـه ڏينهن ڪندا آهن، ۽ هاڻي آهستـه تجربيڪار ماڻهون جي نـه هجڻ جي ڪري اهو سلسلو گهٽجڻ بـه لڳو آهي.


نالو؛ ممتاز علي جمالي.
رول نمبر؛ 2k14/mc/159

Mumtaz Jamali 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
--------------------
ڪاڇي جا ڪنمب

 Plz observe para. foto is needed.  Some quotes, some story


 ممتاز علي جمالي

 سنڌ جو ڪهڙو بـه شهر هجي اهو پنهنجي ڪنهن نا ڪنهن هنر فن تفريحي يا تاريخي ماڳ جي ڪري سڃاتو ويندو آهي، ڪاڇو بـه اهڙي هنر ، تاريخي  توڙي تفرحي ماڳن جي ڪري پوري سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو، ڪاڇو کان ڪجهـه ڪلو ميٽر پرتي اولهه اوتر طرف گاج ندي ۽ ڏکڻ اولهه طرف نئي ندي  ، نئي کان ڪجه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي سوري ۽ سول نالي نديون  آهن، جيڪي ڪاڇي جي آبادي جا زريعا آهن، جبلن ۾ جڏهن بـه برسات پوندي آهي تـه برسات جو سڄو پاڻي انهي ندين جي زريعي ڪاڇي ڏي ايندو آهي ، ۽ پوءِ آهسته آهسته منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو قصو ڪئي هزارين سالن کان وٺي هلندڙ آهي، جڏهن برسات پوندي آهي تـه ڪجـهه ئي لمحن ۾ پاڻي ندين ۾ اچي لهندو آهي، پاڻي جي رفتار ايڏي تـه تيز هوندي آهي جو پورو ڪاڇو آوازن سان گوجندو آهي، انهي تيز رفتار پاڻي جي ڪري جبلن جي آخر ۾ جيتي پاڻي جبلن مان تيزي سان لهندو آهي  اتي وڏا کڏا ٺهي ويا آهن، جن کي ڪاڇي وارا ماڻهون ڪنمب چوندا آهن، اهي ڪنمب برسات جي ڪري ٺهيا آهن، جن جي تاريخ هزارين سالن جي آهي، اهي ڪنمب ويڪر ۾ 5 ميٽر  کان 20 ميٽر ۽ اونهائي ۾ 10 کان 50 ميٽر تائين آهن انهي جي پاسن ۾ سائو وڏو گاهـه، ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي ڪنمب جي خوبصورتي کي اجاگر ڪندا آهن،  اهي ڪنمب ڏڪار جي موسم ۾ ڪاڇي وارن لاءِ جنت جهڙو هوندا آهن، اهي انهن مان پاڻي ڀرهندا آهن، انهن ڪنمبن جو پاڻي نـه بلڪي مٺو هوندو آهي پر صاف بي هوندو آهي،   مزي جي ڳالهـه انهن ڪمبن جي اها آهي تـه انهن ڪنمبن ۾ مڇي پڻ رهندي آهي انهي مڇين کي تقريبن هزارين  سال ٿي ويا آهن مگر نـه مڇي ڪڏهن کٽيون نـه ئي بيماري جي  ڪري ختم ٿي ويون، هيتي جا ماڻهون وڏي شوق سان اها مڇي پاڻ ماري ۽ کائيندا آهن، نـه صرف اها مڇي تازي هوندي آهي بلڪـه صحت مند ۽ وزني هوندي آهي،  انهن ڪنمبن ۾ اڪثر ڪري پوپري ، پاپليٽ، گولفارم، سونهاري، مُڪر، ڄرڪو، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پلو، ڪرڙي، ٿيلهي، موراکي، اسٽارفش،  مڇي هوندي آهي، انهن ڪنمبن ۾ 10 کان 80 ڪلو تائين جي وزني مڇي موجود هوندي آهي، ڪاڇي جي مٿي گورک، گاج  گهمڻ جڏهن ماڻهون ايندا آهن تـه اتان جا ماڻهون جڏهن هن مڇي جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن تـه اهي وڏي شوق سان اها مڇي کائيڻ پسند ڪندا آهن، ڪاڇي جا ماڻهون انهي مڇي کي ڍ طريقي سان پڪڙيندا آهن، ڇا ڪاڻ جو 100 کان 200 فوٽ جي ڪنمب ۾ گهڙڻ ۽ واپس اچڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهـه ناهي هوندي، اهي هڪڙو ماڻهون اندر ڪنمب جي موڪليندا آهن، پوءِ ان جي مٿان ٻيو چڙها.يندا آهن جئين اهو ٻاهر تري نـه اچي. اگر ڪنمب جي مٿين صتح تي مڇي نٿي ملي تـه اڃان ٽيون ماڻهون هُن جي مٿي ڇڙهائيندا آهن جئين آخري شڪار وارو ماڻهون هن جي تهـه تائين پهچي ائين ڪندي ڪندي 6 کان 8 ماڻهون جي هڪڙي چئين ٺاهيندا آهن ،جئين اندر ڪنمب ۾ ڪو ڦاسي نـه يا ٻاهر تڪڙي اچي نـه ، انهي ڪنمب جا وري الڳ الڳ اندرا کڏا هوندا آهن ۽ اندر وڏي تعداد ۾ گاهـه ، جيت، ۽ پاڻي وارا خطرباڪـه يا ائين کڻي چئيجي نقصان ڏيندڙ جانور هوندا آهن انهي جي ڪري اندر ڪنمب جي لهڻ وارن سان خطرو ساڻ هوندو آهي، هتان جي رهواسين جو چوڻ هو تـه  ڪنمب جي اندر اڪثر تجربي ڪار ماڻهون لهندا آهن جيڪي 5، کان 7 منٽ ساهـه کي جهلي ويندا آهن مطلب ت اگر هنن کي 3، کان 5 منٽ آڪسيجن نـه ملي تـه اهي برداشت ڪري وٺندا آهن، ڪنمب جي اندر جيڪو شڪاري لهندو آهي اگر هن کي شڪار هٿ نايو ۽ دم گهٽجڻ لڳندو ٿس تـه هو پنهنجي مٿين واري ساٿي کي لوڏو ڏيندو يا هٿ سان چونڊي هڻدو لوڏو ڏيڻ ۽ چونڊي هڻڻ مٿين کي پاڻ کان هٽائيڻ جي نشاني هوندي آهي، وري مٿيون همراهـه پاڻ کان مٿين واري کي ساڳو عمل ڪندو ائين ائين آهستـه سڀ هڪه ٻي جي مٿي کان هٽي ويندا ، ۽ هڪه دم لا۽ سڀ ٻاهر ايندا، مگر ٻي واري وري هڪ نئي ترتيب سان ويندا، اهو عمل ڳوٺ جي صرف چند ماڻهون کي ايندو آهي، ڪاريگرن کان پوڇيو تـه هنن چيو اهو عمل تمام ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي مگر اسان هاڻي هيري ويا آهيون اسان کي ڏکيائي نٿي ٿي، هنن چيو تـه اهو طريقيڪار اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان سيکندا آيا آهيون، هن وڌيڪــه مزي واري ڳالهـه ٻڌائي تـه اگر ڪا مڇي لڳي ٿي ۽ مڇي وڏي ۽ ڳري آهي تـه آخري همراهـه مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ۽ مٿيون همراهـه اڃا مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ائين ڪندي ڪندي جيڪو سڀ کان مٿي هوندو آهي ۽ ٻاهر هوندو آهي اهو مڇي وٺي ٻاهر نڪرندو آهي، هتان جي ماڻهن ٻڌايو تـه هتي گهمڻ ايندڙ ماڻهون وڏي چاهـه سان اها مڇي کائيندا آهي، ڪي وري هتان وٺي گورک تي پچي تريندا آهن، هن مڇي جو ذائيقو لذيز هوندو آهي، ڪنمب جي هڪڙي ڪلو جي مڇي 5 سئو کان 1000 روپيـه في ڪلو فروخت ٿيندي آهي، انهن جي اها هوائي روزي جڏهن لڳندي آهي تـه انهن جو مهيني جو پورو راشن نڪري پوندو آهي، هاڻي تـه  هنن  هي شڪار مهيني ۾ صرف هڪ يا ٻـه ڏينهن ڪندا آهن، ۽ هاڻي آهستـه تجربيڪار ماڻهون جي نـه هجڻ جي ڪري اهو سلسلو گهٽجڻ بـه لڳو آهي.

  
 ممتاز علي جمالي.
رول نمبر؛ 2k14/mc/159

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

Tuesday, 27 October 2015

Baalik SIndh interview by Mumtaz Jamali

 ٻالڪ سنڌي (فنڪار) جو انٽرويو باءِ ممتاز علي جمالي  2  انٽرويو
k14/mc/159

 Please do not send in formatting. send just in simple composed form. 
 فنڪار پنهنجي مُلڪ جو سرمايو هوندا آهن، ۽ پنهنجي ثقافت جو حصو هوندا آهن، نـه صرف هو پنهنجي ڌرتي جو نائون روشن ڪندا آهن بلڪي پنهنجي سُر ساز ۾ پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي ڏک درد ڳائي دنيا تائين پهچائيندا آهن، اسان جي سنڌ ڌرتي بـه اهڙين قدرتي ڏات مليل فنڪارن سان ڀريل آهن، جنهن جي آواز ۾ مٺاس درد سمايل هوندو آهي،

1986ع ۾ ڳوٺ موندر شاهاڻي دادو ۾ جنم وٺندڙ ذاهد علي شاهاڻي عرف ٻالڪ سنڌي ولد بخشل شاهاڻي، بـه اهڙو فنڪار آهي جنهن جي آواز ۾ درد ڏک سمايل آهي،  هن جيڪا زندگي گزاري تقريبن سڄو وقت موسيقي تي وقف ڪيو، اچو تـه هن سان ڳالهـه ٻولهه ٿا ڪيون.

سوال: توهان کي موسيقي جو شوق ڪئين ٿيو ۽ توهان موسيقي جي سکيا ڪٿان ورتي؟
جواب: منهنجو والد صاحب مرحوم بخشل شاهاڻي راڳ، ساز، جو استاد هيو، پاڻ ميوزيڪ ڪمپوز بـه ڪندو هو ۽ رِڌم بـه ٺاهيندو هو، هن کي هر ساز جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي، بابا سائين جي ان وقت استاد بخاري جي نالي ڪلب هوندي هئي، جڏهن مان 10 سالن جو ٿيس تـه  اتي مان اڪثر ويندو هئس، هڪ ڏنهن بابا سائين مونکي چيو تـه ٿورو ڳائي ٻڌا خبر پئي تـه تون سُر ۾ آهين يا نا.؟ ان وقت مون ٿورو ڳايو ۽ بابا سائين مونکي چيو تـه تون سُر ۾ بـه آهين ۽ گُر ۾ بـه آهين، بس ان ڏنهن کان بعد مونکي پاڻهي ڳائڻ جو شوق ٿي پيو ۽ اتان پوءِ بابا سائين کان سُر ساز سکڻ لڳس، شروعات ۾ باجو وڄائڻ بابي کان سکيس، مگر مڪمل ڳائيڻ مان استاد عبدالغور خيرپور ميرس  واري کان سکيس، بعد ۾ استاد منظور بـه مون مٿان محنت ڪئي ليڪن ان سان گڏو گڏ استاد بخاري جو مان پيارو شاگرد هوندو هئس، استاد بـه مونکي موسيقي جي گهڻي ڄاڻ ڏني اتري قدر هو جتي بـه ويندا هئا مونکي وٺيون ويندا هئا ۽ پاڻ سان گڏ ويهاريندا هئا..

سوال: توهان جي نظر ۾ موسيقي ڇا آهي.؟
جواب: اسان جي هن سماج ۾ ڪافي مذهبن ۾ خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ بـه موسيقي ڪئي ويندي آهي، منهنجي محبوب کي مڃائيڻ لاءِ اڳين زماني جا بادشاهـه وڏيون موسيقي جون محفلون ڪرائيندا هئا، ۽ جڏهن ڪنهن کي ڪاميابي ملندي آهي تـه بي هو موسيقي ٻڌندو آهي، ڪنهن کي ڏک درد سور ملندو آهي تـه اهو بـه تنهائي ۾ موسيقي ٻڌندو آهي، انهي مان اهو ثابت ٿي ٿو تـه انسان ۽ موسيقي جو رشتو تمام پراڻو ۽ گهرو آهي، موسيقي روح جي غذا آهي، پر ان کي ان طريقي سان ڳايو وڃي ، جيئن صوفياڻا ڪلام آهن، ڪوالي آهن، غزل آهن، هن کي صوبر انداز ۾ ڳايو وڃي هميشه صوبر قسم جي شاعري ڳائي وڃي جيئن استاد بخاري ، شيخ اياز، حليم باغي، احمد خان مدهوش، اياز گل ،جون سڪون ڏيندڙ شاعريون آهن ۽ انهن کي اهڙي انداز ۾ ڳايو ويو جو ٻڌندڙ جو من تن ۽ روح جهُومي پوندوآهي باقي اڄ ڪلهـه جي راڳ کي مان موسيقي نٿو سمجهان اهو ڪمائي جو هڪ نئو طريقو آهي، حقيقت موسيقي اها آهي جنهن کي ٻڌڻ سان انسان مدهوش ٿي وڃي..

سوال: اوهان ماضي جي شاعرن جا لکيل گيت ۽ موجوده دور جي شاعرن جي گيت کي ڪئين ٿا ڀيٽو؟
جواب: ڏينهن رات جو فرق آهي استاد بخاري، شيخ اياز، تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم، حليم باغي جي لکيل گيتن ۾ پنهنجائپت آهي، اهي شاعر هميشه حقيقي شئين تي لکندا هئا، اهي سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار پنهنجي شاعري زريعي ڪندا هئا ،پنهنجي محبوب جي تعريف بـه شاعري ذريعي ڪندا هئا ، ۽ اها شاعري جيڪو بـه ٻڌندو هو تـه ائين سمجهندو هو ڄڻ هن مون تي لکي آهي شاعري، اڳئين دوُر جا شاعر انقلابي شاعريون ڪندا هئا، مگر مونکي ان جهڙو ڪو بـه شاعر هن دوُر ۾ نظر نٿو اچي،  ڇو جو  اڄ ڪلهـه جا شاعر بس نـه ڪافي جي خبر هوندي اٿن نـه بهر وزن جي، مڙئي شاعري ڪري پوءِ پئيسن تي گيت چورائيندا آهن جيڪو تمام بلڪي مان چوان ٿو انتهائي غلت عمل آهي انهي سان سنڌي موسيقي کي وڏو ڌڪ ٿو رسي، ليڪن اڄ بـه ڪجهـه اهڙا شاعر آهن جيڪي استاد بخاري شيخ اياز ، جون سڪون لاهيندا آهن جئين عبدالغفار تبسم، انور قمراڻي، معزم فقير جهڙا شاعري جنهن جي هر نئي شاعري جي اچڻ تي ماڻهون بي صبري سان انتظار ڪندا آهن.

سوال: توهان جو نالو زاهد کان ٻالڪ سنڌي ڪيئن پيو؟
جواب: انسان 14  سالن تائين ٻار هوندو آهي ۽ انهي دوُران جي عمر واري ٻار کي ٻالڪ چوندا آهن مان جڏهن ننڍو هئس ۽ استاد بخاري ۽ استاد منظور سخيراڻي سان گڏجندو هئس تـه هو مونکي ٻالڪ چوندا هئا ڇو جو مان ان وقت 11 سالن جي عمر جو هئس. جڏهن مان ان ننڍي عمر جو هئس تـه مان  تمام گهڻا قومي گيت ڳائيندو هئس، هڪ ڏنهن هڪ محفل ۾استاد بخاري ۽ استاد منظور ٻئي گڏ هئا اتي مان قومي گيت ڳايو، ان تي استاد بخاري ڏاڍو خوش ٿيو، جنهن تي استاد بخاري ۽ استاد منظور سخيراڻي ملي ڪري منهنجو نالو ٻالڪ سنڌي رکيو جيڪو اڄ تائين منهنجي سڃاڻپ آهي.
سوال: سنڌ حڪومت سنڌي موسيقي تي ڪهڙو ڪم ڪري ٿي؟ڇا توهان ان مان مطمعين آهيو؟؟
جواب: بلڪل بـه نـه، ڇو جو اڄ ڪلهـه سفارشي دوُر اچي ويو آهي، فنڪارن کي سفارشن تي ايوارڊ ملن ٿا، ڪڏهن هنن کي بيسٽ سنگر ايوارڊ تـه ڪڏهن ڪهڙا ايوارڊ ٿا ملن،  مگر جنهن فنڪار سڄي عمر سڄي حياتي هن موسيقي کي ڏني اهو اڄ بـه بک ٿو مري مگر جيڪي فنڪار ڪنهن منسٽر جا مائيٽ آهن، اهي ايوارڊ کنيو ٿا وڃن، اتري قدر جو اسان جهڙن فنڪارن کي هاڻي صقافت کاتي طرفان رکايل پروگرامن ۾ دعوت بـه نٿي ملي، انهي جي ڪري اسان جهڙا فنڪار موسيقي کان الڳ ٿيندا ٿا وڃن جنهن فنڪار جو نالو ڳوٺ ۾ بـه ناهي انهن کي سفارش تي فنڊ بـه ملن ٿا، انهن کي حڪومت طرفان سهائيتا بـه ملي ٿي مگر افسوس جي ڳالهه آهي تـه استاد محمد جمن جهڙا امر فنڪار بـه بک وگهيو مرن ٿا ۽ مونکي لڳي ٿو اگر ڪجهه سالن تائين اهو ساڳيو حال رهيو ته مونکي انتهائي ڏک سان چوڻو ٿو پئي ٿو  تـه اسان سنڌ جي موسيقي ختم ٿي ويندي، ۽ سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو موسيقي آهي، اگر اها ختم ٿي وئي تـه اسان جي ڌرتي ۾ سنڌي ٻولي بـه ختم ٿي ويندي.

سوال: سنڌي موسيقي جي لاءِ سنڌي ميڊيا جي ڪردار مان مطمعين آهيو اوهان؟
جواب: جڏهن سنڌي چينل نـه هئا تـه ان وقت سرڪاري ٽي وي هوندي هئي، انهي تي اگر ڪو سنڌي گانو هلندو هو تـه گهر ڀاتي سڀ ڪم ڪار ڇڏي اهو گانو ٻڌندا هئا، ۽ هڪ دفعو اگر سرڪاري ٽي وي ۾ ڪو گانو هلندو هو تـه ماڻهون ان فنڪار کي وڏي چاهـه سان انهي کي پنهنجي محفلن ۾ گهرائيندا هئا، بعد ۾ جڏهن سنڌي ميڊيا جو وجود پيو تـه اسان اڃا ويتر خوش ٿياسين تـه هاڻي وڌيڪ نوان نوان فنڪار ايندا، شروع شروع ۾ سنڌي چينل اهو اصول معتارف ڪرايو تـه سُر ڪنهن جي ڪاپي ٿيل نـه هجي، شاعري ڪنهن جي ڪاپي ٿيل نـه هجي، پنهنجا سُر هجن، پنهنجو ڌُن هجي، نت اهو گانو ٽي وي تي نـه هلايو ويندو هو، مگر آهستي آهستي اهي اصول روزي روٽي ۾ تبديل ٿيندا ويا، ۽ هاڻي اهي اصول نالي ماتر بـه نـه رهيا، اڄ ڪلهه سنڌي ميڊيا ڪمائي جا اڏا ٿي ويا آهن، سُر ڪهڙو به هجي، تال ۾ گانو هجي نـه هجي، بس پئيسه ڏيو ۽ پنهنجي پسند جي وقت گانو هلايو پوءِ ڪنهن کي پسند هجي بـه يا نـه، انهي جي ڪري نوان شوق رکندڙ فنڪار پنهنجو گانو ”ٽي وي“ تي هلائڻ لاءِ پنهنجون ٻنيون وڪڙندا آهن، ڍور ڍڳا وڪڻدا آهن، کوڙ سارا مان اهڙا فنڪار بـه ڏيٺا جيڪي مزدوري ڪري پئيسه ڳڏ ڪري پنهنجو گانو ”ٽي وي“ تي هلائندا آهن، انهي جي ڪري افسوس سان چوڻو ٿو پئي تـه اسان جي سنڌي چينلن جو ڪردار تمام مايوس ڪندڙ آهي.

سوال: نوان کندڙ نوجوانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي انهن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: اڄ ڪلهـه جديد دوُر اچي ويو آهي، ڪمپيوٽر جو دوُر آهي، کا سکيا ڪانهي ڪا تربيت ڪانهي اچن ٿا گيت ڳائين ٿا، پوءِ ٿيندو اهو آهي تـه جنهن سڄي عمر راڳ کي ڏني آهي اهو بـه فنڪار تـه جنهن هڪڙو ڪلام ڳايو تـه اهو بـه فنڪار آهي. اسان وٽ اهو الميو آهي تـه اسان تمام بي صبرا آهيون اسان چاهيندا آهيون تـه هڪ ڏنهن ۾ راڳ سکون ٻي ڏينهن فنڪار ٽين ڏينهن ماڻهون اسان کان آٽوگراف وٺن، مگر ڪاميابي ماڻڻ لا۽ ائين ناهي ٿيندو، اسان جا فنڪار پنهنجي مشهوري لاءِ ڳائيندا آهن، مگر انهن کي موسيقي جي اهميت جي خبر ناهي تـه موسيقي ڇا آهي، ان جا ڪترا قسم آهن، سُر ڇا آهن، سنگيت ڇا آهي اهي شيون ڄاڻڻ ضروري آهن، نوان سکندڙ پهريان موسيقي جي اهميت سمجهن، تـه موسيقي آهي ڇا.؟ پوءِ ڪنهن سٺي استاد کان تربيت وٺن جئين ڪو ڪلام ڳائين تـه انهن کي خبر هجڻ هگرجي تـه اهو ڪهڙي قسم جو ڪلام آهي، انهن ۾ ڪهڙا سُر آهن، اهي سڀ ڄاڻن پوءِ ڀلي اچي ڳائين.