Showing posts with label سنڌي. Show all posts
Showing posts with label سنڌي. Show all posts

Tuesday, 19 September 2017

Nadir Mugheri interview نادر علي مغيري

 Make sure the topic is approved. Otherwise it will not be considered.
U should write personality name, ur name and category of writing at the top. Also write roll number, class, semester and date.
First question should be made introduction.  Not as question.
By Sadam Solnagi
 صدام

س: اوهان جو مڪمل تعارف؟
ج: منهنجو نالو نادر علي مغيري آهي، مان بنيادي طور هڪ انجنيئر آهيان. بي اِي مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد جڏهن روزگار سانگي ڪراچي ويس ته پاڪ سوزوڪي موٽرز ڪمپني ۾ جونيئر انجنيئر طور نوڪري ملي وئي. ڊيوٽي جي ٽائمنگ گهڻي ۽ پگهار گهٽ هوندي هئي. ڪجهه ئي مهينن بعد هڪ انگريزي اخبار ۾ ٽرانسليٽر جي نوڪري جو اشتهار آيو. مون به کڻي درخواست ڏني. ٽيسٽ ۽ انٽرويو بعد مونکي سٺي پگهار تي رکيو ويو. اهڙيءَ طرح صحافت ۾ اچي ويس ۽ پوءِ صحافت جو وڌيڪ شوق ٿيندو ويو. مون به باقاعدگيءَ سان صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 2005ع ۾ مون سوچيو ته جيڪڏهن صحافت ۾ اڳتي وڌڻو ئي آهي ته پوءِ ان جي لاڳاپيل ڊگري به ضروري آهي، انهيءَ ارادي سان مون وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ 2005ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ داخلا ورتي. 2006ع ۾ سنڌ ٽي وي نيوز لاهور ۾ بيورو چيف جي پوزيشن جو اشتهار ڏنو ويو، مون سميت گهڻن دوستن اپلاءِ ڪيو. ٽيسٽ ۽ انٽرويو بعد مونکي سنڌ ٽي وي نيوز جو لاهور ۾ بيورو چيف مقرر ڪيو ويو. مون سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ لاهور ۾ 5 سال ڪم ڪيو ۽ سال کن اسلام آباد ۾ به ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن بعد ڪراچي اچي روزنامه امت جوائن ڪيم. تقريبن سال ڪم ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ پي آر او جي پوسٽ مشتهر ٿي، جنهن ۾ مونکي ڪاميابي ملي ۽ جولاءِ 2012 کان هتي پبلڪ رليشنز آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهيان.
س: صحافت ۾ اچڻ جو شعور ڪيئن پيدا ٿيو ۽ ان جي شروعات ڪٿان ڪئي؟
ج: اوهانکي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان بنيادي طور هڪ انجنيئر آهيان. اِنڊور جاب کان تنگ ٿي هڪ اخبار جوائن ڪيم. صحافت ۾ ڪم دوران ايڏو ته مزو آيو جو منهنجو ڪيريئر ئي صحافت بڻجي ويو. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن دل شدت سان چوندي آهي ته پي آر او طور يونيورسٽي ۾ ڪم ڪرڻ بعد شام جو صحافت ڪريان. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪنهن به نوڪريءَ ۾ ايمانداري سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏجي ته ڪاميابي پاڻ ئي قدم چمندي آهي. 2009ع ۾ مون اهو پڪو پهه ڪيو ته مونکي ڪنهن عالمي نشرياتي يا خابرو اداري ۾ ڪم ڪرڻو آهي، ٻن سالن جي جدوجهد بعد 2011 ۾ مونکي صحافتي مٽا سٽا پروگرام ذريعي آمريڪا جي معتبر ترين اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ هڪ مهيني لاءِ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي مقصد سان سچا آهيو ته اوهانکي ڪاميابي يقينن ملندي.
س: توهان جي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ بعد پي آر سيڪشن ۾ ڪا تبديلي آئي؟
ج: جي ها بلڪل! مون واضح تبديلي آندي آهي. يونيورسٽي جوائن ڪرڻ بعد سڀ کان پهريان مون ڪم ڪرڻ جا روايتي طريقا ختم ڪري انهن ۾ نواڻ آندي، شاگردن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي يونيورسٽي بابت ترت ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جو به گهڻو استعمال يقيني بڻايو. يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي اڳ ۾ صرف سرڪيولر جيئن جو تيئن پوسٽ ڪيا ويندا هئا، مون انهن سرڪيولرز ۽ نوٽيفڪيشنز کي نيوز فارميٽ ۾ آڻي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي موڪلڻ شروع ڪيو. ويب سائيٽ کي سٺي انگريزيءَ ۾ اپڊيٽ ڪرڻ جي شروعات ڪئي. يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مون سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي سنڌي ۽ اردو ۾ خبرون متعارف ڪرايون. ان کانسواءِ فيس بوڪ تي يونيورسٽي جي نالي سان پيج تيار ڪيم، ٽوئيٽر ۽ لنڪڊ اِن تي يونيورسٽي جا اڪائونٽ ٺاهيم، پنهنجي مدد پاڻ تحت يونيورسٽي آف سنڌ جي نالي سان ورڊ پريس تي هڪ بلاگ به تيار ڪيم، حقيقت ۾ هي سڌارن طرف هڪ اهم وک آهي. انهيءَ سڄي ڪوشش جو مقصد صرف اهو آهي ته يونيورسٽي جو اميج بهتر ٿئي ۽ يونيورسٽي جي تعليمي، تحقيقي، راندين ۽ ٻين هاڪاري سرگرمين بابت ماڻهن کي بروقت ڄاڻ مهيا ڪري سگهجي.
س: موجوده صحافت تي ڪرپشن جا الزام آهن، ان بابت اوهانجي ڇا راءِ آهي؟
ج: حقيقت ۾ صحافت دکي انسانيت جي خدمت جو نالو آهي. يعني جڏهن ڪنهن معاشري ۾ انتشار وڌي وڃي يا ماڻهو ڏاڍن ۽ حڪمرانن هٿان پيڙجندا هجن، تعليم نه هجي، ماڻهن کي بنيادي حق نه ملندا هجن، رياستي زيادتيون عام جام هجن، اتي صحافت جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. صحافت صرف اها ناهي ته اوهان خبر فائيل ڪري اها اخبار ۾ لڳرايو يا ٽي ويءَ تي هلرايو ۽ اوهانجو ڪم ختم..... پر صحافت هڪ مقصد جو نالو آهي، زيادتين خلاف موثر آواز اٿارڻ جو نالو آهي، صحافت ماڻهن کي پنهنجن حقن لاءِ سڄاڳ ڪرڻ جو نالو آهي. تنهن ڪري صحافت تي ڪرپشن جا الزام ڪيئن لڳائي سگهجن ٿا. ها صحافت ۾ ڪجهه فرد خراب ٿي سگهن ٿا، ڪرپٽ به ٿي سگهن ٿا پر ان جو اهو مطلب نه هئڻ گهرجي ته ڪا صحافت خراب آهي. ڪرپٽ ماڻهن جي صحافت ۾ جاءِ نه هئڻ گهرجي، سندن محاصرو ضروري آهي.
س: اوهان مستقبل ۾ هن اداري جي بهتريءَ ۽ سڌارن لاءِ ڪهڙا قدم کڻندا؟
ج: ڪوشش آهي ته سنڌ يونيورسٽي جو اميج بهتر کان بهتر ٿئي. مستقبل قريب ۾ ايس ايم ايس سروس شروع ڪرڻ جو پروگرام آهي، جيئن ئي ڪو ايونٽ ٿئي ته اهو ماڻهن تائين موبائيل پيغام ذريعي سِگهو پهچي وڃي، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه موبائيل فون جو استعمال عام جام آهي. ڄاڻايل سروس مفت فراهم ڪئي ويندي ۽ ان جي حاصلات لاءِ ماڻهن کي پنهنجي موبائيل فون تي سبسڪرائيب ڪرڻو پوندو. ان کانسواءِ واٽس ايپ تي اسانجي جيڪا سروس جاري آهي، انکي وڌايو ويندو. سڀ کان اهم هدف اهو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي پبلڪ رليشنز سيڪشن کي ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنز ۾ تبديل ڪجي، ڇاڪاڻ ته هتي هاڻي ڪم وڌي رهيو آهي. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جو الميو اهو آهي ته هتي پي آر سيڪشنز کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي، پر حقيقت ۾ اڄ جي ڪارپوريٽ دنيا ۾ صحافت جي ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ خودڪشي برابر آهي.
س: اسانجي معاشري ۾ تعليم جي اهميت ڇو گهٽجي وئي ۽ تعليمي ادارن خاص طور يونيورسٽين مان ميرٽ ڇو ختم ٿي وئي آهي؟
ج: (مسڪرائيندي) آئون ته اهو چوندس ته اسانجي معاشري ۾ اڄڪلهه تعليم جي اهميت وڌي رهي آهي. ماڻهن آخرڪار محسوس ڪري ورتو آهي ته تعليم بنا ترقي ممڪن ناهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تعليم جو رجحان حال ۾ وڌيڪ آهي، اڄڪلهه چٽاڀيٽي به وڌي وئي آهي. باقي رهي ڳالهه ميرٽ ختم ٿيڻ جي ته ان لاءِ آئون اهو چوندس ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سياست کي ملوث ٿيڻ نه ڏنو وڃي، هڪ مخصوص گروپ کي سپورٽ ڪرڻ بجاءِ هڪجهڙيون پاليسيون هئڻ گهرجن. ملڪ جي سمورن يونيورسٽين جي سربراهن جي ڪارڪردگي تي چيڪ هئڻ گهرجي، جنهن لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽيون هئڻ گهرجن. وي سيز جي ڪارڪردگي مانيٽر ڪرڻ بعد هر ٽن مهينن ۾ هڪ جامع رپورٽ گورنر، وزيراعليٰ، هيڪ چيئرمين ۽ وزيراعظم کي موڪلڻ گهرجي. پسند ۽ ناپسند توڙي متڀيد رويا رکندڙ يونيورسٽين جي ڪسٽوڊينز کان سختي سان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. آفيسرن ۽ استادن جي ڪارڪردگي تي به سخت نظر هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ملڪ جي يونيورسٽين کي ترقيءَ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. بهرحال سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسيلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻيءَ جي قيادت ۾ ترقيءَ طرف گامزن آهي.
س؛ اوهان نوڪري ۽ ڪاروبار ۾ ڪهڙو فرق محسوس ڪريو ٿا؟
ج: ادا! نوڪري هجي يا ڪاروبار... ماڻهوءَ ۾ اهليت هئڻ ضروري آهي. اهليت يا مهارتون تڏهن اينديون جڏهن اوهان محنت ۽ لگن سان سٺي تعليم پرائيندا. پهرين ڳالهه اها آهي ته ٻار کي ان جي ذهن موجب تعليم جا موقعا ملڻ گهرجن، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته سندس ڪيريئر جو سمجهو ته اڌ مسئلو حل ٿي ويو. جيستائين ڪاروبار جو تعلق آهي ته ان لاءِ اوهان وٽ پئسا هئڻ ضروري آهن باقي نوڪري جيڪڏهن وٺڻي آهي ته اوهان محنت ڪريو، پنهنجو هڪ هدف ٺاهيو، ان تحت اڳتي وڌو ته گهربل نوڪري آرام سان اوهان کي ملي ويندي.
س: شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڪو پيغام؟
ج: منهنجو پيغام اهو آهي ته اوهان پنهنجي مقصد سان سچا ٿيو، والدين، وڏن ۽ استادن جي عزت ڪريو ۽ خوب پڙهائي ڪريو، مونکي قوي اميد آهي ته اوهان هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندا. 



Saturday, 7 November 2015

Dr Farah baloch Interview by Shahbaz Shafi

 Dr Farah baloch Interview by Shahbaz Shafi
Interview Assignment
                                                            شہباز شفيع
                                                              2k14/MC/90
تحارف
هڪ ڀلوڙ ليکڪا ۽ استاد ڊاڪٽر فرح بلوچ 1 آگسٽ 1966ع تي شڪارپور ضلعي ۾ جنم ورتو پاڻ پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي مئٽرڪ ۽ انٽر شڪارپور مان ڪئي پوءِ بي اي آٽس ۽ (ايم اي سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان حاصل لئي ۽ پاڻ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ميڊم هينئر سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرار طور سندس خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي.

سوال (1)    سنڌي شعبي ڏانهن اچڻ اوهانجو شوق هيو يا اتفاق؟
جواب        سنڌي ادب سان لڳاءُ شروع کان ئي هيو پوءِ اهو لڳاءُ ڏينهون ڏينهون وڌندڌ ويو ۽ انهي شوق جي ڪري (ايم اي سنڌي) ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي ڪئي.

سوال (2)     ادب يا شاعري جي حوالي سان اوهان وٽ ڪاريسرچ هلي رهي آهي؟
جواب         اد يا شاعري جي حوالي سان اسان وٽ ڪاخصوصي ريسرچ ته نه هلي رهي آهي پرجيڪي (ايم جل ۽ پي ايڇ ڊي) جا شاگرد مختلف ٽاپڪن تي ريسرچ ڪري رهيا.

سوال (3)      هڪ استاد جون علمي ۽ ادبي ڪهڙيون ذميواريون آهن؟
جواب     جيئن ته توهان ٻڌو هوندو ته استاد هڪ روحاني پيءَ آهي استاد شاگرد جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ۽ انهي جي تربيت به ڪري ۽ جيستائين علم ۽ ادب سان شوق نه هوندو ته اهو استاد ئي نه چورائيندو.

سوال (4)       اوهان جي نظر ۾ قومن جي واڌ ويجھ ۽ ترقي لاٰ ادب ۽ ٻولي جو ڪهڙو ڪدار آهي؟
جواب    ٻولي هڪ خيالن جو اظهار آهي ۽ ھميشه اها قوم ترقي ڪندي آهي جنهن جي ٻولي تاحيات جيئري هجي نه صرف ٻولي پر ادب ڇو جو ٻولي ۽ ادب ٻه ڦيٿا آهن جن جو گڏ هلڻ نهايت ئي ضروري آهي ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ واڌ ويجھ 
جي لاءِ


سوال (5)   ڪهاڻي ڇا آهي ۽ هن وقت ڪهاڻي گهٽ ڇپجڻ جا سبب ڪهِا آهن؟
جواب     ڪهاڻي ٿيندي آهي پڙهڻ سان هينئر ونجوانن ۾ پڙهڻ وارو خيال تمام  گهٽ جي ويو آهي ۽ انهي جي لاءِ ڪهاڻي لکڻ ڏانهن به توجھ گهٽ جي وئي آهي.

سوال (6)   هن وقت سنڌي ڊرامن ۾ رڳو هٿيارن جي ويڙھ ڏيکاري ٿي وڃي انهي حوالي سان توهان جي ڇا عاءِ آهي؟
جواب    اسانجو ڪلچر هٿيارن وارو هرگز ناهي الائجي ڇو اهي ٽي وي پينل وارا اهو ڪلچر پيا ڏيکارين ائين ٿي سگهي ٿو ته ڏسڻ وارا ان ناهي رڳو هٿيارنه ٿا پيکاريا وڃن ان سا گڏ اسان جو ڳوٺاڻو ڪلچر ۽ شهري ڪلچر به آهي پر اها ڳالھ ضروري آهي ته هٿيارن واري ڪلچر کي فوڪس نه ڪيو وڃي ان بدران اسانجي سنڌ جي تاريخ ڳوٺاڻي زندگي، ٿري ڪلچر، وچولي طبقي جون گهريلوڪهاڻيون، رومنس، يونيورسٽي وارو ماحول، گهريلو مسئلا، اسڪول جا مسئلا جيڪا اڄ ڪلھ ڳوٺاڻي ڪلچر جو حصو آهن سنڌي چينل اسانجي سنڌي ڪلچر جو آئينو آهن ۽ ڏسڻ وارو آئينو ضرور ڏسندو آهي ۽هميشه سٺو ڏسڻ سان اسان ۾ سٺيون خوبيون اينديون ۽ ذهن سٺو سوچيندو.

سوال (7)   موجوده حالتن ۾ اوهان سنڌي ٻولي تي ڪهڙا خطرا محسوس ڪري رهيا آهيو؟
جواب  منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻولي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو سنڌي ماڻهن مان آهي ڇوجو اسانجي قوم ۾ هينئر نقسانقسي وڌي رهي آهي ۽ حسب واري رجهان ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.


سوال (8)       سنڌي ٻولي جي بچاءِ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا وڃن؟
جواب     آئون ان لاءِ رڳو اهو چوندس ته ٻيو ڪجھ نه پر هر سنڌي رڳو پنهنجي گهر ۾ سنڏي ٻولي ڳالهائي ته به تمام سٺو.

سوال (9)      هن وقت نوجوان نسل جو ادب ڏانهن گهٽ لاڙو هجڻ جو سبب؟
جواب    هن وقت نوجوان جو ادب کان علاڳه ڪتابن کان به دلچسپي ڪونهي جنهن جا گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا پر هن جديد دؤر ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ سوشل ميديا ڏانهن وڌندڙ رجهان انهي شي اسان جي ادب کي ڌاڍو دک پهچايو آهي.

سر: سهيل سانگي     

Friday, 6 November 2015

Jamal SHah Interview by Mohammad Hassan Samoon

Photo is required
Sir this interview assignment I already submit in hard copy but you say that send it into soft copy.
Interview Assignment
                                                         محمد حسن سمون                                                             2k14/MC/53 
سيد جمال محمد شاھ رضوي
                            (ڳوٺ غلام نبي شاھ جومالڪ)
ضلعي عمرڪوٽ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام نبي شاھ جي وارس سيد جمال محمد شاھ رضوي جيڪو سيد خاندان سان واسطو رکي ٿو جنھن جوجنم 1961 ۾ پنھنجي ئي ڳوٺ غلام نبي شاھ ۾ سيد دامن علي شاھ جي گهر ۾ ٿيو جيڪو سندس والد صحاب آهي.هن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ غلام نبي شاھ جي مين پرائمري اسڪول غلام نبي شاھ مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ عمرڪوٽ هائي اسڪول_ 1 ۾ميٽرڪ مڪمل ڪيو. وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ڪجھ خانداني مسئلن جي ڪري پر هاڻي هوُ ڳوٺ ۾زمينداري ۽ ڳوٺ جي مالڪ جي حيثيت سان ڳوٺ جي ماڻهن جي مسئلن کي سلجهائڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
سوال (1)    اوهان اڳتي تعليم ڇونه حاصل ڪري سگهيا؟ وجهه؟
جواب        مون ميٽرڪ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ميڊيڪل گروپ ۾ داخلا ورتي اڃان فرسٽ ائير مڪمل ئي نه ٿيو هيو ته بابا صاحب جي وفات ٿي وئي ۽ آئون پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس ڳوٺ ۾ اچي بابا جي رهيل زمين جي سار سنڀال لهڻ لڳس ڇاڪاڻ ته منهنجو ٻيو ڪو ڀاءُ نه هيو ان ڪري مون پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني.
سوال (2)    اوهان کي ننڍپڻ ۾ ڇا ٿيڻ جو شوق هو ۽ ڇو؟
جواب       جيئن ته مون پيري ئي ٻڌايو هو ته مون ميڊيڪل گروپ ۾ ايڊميشن ورتي هئي اهو انهي ڪري ته مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هيو ۽ منهنجو خيال هو ته ڊاڪٽر ٿي ماڻهن جي خدمت ڪريان پر بابا صاحب جي وفات جي ڪري شوق پورو نه ٿي سگھيو پر هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت نه پر ڳوٺ جي مالڪ جي حيثيت سان آئون ڪوشش ڪندس ته ڪجھ ڀلو ڪريان.
سوال (3)   هن ڳوٺ جي تاريخ جي حوالي سان اسان کي ڪجھ ٻڌايو؟
جواب      جيئن ته مون کي هن ڳوٺ جي تاريخ جي اتيري ڄاڻ نه آهي پر ڪجھ وڏن کان ٻڌل آهي ته هي ڳوٺ تمام پراڻو آهي، اسان جا وڏا جڏهن اتي آيا ته هي سڄو جهنگ هيو ۽ هتي ڪارو علم وغيره ٿيندو هيو. اسان جا وڏا جڏهن اتي آيا ته انهن سان گڏ جي قوم ميان به هيا ۽ ڪنڀر به هيا ۽ اسان پهين رهائش اتي لئي جتي هينئر غلام نبي شاھ جي عيد گاھ آهي. بعد ۾ انهن جهگلي ماڻهن سان مقابلو ٿيو انهن کي نيٺ ڀڄائي ڪڍيو ويو بعد ۾ اسان سيد اتي انهي ڳوٺ ۾ رهيا سين ۽ ميان وڃي کنڀري ۾ رهيا. ڪجھ ڪنڀر اسان سان گڏ رهيا ۽ ڪجھ ميان سان گڏ وڃي کنڀري لڏي ويا  جيڪي اڃان تائين اتي کنڀري ۾ رهن پيا. ۽ اسان سان گڏ رهندڙ ڪنڀر به اڃان تائين اتي موجود آهن. بعد ۾ آهستي آهستي ٻيون ذاتيون به انيديون ويون ۽ اهڙي نموني پورو جهنگ هڪ آباد ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو.
سوال (4)     هن ڳوٺ تي غلام نبي شاھ جو نالو ڪيئن پيو؟
جواب         غلام نبي شاھ منهنجي پڙ ڏاڏي جو نالو آهي جيڪو پهرين پهرين هن ڳوٺ ۾ آيو هيو تنهن ڪري هن ڳوٺ جو نالو به ان جي نالي جي ڪري غلام نبي شاھ رکيو ويو.
سوال (5)     هڪ ڳوٺ ۾ ڳوٺ جي مالڪ جو ڇا ڪردار هوندو آهي؟
جواب         ڳوٺ جي مالڪ جو اصل ۾ اهم ڪردار اهو هوندو آهي ته هو ڳوٺ جي لاءِ ڪجھ ڪرڻ جو سوچي هر لحاظ کان ۽ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ مسئلن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري.
سوال (6)     ڳوٺن جا ڪهڙا مسئلا آهن؟
جواب         ڳوٺن ۾ ڏٺو وڃي ته سڀ کان پهرين جيڪو وڏو مسئلو آهي اهو آهي صحت ۽ تعليم جو اگر هو بهتر ٿي وڃي ته اهڙا ٻيا مسئلا ٿيندا ئي ڪونه. منهنجي نظر ۾ ته هڪ ڳوٺ ۾ اگر سٺو صحت  جو مرڪز هجي جتي غريبن لاءِ ڪجھ سهولت هجي ننڍين ننڍين بيمارين جي حوالي سان ۽ تعليم جي لحاظ کان ته هڪ ڳوٺ ۾ تعليم جي ايتري سهولت هجڻ کپي جو هر ڪو غريب توڙي امير پنهنجي شروعاتي تعليم اتان ڳوٺ مان حاصل ڪري سگهي ڇو ته امير ماڻهو ته ٻي شهر ۾ به تعليم حاصل ڪري وٺندو پر غريب ڪٿان حاصل ڪندو، صرف ايترو هجڻ کپي وڌيڪ ڀلي نه ته غريب توڙي امير پنهجي شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪري.
سوال (7)         انهي کان علاوه ٻيا ڪهڙا مسئلا آهن ڳوٺ ۾؟
جواب             ٻيا مسئلا ته ڳوٺ ۾ سٺو نظام هجڻ کپي روڊ رستن جي حوالي ته آمد رفت  ٿئي ماڻهو اگر ٻي هنڌ وڃن ته انهن کي پريشان ٿيڻو نه پوي.
سوال (8)         اهڙا به مسئلا هوندا آهن ته ڪن ٻن ڌرين ۾ جهيڙو يا تڪرار جي حوالي سان؟
جواب            ها اهڙا به مسئلا ڪافي سارا سامهون اچي چڪا آهن جيڪي ڪنهن ننڍي ڳالھ تي جهيڙي يا تڪرار جي شڪل ٿي وڃن ٿا.
سوال (9)         انهن مسئن کي حل ڪرڻ ۾ ڪير 
 Role play ڪندو آهي؟
جواب             انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گهڻو تڻو ڳوٺ جو مالڪ ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته هي مسئلو هن  جي ئي ڳوٺ ۾ ٿيو آهي ۽ سوچيندو آهي ته هن جي ڪري ٻيا نه ٿين.
سوال (10)        انهي کان علاوه ٻيو ڪير Role play ڪندو آهي؟
جواب             ڳوٺ جي مالڪ کان علاوه ڳوٺ جون معزز شخصحتون به سٺو ڪردار ادا ڪنديون آهن مسئلو حل ڪرڻ ۾.
سوال (11)        ڪو تڪراري جهيڙي وارو مسئلو اوهان جي نظر ۾ ڪيئن حل ڪيو ويندو آهي؟
جواب             آئون اهو چاهيندو آهيان ته ٻئي ڌريون هڪ ٿي وڃن ڇاڪاڻ ته اگر هڪڙي کي صحيح سمجهي ٻي کي ڏوهي ڪيو ويو ته هو ڏوهي دل ۾ ڪندو تنهن ڪري آئون اهو چاهيندو آهيان ته ٻئي ڌريون هن ڪاوڙ يا جهيڙي کي ختم ڪري هڪ تي وڃن ۽ وري ٻيا اهڙا مسئلا نه ٿين اهڙي نموني تقريبن سڀ فيصلا ڪامياب ويا آهن.
سوال (12)        ڪو اهڙو مسئلو جيڪو اوهان کان حل نه ٿيو هجي؟
جواب             نه مون کي اهڙو ڪو مسئلو ياد نه آهي ته مون کي حل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هجي ڇاڪاڻ ته آئون هر مسئلو انهي طريقي سان سلجهائيندو آهيان جيڪو طريقو مون پهرين ٻڌايو ۽ ڪوشش اها هوندي آهي ته ٻئي ڌريون پرچي وڃن هڪ ٿي وڃن.
محمد حسن سمون                                                             
Roll No. 2K14/MC/53                                                                         This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi                                                                  

Wednesday, 4 November 2015

ڊاڪٽر ولي محمد عباسي


فريال عباسي
رول نمبر: 
2k14/MC/119 
چوندا آھن  موتي تہ هزار پر ڪوئينور جهڙو موتي قسمت سان هي ملي ايئن ئي ڊاڪٽر ولي محمد جنهن پنهنجي سموري زندگي غريب هاري ۽ شاگرن جي مدد ڪئي ۽ سچائي جو ساٿ ڏنائي.
پنهنجي ننڊڙي شھر دڙي ۾ مڇي ماني واري فيملي سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڪلاس ۾ ۽ اڳتي هلي پوري ضلعي جي اسڪولن ۾ ٽاپ تي رهندڙ ٻارڙي کي پنهنجي گڏيل خاندان واري گهر مان اخبار ادب ۽ تاريخ پرهڻ لا۽ ماحول ۽ حوصلو بہ مليو سندس وڏو ڏاڏو مرحوم حاجي ولي محمد عباسي مذھبي گهراڻي جو فرند هوندي بہ سندس پنھنجي وڏي پٽ نوراحمد عباسي کي انگريزن جي دور ۾ پڙهڻ جي لا۽ بمبئي يونيورسٽي موڪليو ۽ گريجوئٽ بڻايو ۽ هو شايد هندن توڙي مسالمانن مان دڙي شھر جو پهريون  گريجوئٽ ھو


 جڏھن واپار ۽ تعليم هندن ۾ زياده هوندي هئي ۽ سندس ننڊي چاچي غلام مصطفيٰ عباسي پهريون ماڻهو هو جنهن دڙي شھر ۾ ھڪ لائبرري کولي جنهن ۾ مذھبي ، انگريزي ، تاريخي ڪتاب بہ پڻ شامل هئا ، جنهن جي ڪري ڊاڪٽر ولي محمد  کي گهر ۾ پيل ڪتابن مان پڻ گهڻو فائدو مليو ۽ بيسٽ ريڊر جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين جيڪو ها۽ اسڪول جي ريڪارڊ ۾ اڄ بہ موجود آھي . سندس ڪتابن جو مطالعو ۽ سندس وڏن خاص ڪري نوراحمد عباسي وڏھرڪي ۽ ڊڪٽرشپ خلاف جهدوجهد ڪئي ۽ انهن مان اٿسه (انسپاريشن) وٺڻ سبب هن ها۽ اسڪول جي زماني کان ئي ٺٽي ضلعي خصوصي طور بٺوري تعلقي ۾ انتهائي سرگرم ٿيو ۽ معيار جي لحاظ کان شاندار تنظيم عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي مظلوم عوام لا۽ شاگرد ۽ ھاري محاظ تي سرگرم رهيو.
ڊاڪٽري پڙھڻ دوران شاگرد محاظ تي انتهائي ذميواري سان ڪم ڪيو ۽ سمورو عرصو  (ايس.ايس.ٽي) جي مختلف مرڪزي عهدن کي نڀائيندي سڄي سنڌ ۾ سرگرم رهيو 1983 واري (ايم.آر.ڊي)  تحريڪ ۾ گرفتاري پيش ڪيائين ۽ ھڪ مهينو نارا جيل ۾ شھيد فاضل راهو ۽ ٻين سياسي قيدين سان گڏ رهيو (ايم.آر.ڊي ) تحريڪ جي شروعات ۾ ئي کيس ٻين ڪجھ ساٿين سان گڏ فوجي ڪورٽ ھڪ سال قيد سزا ڏني جيڪا نارا ۽ سکر جيلن ۾ ڪاٽي پوري ڪئي جيلن ۾ سنڌ جي شھيد سياسي رهنمائن سان سنس ڪچهريون بحث مباحثا رهيا .


پاڻ جيلن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪن جي تعليمي شعبي اسٽڊي سرڪل جي انچارج طور مثالي ڪم ڪيا ۽ کيس ساٿين ۾ وڏي اعزت  ۽ مڃتا ملي . عملي زندگي ۾ اچڻ کانپو۽ بہ سندس مطالعو ۽ علمي ترتيب ڏيڻ وارو سلسلو جاري رهندو اچي.
ساڻن جيلن ۾ گڏ رهندڙ  ( پ.پ) جا اڳواڻ   وڏيرا يا ڊاڪٽر اسمائل اڍيجو جهڙا مڊل ڪلاس ماڻهو جڏھن منسٽر ٿيا تڏهن بہ هو سيڙجي پنهنجي ذاتي ڪم يا مفاد ماڻڻ لا۽ ڪنهن سان ملڻ نہ ويا ۽ اڄ تائين پنهنجي ضمير تي داغ اچڻ نہ ڏنائين سندس علمي ، ادبي ۽ سياسي شاگرد تمام وڏي تعداد ۾ آھن ۽ اڄ تائين هو انهن لا۽ قابل فخر استاد ۽ اڳواڻ جو درجو رکي ٿو

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi    

African students of Sindh University

It is too short. at least 600 to 700 words required.  Intro is too formal. make it interesting.  some stories, incidents, number of students,  their countries, class, why they prefer to come here at sindh uni,  their social life here in sindh, festivity etc.  How they are in studies?  some girls are also there . issues problems they face
سنڌ  يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ آفريقي شاگرد
راجيش ڪمار
سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف رنگ نسل جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪجهه گورا، ڪجهه ڪارا ڪجهه قد جا ننڍا ۽ ڪي وڏا ، اتي ڪجهه ٻين کانشاگرد جيڪي رنگ ۽ قد جي ڪري مختلف نظر اچن ٿا ۽ جسم جي لحاظ کان هتان جي ماڻهن کان بلڪل مختلف آهن، انهن  جو رنگ ڪارو چپ ٿلها ڪنهن جي اکين جا ڀِرو وڏا ڪي ٿلها ڪي بلڪل سنها اُهي آهن آفريقي شاگرد .
اهي ڪپڙا به مختلف قسم جا پائيندا آهن، ڊگهيون قميصون جيڪي ڪلهن کان وٺي پيرن تائين پيون لڳنديون آهن. ۽ ڊگهيون شرٽون ۽ پينٽون به  مختلف پٽا پٽي رنگن واريون جيڪي عجيب لڳنديون آهن. ۽ هم نسل آفريڪي شاگردياڻيون پڻ پينٽون شرٽون پائنديون آهن ، اڪثر ڪري اهڙيون پينٽون جيڪي گوڏن کان ڦاٽيون پيون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي کلائڻ جو موقعو ڏيندا آهن، هي اڪثر ڪري  هاسٽل ۽ سوسائٽي ۾ رهندا آهن ڇاڪاڻ جيڪو جتي سهولت سمجهي.


ائين منهنجي هڪ آفريقي شاگرد سان ماني کائيندي ڪچهري ٿي پهرين ته مون پنهنجو تعارف ڪرايو ، هن به  پنهنجو تعارف ڪرايو.  پهرين تـه مون سوچيو انگريزي ڳالهائڻ هن کان ڏاڍي ڏوکي پوندي، پوءِ ڪجهـه اڳتي پوئتي ڪري ڳالهايوسين، پر هو بـه وچ  وچ ۾ڪجهـه اردوٻولي جا لفظ پڻ  ڳالهائي رھيو ھو . ڇا ڪاڻ تـه هو  آفريڪي شاگرد هتي رهي اردو بـه سکي ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو منهنجو نالو جميل محمد آهي آئون فورٿ ائير فارميسي جو شاگرد آهيان، پوءِ مون ڳالهـه جاري رکندي هن کان پڇيو تـه اوهان هتان جي تعليمي نظام کي ڪيئن ڏسو ٿا؟؟ هن چيو مونکي هتي پڙهندي 3 سال گزري ويا آهن، ۽ ڇوٿين سال ۾ داخل ٿيو آهيان، آئون جڏهن ھتي آيوس ان وقت ٿورو گهڻو تعليمي ميارخراب هو، مطلب تـه پڙهائي صحيح هوندي هئي، پر ڪجهـه شاگردن جي ڪري ماحول خراب هو، جئين ڪڏهن ناري بازي ، ڪڏهن بائيڪاٽ ۽ ڪڏهن وري هاسٽلن ۾ فائيرنگ وغيره ، انهي ڪري ڪجهـه خوف هوندو هو پر گزريل ٻن سالن کان امن آهي ، جنهن جي ڪري پڙهائي بـه سٺي هلي رهي آهي ،   ۽ اسان کي بـه ڪو خوف ناهي رهيو، 

ائين ڪچهري ڪندي ماني دوران هن جو هم وطن اچي ويو، جنهن هن کي پنهنجي ٻولي ۾ وڏي آواز سان سلام ڪيو، پهرين کل پئي آئي مونکي ڇو جو هڪ  ته سمجهـه ۾ نـه پئي آيو ۽ وري چوڻ جو انداز بـه اهڙو هو، پوءِ پنهنجي پاڻ تي ضابطو آندو، تـه ڪٿي هنن کي غلط نـه لڳي ۽ ناراض نـه ٿي وڃن، پوء هن جي دوست سان تعرف ٿيو هن پنهنجو نالو حسين بن رفيق ٻڌايو، ۽ هو انٽرنيشل هاسٽل تي رهي رهيو هو، پوء مون هن کان پوڇيو ته اوھان کي هتي جي هاسٽل جي ماني ڪئين لڳندي آهي، هن ٻڌايو تـه اسان جڪڏهن هن ( انٽرنيشنل) ۽ ٻين هاسٽلن کي ڀيٽيون تـه هتي جي ماني سٺي آهي، ڇا ڪاڻ تـه هتي ٻـه ڪينٽينون آهن اسان جه لاءِ  ھڪ الڳ ۽  ٻي هتان جي شاگردن لاءِ الڳ آهي، ڇاڪاڻ جو هتي جا شاگرد وڌيڪ مرچن وارا ۽ مڪس مصالحن وارا  کادا کائيندا آهن، پر اسان گهٽ مرچ وارا ، ۽ گهٽ مصالحي وارا کاڌا کائيندا آهيون، مون وڌيڪ پڇندي هن کي چيو تـه اوهان کي اڪثر ڪري مون دوڪانن تي مختلف شيون  کائيندي ڏٺو آهي، جنھن ۾  ، پيٽيز، سموسـه برگر، بوتل وغيره.توھان  ماني کائيندي بـه هيتريون شيون ڪئين کائيندا آهيو. هن چيو اسان اهي شيون انهي ڪري کائيندا آهيو جئين اسان جي غذه پوري ٿي سگهي جيڪا ڪجهـه ،ماني ۾ گهٽ ملندي آهي ، ۽ ٻيو ڪجهـه اسڪالرشپ جو پئيسو آهي، تـه خرچ ڪري وٺندا آهيون، پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي وڌيڪ تعريف ڪندي هن چيو هتي جا شاگرد نـه بلڪـه  سٺا  ماڻهوآھن پر گڏوگڏ سٺا مهمان نواز  پڻ آهن، جيڪي تمام گهڻي عزت ڏيندا آهن، پر هتي جي مقامي رهواسين سان ڳالهائندي ٻولي جو مسئلو ٿئي ٿو، ۽ آخر ۾ ٻئي گبرو نوجوان الله حافظ سان ڳڏ انگريزي ۾ وري ملنداسين چئي روانا ٿيا.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

Keenjhar fishermen by Faryal

نالو: فريال عباسي 
رول نمبر:2k14/MC/119 
It is too short. we need 600 to 700 words


ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي کان ٽينهن ڪلو ميٽر مفاصلي تي آھي ۽ ملاح يا مهاڻا ڪينجهر جي ٻنهي ڪپن، ڪنارن تي رهن ٿا ، گندرا، ماڇي ۽ مهاڻا ملاح جي ذاتين سان سڃاڻا وڃن ٿا اهي ڪينجهر ۾ ٻنهي ٻيڙن ۽ لانچن ۾ مڇي ماري اها شھرن ۾ وڪڻي پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا . ڪينجهر ڍنڍ تي هفتي جا ٻہ ڏينهن تمام گهڻا سياح ، ٻاهرين ملڪن ۽ پوري سنڌ مان ماڻهو گهمڻ اچن ٿا ، مهاڻا ملاح ڪينجهر ڍنڍ سان انهن جو روح جو رشتو آھي ڇاڪاڻ تہ مهاڻا ۽ ڪينجهر هڪٻئي لا۽ لازم آهن مهاڻن جو گذر جو وسيلو ئي ڪينجهر ڍنڍ آھي ۽ ڏٺو وڃي تہ ڪينجهر جي سونهن بہ ملاح ۽ مهاڻا آھن جيڪي صدين کان آباد آھن ، نوري ڄام تماچي جو قصو جنهن جي باري ماڻهن کي خبر آھي تہ نوري بہ مهاڻي هئي ۽ تماچي جو عشق هو انهن ٻنهي جي قبر بہ ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ ئي آھي جتي ماڻھو تقريباً ڏسڻ اچن ٿا .
ڪينجهر جي مهاڻن جي زندگي تقريباً ڍنڍ ۾ مڇين مارڻ ۾ ھي گذري وڃي ٿي  اهي مڇي ماري وڪرو ڪندا آھن يا فارمن تي موڪليندا آھن جنهن جا انهن کي ڪجھ پئسا ملندا آھن انهن مان هو پنهنجو گهر هلائن ٿا ڪڏھن تہ ايئن بہ ٿيندو آھي جو مڇي گهٽ ملڻ سبب گذارو مشڪل ٿي ويندو آھي انهن کي ائين سمجهو کڻي تہ هڪ ڏينهن مڇي نہ ملي تہ گهر جو چلو بہ خالي انهن جي زندگي بہ مڇي تي هلندي آھي .
ڪڏھن بہ  ڪنهن مهاڻن ۽ انهن جي زندگي جي باري ۾ ڪونھ سوچيو آھي تہ جنهن مهاڻن کي اسين پاسي ۾ وهاڻڻ کان بڄون  ٿا اهي بہ انسان آهن اسان وانگر هي، فرق صرف اميري غريبي ۽ ذات پات جو آھي  پر سوچيو وڃي هي بہ انسان آھن ۽ اسين جيڪا مڇيون کائون ٿا اها اسان کي انهن جي ذريعي هي ملي ٿي سڄو سڄو ڏينهن پنهنجي گهر وارن کان پري پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي  محنت مزدوري ڪري مڇيون مارين ٿا ڪڏھن ڪنهن سوچيو ڪونھ جو مڇي جلهندي انهن جو ٻيرو ٻڏي پوندو آھي ۽ اهي بہ انهن مريل مڇين سان ٻڏي ويندا آھن بجا۽ انهن لکان نفرت ڪرڻ اسان کي کپي تہ اسان انهن جو شڪر گذار ڪيون جو اھي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي  اسان کي تازي ۽ سٺيون مڇيون فراحم ڪن ٿا.

Jamshoro feature

 This is not feature but article type.
What was exact ur topic? try to confine ur self within the outline of topic. Presently i do not remember ur topic. it become difficult to check it. Feature is always reporting based. Means taking view from other persons also.  Its main purpose is to entertain . there must be some stories, saying etc.
Write topic on the top, ur name roll number class, semester,year, date. Also some pix representing jamshoro

Imam Bhalai, Feature
ڄامشورو شهر جيڪو ٽن مادر علمين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجينئرنگ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، پيراميڊيڪل ڪاليج، پيپلز نرسنگ اسڪول، ايل ايم يو  ٽيچنگ اسپتال، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، سنڌالاجي، اسڪولي ۽ ڪاليجي شاگردن لاءِ نصاب ٺاهيندڙ ادارو بيورو آف ڪريڪيوليم، ان نصاف کي ڇپائي اسڪولن ۽ مارڪيٽن تائين پهچائيندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، نوجوانن کي ٽيڪنيڪل تعليم ڏيندڙ اسٽيويٽا، بهتر تعليم جي دعويٰ ڪندڙ پاڪ ترڪ اسڪول سميت ڪيترائي غير سرڪاري اسڪول، تدريسي ۽ تحقيقي ادارا موجود هئڻ ڪري ڄامشورو کي سنڌ جو دماغ سڏجي ٿو پر هتان جا رهواسي ڪيترن ئي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اهي مسئلا ڄامشوري شهر جي آبادي ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌڻ ڪرڻ پيدا ٿي رهيا آهن. انهن مسئلن ۾ مک مسئلو ڄامشوري شهر ۽ آسپاس ۾سنڌ سرڪار جي ماتحت هلندڙ ڪاليجن ۽ اسڪولن جو تعليمي نظام جو آهي جيڪو ڊانوانڊول بڻيل ۽ رحم جوڳي حالت ۾ هلي رهيو آهي.
 جيڪڏهن ڄامشوري شهر جي تاريخ ڏسجي ته اها ڪا ايتري پراڻي به نه آهي, ڄامشورو هن وقت جنهن جاءِ تي قائم آهي اتي 6 ڏهاڪا اڳ ڪا ايتري گهڻي آبادي ڪانه هئي، هتي هڪ ننڍڙو ڦاٽڪ هوندو هو. پاڪستان جي قيام بعد سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي سميت سنڌ جي ٻين گهڻ گُهرن جي ڪوششن سان هتي 50 جي ڏهاڪي دوران لياقت ميڊيڪل ڪاليج، اسپتال، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، آر بي بي ڪالوني، ايم سي پي ڪالوني ۽ ٻيا ادارا تعمير ٿيڻ ۽ انهن جون رهائشي ڪالونيون ٺهڻ سان ڄامشوري شهر اوج ماڻيو. ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ جنهن جي ڀرپاسي ۾ 1950 ڌاري هڪ پيٽرول پمپ ۽ اسلاميه هوٽل هوندا هئا، ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ جي ڏکڻ طرف ٿورو پرڀرو شورا برادري جي ماڻهن جا ڪجهه گهر هئا جن جو پاڙو ڀريا هئا اهي گهر بعد ۾ لڏي اچي ڦاٽڪ وٽ ويٺا، اهڙي طرح هي ڀريا وليج جي نالي سان روينيو رڪارڊ ۾ آيو، هن وقت پڙهيل لکيل ماڻهو هن علائقي کي ڄامشوري شهر جو صدر وارو علائقو به ڪري ڪوٺين ٿا. هن ڄامشوري واري علائقي مان هن وقت تائين سائين جي ايم سيد، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ملڪ سڪندر، حاجي صديق شورو، ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ اسد سڪندر، سيد جلال محمود شاهه، سيد زمان شاهه غلام نبي پرين شورو، نواب عبدالغني ٽالپر، پير مجيب شاهه ،ڪامريڊ سليمان ڀلائي سميت ٻيا ڪيترائي ماڻهو وفاقي توڙي صوبائي پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاءِ چونڊون وڙهي کٽيندا ۽ هارائيندا رهيا آهن. هن وقت هن علائقي سان هڪ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ٻه ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ فقير داد کوسو تعلق رکن ٿا. هن وقت ڄامشورو شهر جي مستقل آبادي اٽڪل هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته هتي سموري آبادي ۾ اڌ کان وڌيڪ پرديسي ماڻهو رهن ٿا، اهڙي طرح ڄامشوري جي آبادي ڏيڍ لک کان وڌيڪ آهي، جن ۾ شاگرد، استاد، ملازم، ڪاروباري ماڻهو، مريض ۽ ٻيا ماڻهو اچي وڃن ٿا، ڄامشورو شهر ملڪ جو اهو شهر آهي جيڪو24 ڪلاڪ کليل هجي ٿو ۽ هتي هر قوم، نسل، قبيلي توڙي هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهڻ ڪري ڄامشورو کي مني پاڪستان سڏيو ويندو آهي، هي ملڪ جو واحد شهر آهي جيڪو سال ۾ صرف نائين ۽ ڏهين محرم تي بند هوندو آهي نه ته سدائين کليل هجي ٿو ۽ هتي قومي شاهراهه، سپرهاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جو سنگم ۽ سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن هجڻ ڪري هميشه ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي.
جيڪڏهن وري ”ڄامشورو“ جي لفظي ۽ گرافيڪل تاريخ ۾ جهاتي پائبي ته ڄامشورو حيدرآباد ضلعي جي تعلقي قاسم آباد ۾ هڪ ديهه جو نالو آهي جنهن ۾ هن وقت گلستان سجاد، چانڊيا ڳوٺ، ڀٽائي ٽائون، سومرا ڳوٺ، چنا ڳوٺ ۽ ٻيا علائقا اچي وڃن ٿا. ڄام شورو شورا برادري جي چڱي مڙس ڄام خان شورو جي پٺيان سڏجي ٿو ،ڄام خان شورو اڳوڻي  تعلقي ناظم ديدار شورو جو ڏاڏو ۽ ڪرن خان شوري جو والد هو، 1965ع ۾ ڄامشورو ۾ ڄام شورو جي نالي سان يونين ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو،  هن وقت ڄامشورو شهر چئن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ خود ڄامشورو يونين ڪائونسل، سون ولهار 3 (سنڌ يونيورسٽي)، موڙهو جبل ۽ پيٽارو شامل آهن. جڏهن ته ڄامشورو ضلعي ڄامشوري جو هيڊ ڪوارٽر به آهي، جيڪو ضلعو ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 14 دسمبر 2004ع ۾ قائم ڪيو هو، هن وقت ڄامشوري ضلعي ۾ 4 تعلقا موجود آهن. جن ۾ سيوهڻ، ڪوٽڙي، ٿاڻو بولا خان ۽ مانجهند شامل آهن،
هن وقت ڄامشورو وڏو ڪاروباري رهائشي مرڪز بڻيل آهي، 60 جي ڏهاڪي ۾ باقائده طور تي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي جنهن هو نالو ڄامشورو بجاءِ سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن رکيو ويو پر اها ساڳي ڄامشورو جي نالي سان سڏجي ٿي، آبادي وڌڻ ڪري هتي هڪ ٿاڻو به قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ ڄامشورو پوليس لائين به قائم آهي جتي سوين اهلڪار موجود هجن ٿا. جڏهن ته رينجرس جو هيڊ ڪوارٽر، ضلعي ڪورٽون، گلشن شهباز، مهراڻ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني، سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي، ڳوٺ پير باجيدي شريف، 500 ڪي وي، وارث ماڇي ڳوٺ، سيد آباد، لاکو فقير ڳوٺ، چاڪر راڄڙ ڳوٺ، ڪاڇيلو ڳوٺ، رمضان راڄڙ ڳوٺ  محمد جمن شورو ڳوٺ، ڳوٺ سائين ڏٺو ملاح، ڳوٺ عبدالله چاوڙو سميت ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ موجود آهي. ٿر هتي سرڪار طرفان ڪوبه ڊگري ڪاليج موجود نه آهي، جڏهن ته هتي سرڪار طرفان نالي ۾ 3 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن جن ۾ ٻه بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول جنهن ۾ آر بي بي ڪالوني ۾ موجود گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول موجود آهن جن مان گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول  آر بي بي ڪالوني جي عمارت جي تعمير هجڻ ڪري هتان جون سوين نياڻيون گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول آر بي بي ڪالوني ۾ شام واري شفٽ ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن. مٿان وري انهن ٽنهي هائير سيڪنڊري اسڪولن جي حالت ايتري ته ڳنڀير آهي جو اتي ڪاليج جا مضمون پڙهائڻ لاءِ استاد مورڳو ئي نه آهن ۽ نه وري ڪي لائبريريون، ڪمپيوٽر لائبريريون ۽ سائنس ليبارٽريون آهن، بجلي جو نظام ته مورڳو ئي نه هئڻ برابر آهي. ڄامشوري شهر ۽ ان جي آسپاس جي وسندين ۾ ڪوبه بوائز توڙي گرلس مڊل سرڪاري اسڪول نه آهي، جڏهن ته ڄامشورو شهر جي ڳتيل آبادي ڀريا وليج ۾ موجود گرلس پرائمري اسڪول ڪيترن سالن کان بند پيل آهي، جنهن کي متبادل طور گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ شام جي شفٽ ۾ هلايو وڃي ٿو. ضلعي ۾ ٻارڙن جي داخلا جي جو وڏي ۾ وڏو انگ رکندڙ انهي بوائز پرائمري اسڪول جي حالت اهڙي آهي جو ان تي رڳو رحم ئي کائي سگهجي ٿو، هتي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني جي بوائز توڙي گرلس اسڪولن جو حال تعليم کاتي جي عملدارن کان ڪنهن به طرح ڳجهو نه آهي، ٻنهي اسڪولن جون عمارتون زبون هجڻ ڪري پڙهندڙ ٻارڙا توڙي استادن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. ٿرمل پاور هائوس ۾ به موجود سرڪاري اسڪول نالي ماترکوڙ سارن مسئلن جي موجودگي ۾ هلي رهيو آهي. سيد آباد ڪالوني ۾ سالن کان گورنمينٽ گرلس اسڪول جي اڻ کٽڻي تعمير جاري آهي، جنهن جي ڪري هتان جون نياڻيون علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ اسڪول جي تعمير ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. سيد آباد، عبدالله چاوڙا ڳوٺ، آر بي بي ڪالوني، ڳوٺ لاکو فقير، رمضان راڄڙ، چاڪر راڄڙ، ڳوٺ سائين ڏنو ملاح، جان محمد شورو، ڳوٺ پير باجيدي، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، گلشن شهباز هائوسنگ اسڪيم، سومار کوسو ڳو‎ٺ ۾ موجود گورنمينٽ بوائز توڙي گرلس پرائمري اسڪولن جا ٻارڙا ته استادن، عمارتن، چوديواري، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيندي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جنهن جون لکت ۾ شڪايتون مقامي ماڻهن، استادن طرفان تعليم کاتي جي مقامي عملدارن کان ويندي تعليم کاتي جي وزير محترم نثار احمد کهڙي تائين ڪيون ويون آهن پر انهن طرف ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، ڄڻ ته اهي غير سرڪاري تعليمي ادارن کان ڳريون رشوتون وٺي پنهنجي سرڪاري ادارن کي پاڻ تباهه ڪرڻ سان گڏ پنهنجي غريب قوم جي اولاد کان تعليم وارو زيور به کڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت خاص ڌيان ڏئي هتان جي ماڻهن جي پراڻي مطالبي کي منظور ڪندي ڄامشوري کي تعلقي جو درجو ڏئي تعليم، صحت، امن سميت بنيادي سهولتون بنا دير مهيا ڪري ڏئي.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     









Interview of Gulshan Leghari by Ravi shankar

Revised 
ادب لکيو ته وڃي ٿو، پر ڪو مخصوص مقصد يا رستو ڪونهي: گلشن لغاري

انٽرويو : روي  شنڪر 


سنڌ ماڻهپي کان خالي ڪانهي ، هتان جي عورتن ڏاهپ ۽ سگهڙائپ ۾ ڏيھ توڙي پرڏيه ۾ سڃاڻپ ڪرائي آهي. ميڊم گلشن لغاري انهن عورتن منجهان هڪ آهي جنهن ادبي ميدان،اين جي اوز ۽ صحافت جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.

سوال. مئڊم اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو ؟
جواب، منهنجي پيدائش شهر نبي سرروڊ، تعلقو ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1 جولاءِ 1965ع ۾ ٿي. منهنجي والد جو نالو ڪامريڊ غلام حيدر لغاري آهي، جنهن حيدر بخش جتوئي سان گڏ هاري تحريڪ ۾ جدوجهد ڪئي. آئون پنهنجي ابتدائي تعليم نبي سر مان حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ميرپورخاص آيس. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي. مون کي مڊل ڪلاس کان پوءِ ماستري ملي وئي هئي جيڪا ڪجھ سال ڪرڻ کان پوءِڇڏي ڏني، ان کان پوءِ  جلد ئي پنهنجي ڀائرن جي مدد سان پنهنجي دوستن پرهه سنڌي ۽ امر سنڌو سان گڏجي  سنڌي ناري تحريڪ جو بنياد وڌوسين، جنهنجي سنڌ جي صدر رهيس  ان دور  ۾  عورتن جي حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ ان لاءِ پڙهيل لکيل عورتن جي ضرورت هئي، . مون 13 سال هڪ اين جي او ۾ به ڪم ڪيو آهي ۽ ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن جي ميمبر به آهيان.  هن وقت سنڌي اخبار سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهي آهيان.

سوال. اوهان جو شاعري ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب.  اسان جي گهر ۾ منهنجي ماما ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي لائبريبري هوندي هئي. ننڍي هوندي کان ئي  منهنجو ڀاءُ  مظهر لغاري  جيڪو سنڌي ٻولي جو سٺو شاعر۽ ليکڪ آهي ۽  آئون ڪتابن جو مطالعوڪندا هئاسين. اسان ٻنهي جو  پڙهائي ڏانهن لاڙو وڌيڪ هوندو هو. لايبريري ۾ ،  اسان  کي ادب ۽ شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. شاعري پڙهندي ۽ سمجهندي شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڪچي ڦڪي  لکڻ شوروع ڪئيسين. شروع ۾  مون کي شاعري ڪنهن کي ٻڌائيندي  شرم ايندو هو ۽ شاعري لکي پوءِ ڦاڙي ڇڏيندي هئس،اهو منهنجو شوق ته هيو پر دل  ۾ دٻائي رکندي هئس۽ پنهنجي لکيل شاعري ڪنهن کي به ڏيکاريندي ڪون هئس.  پوءِ جلد شادي ٿي وئي۽ گهريلو  مصروفيات جي ڪري لکڻ ڇڏي ڏنم. ان کان پوءِ مون اين جي او جوائن ڪئي، جڏهن حيدرآباد ۾ ٽرانسفر ٿي ته وري مونکي ادبي ماحول مليو.انکان پوءِ منهنجي   دوست امر سنڌو لکڻ لاءِ منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ گائيد به ڪيو. 2005 ۾ ڪجھ خانداني مسئلن جي ڪري منهنجي طلاق ٿي وئي ۽ ڪجھ حالات به اهڙا ٿي پيا جو لکڻ منهنجي لاءِ هٿيار ٿي پيو. لکڻ سان ئي آئون  پنهنجي ڪيفيتن ۽ جذبن جو اظهار ڪندي هئس ۽ ان سان مون کي سگھ ملندي هئي. اهڙي طرح منهنجو لکڻ ۽ شاعري طرف لاڙو ٿي پيو. مون اخبار ۾ ڪالم به لکيا..پنج سالن تائين شاعري جو ايترو مواد  گڏ ٿي ويو  ، جو ڪتاب شايع ڪري سگهجي. ايئن 2009 ۾ منهنجو شاعري جو پهريون ڪتاب” وڇڙي ويل زندگي” ڇپجي پڌرو ٿيو.

سوال. هن وقت جيڪو ادب لکيو پيو وڃي ۽ شاعري ڪئي پئي وڃي ان مان اوهان ڪيترو مطمئن آهيو
جواب. ون يونٽ واري دور ۾ ادب وڏي ترقي ڪئي. ۽ ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي شاعري ۽ لکڻين ۾ مظلوم ماڻهن جي حقن ۽ انهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ شيخ اياز  جي شاعري هڪ اهم رول ادا ڪيو. جنهن سنڌ ۾ مزاحمت پيدا ڪئي.ان بعد ضيا جي مارشل لا واري ڪاري دور ۾ به مزاحمتي ادب ترقي ڪئي، پابندين باوجود ڪيترائي سٺا اديب ۽ شاعر اڳتي آيا.  اهو سنڌي ادب ۽ سياست جو سونهري دور هو. پر مشرف واري دور ۾ ادب توڙي سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿيو. هن وقت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ وري ادب ۾ جان آئي آهي پرمون کي ائين محسوس ٿئي پيو ته هن وقت شاعري ۽ ادب لکيو ته وڃي ٿو، پر ڪو مخصوص مقصد يا رستو ڪونهي ڇو ته هينئر نظريا نه رهيا آهن، جنهنڪري ادب ۽ شاعري ايتري اتساهيندڙ ناهي رهي.

سوال؛سوال سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب جهڙوڪر نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ نرسري جي کوٽ ڪيئن پوري ٿيندي؟
جواب. اها بلڪل صحيع ڳالھ آهي ته هن وقت ٻاراڻو ادب ايترو نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ جي کوٽ پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي. انڊيا ۾   سنڌي اديبه ۽ شاعره ومي سدارنگاڻي ٻاراڻي ادب تي سٺا ڪتاب لکيا آهن، اهي هتي TRDPوارن شايع ڪرايا آهن جن ۾ ٻارن جي باري ۾ دلچسپ ڪهاڻيون ۽ شاعري  آهي. ماضي ۾ اڪبر جسڪاڻي ، ادل سومرو ۽ ڪجهه ٻين اديبن ٻارن لاءِ لکيو آهي. اڳي گلن جهڙا ٻارڙا نالي رسالو نڪرندو هو، ان به ٻارن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. پر اسان وٽ  هاڻي هن قسم جو ادب واقعي  صفا نه هجڻ برابر پيو لکيو وڃي جيڪو ٻارن جي ذهني تربيت  ڪرڻ ڪري ۽ انهن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ چاهه پيدا ڪري سگهي. هن وقت  ٻارن جوادب تخليق ٿيڻ گهرجي  ته جئين ٻارن جو اد ب ڏانهن لاڙو ٿئي ۽ اهي ٻار پاڻ به لکڻ شروع ڪن.

سوال؛ اڄڪلھ سنڌي خاندانن جي شادين ۾ ثقافتي رسمون ختم ٿي رهيون آهن ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
جواب؛.  اسان جي سنڌ جون تمام خوبصورت رسمون آهن، جيڪي ٻين وٽ ناهن، هر ڪنهن قوم جو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي. هن وقت اهم ڳاله اها آهي ته  اسان جو نوجوان نسل  پنهنجي ڪلچر کي وساريندو پيو وڃي، ڇو ته انفرميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب هاڻي اسان تي پرڏيهي ثقافتن جا اثر پئجي رهيا آهن،   جنهنڪري اهي پنهنجي ٻولي ۽ رسمن کان پري ٿيندا پيا وڃن. اسان جي سنڌي ميڊيا کي گهرجي ته اهي وڌ کان وڌ پنهنجي ڪلچر پروموٽ ڪن ته جئين نوجوان نسل پنهنجي ريتن رسمن کي پنهنجي  زندگي ۾ عملي طور استعمال ڪن ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي نه وسارين.

سوال؛ عورتن تي تشدد ۽ انياءُ جو منظر ڏسي هڪ ليکڪ ڪهڙي پيڙا مان گذري لکي ٿو ؟
جواب. عورت بنيادي طور تي انتهائي مظلوم رهي آهي، ان ڪري عورت مرد کان وڌيڪ حساس هوندي آهي. ليکڪ وڏي پيڙامان گذري لکي ٿو پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، جيستائين هو ان ڪيفيت مان نه گذرندو تيستائين ڪون لکي سگهندو. آئون پنهنجي ڳالھ ڪريان ته جيستائين ائون انهيءَ ڪيفيت مان نه گذران تيستائين مونکان هڪ لفظ به نٿو لکجي. مون ڪيترائي نظم عورت جي درد بابت لکيا آهن،  مون جڏهن به عورت تي شاعري لکي آهي ته اها باقائده روئندي روئندي لکي آهي، ڇو ته هڪ عورت هئڻ جي ناتي مون مٿان  اهي پيڙائون گذريون آهن،ب  آئون به هن هن انساني اڻبرابري واري سماج جوشڪار رهي آهيان، مون تي به وک وک تي اهي وارتائون زندگي ۾ گذريون آهن، جيڪي اسان جي سنڌي سماج ۾ عورت جو مقدر بنايون ويون آهن.مونکي انهن ماڻهن تي حيرت ٿيندي آهي جيڪي آرڊر تي لکندا آهن. آئون سمجهان ٿي ته هڪ شاعر ۽ اديب کي لکڻ لاءِ ڪافي ڪجه ڀوڳڻو پوندو آهي.

سوال؛. اوهان جي زندگي جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان ڪڏهن وساري نه سگهيا هجو ؟
جواب. جڏهن آئون حيدرآباد ۾ ٽرانسفر ٿي آيس انهن ئي ڏينهن   هتي هڪ عورت غربت سبب پنهنجي ٻارن کي ڪهي ڇڏيو۽ پوءِ پاڻ  خودڪشي ڪري ڇڏي هئي،  ان واقعي منهنجي دل تي ايترو اثر وڌو جو آئون ڪيترن ئي مهينن تائين ان صدمي ۾ رهي هئس، پوءِ ان تي هڪ نظم به لکيو هئم ،اهو منهنجو پهريون باقاعدي لکيل نظم هو، اها شديد قسم جي ڪيفيت آئون اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهي آهيان. 

سوال؛ موجوده صحافت کي اوهان ڪيئن ٿيون ڏسو ؟؟
جواب. هن وقت صحافت تمام وسيع فيلڊ  بنجي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ وسيع ٿيندي. وقت سان تبديليون آيون آهن.پهرين صحافين لاءِ ڊگري لازم ڪونه هوندي هئي، پر هينئر ڊگري جي وڏي اهميت آهي،هن وقت پروفيشنل ماڻهو صحافت ۾ اچي رهيا آهن.جنهڪري عوام جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي حقن بابت سجاڳ ٿي رهيا آهن، پر ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين  ۾ ڪم ڪندڙ صحافي هن وقت تائين جاگيردانا نظام  سبب مصلحتن ۽ دٻاءُ جو شڪار آهن.  صحافت تڏهن ان مان آجي  ٿيندي، جڏهن اهو نظام ختم ٿيندو، تڏهن ئي حق ۽ سچ جو آواز بلند ٿيندو.
سوال. اوهان جو پسنديده صحافي ۽ شاعر ؟
جواب. صحافين کي مون ايترو ويجهڙائي سان ڪونه ڏٺو آهي، پر جيڪي ڪالمسٽ آهن، انهن ۾ سنڌي ڪالمسٽ سهيل سانگي صاحب، ضمير گهمرو۽ اردو ۾ وسعت الله خان  جا ڪالم مون کي پسند آهن۽ شاعرن ۾  شاعرن جو سرتاج شاھ عبدللطيف ڀٽائي ،شيخ اياز، فيض احمد فيض، ۽ پروين شاڪر مون کي هميشه پسند رهيا آهن ۽ انهن کي وري وري پڙهندي رهندي آهيان..

سوال، اوهان جي ڪا اڻپوري خواهش ؟
جواب.  هوش سنڀالڻ کان وٺي موسيقي سکڻ منهنجي خواهش رهي آهي پر اها هميشه اڻپوري رهي ڇو ته آئون ٻروچ خاندان ۾ پيدا ٿي آهيان.پر موسيقي  منهنجو پهريون  ۽ آخري  عشق آهي.

سوال، پڙهندڙڻ لاءِ اوهان جو ڪو پيغام ؟

جواب، منهنجي گذارش آهي ته حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، بدلجندڙ دنيا جي حقيقتن  کي قبول ڪريو ۽  حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد جو جذبو ضروري آهي. حالتن کي بدلائڻ لاءِ پنهنجو فرض سمجهي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. 



----------------------------- FIRST VERSION -----------
انٽرويو: گلشن لغاري


سنڌ ماڻهپي کان خالي ڪانهي، هتان جي عورتن ڏاهپ ۽ سگهڙائپ ۾ ڏيھ توڙي پرڏيه ۾ سڃاڻپ ڪرائي آهي. گلشن لغاري انهن عورتن منجهان هڪ آهي جنهن ادبي
ميدان،اين جي اوز ۽ صحافت جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.
Make this question as introduction
سوال: مئڊم اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو ؟
جواب: منهنجي پيدائش شهر نبي سر، تعلقو ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1 جولاءِ 1965ع ۾ ٿي. منهنجي والد جو نالو غلام حيدر لغاري آهي، جنهن حيدر بخش جتوئي سان گڏ هاري تحريڪ ۾ جدوجهد ڪئي. آئون پنهنجي ابتدائي تعليم نبي سر مان حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ميرپورخاص آيس. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي. مون کي مڊل ڪلاس کان پوءِ ماستري ملي وئي هئي جيڪا ڪجھ سال ڪرڻ کان پوءِڇڏي ڏني، ان کان پوءِ سنڌي ناري تحريڪ جيڪا عورتن جي ونگ هئي ان جي پوري سنڌ جي صدر رهيس ڇو ته ان دور  ۾  عورتن جي حوالي سان ڪم ڪرڻو هو ته ان لاءِ پڙهيل لکيل عورتن جي ضرورت هئي، مون کي ان تحريڪ جو صدر بڻايوويو. آئون 13 سال هڪ اين جي او ۾ به ڪم ڪيو آهي ۽ ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن جي ميمبر به رهيس. هن وقت سنڌي اخبار سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهي آهيان.

س: اوهان جو شاعري ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
ج :اسان جي گهر ۾ منهنجي ماما ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي لائبريبري هوندي هئي. اتي منهنجو وڏو ڀائو شاعر مظهر لغاري ۽  آئون مطالعوڪندا هئاسين. اسان ٻنهي جو پڙهائي ڏانهن لاڙو وڌيڪ هوندو هو. اتي اسان غير نصابي ڪتاب پڙهيا ۽ شاعري پڙهي. شاعري پڙهندي ۽ سمجهندي شاعري ڪرڻ شروع ڪئيسين. شروع ۾ شاعري ڪندي شرم ايندي هئي ۽ شاعري لکي پوءِ ڦاڙي ڇڏيندي هئس،اهو منهنجو شوق ته هيو پر دل  ۾ دٻائي رکندي هئس۽ پنهنجي لکيل شاعري ڪنهن کي به ڏيکاريندي ڪون هئس. ڪجھ مصروفيات جي ڪري لکڻ ڇڏي ڏنم. ان کان پوءِ جڏهن حيدرآباد ۾ ٽرانسفر ٿي ته وري مونکي ادبي ماحول مليو.انکان پوءِ منهنجي ننڍپڻ جي دوست امر سنڌو لکڻ لاءِ منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ گائيد به ڪيو. پنج سال شاعري ڪرڻ ۽ اخباري ڪالم لکڻ کانپوءِ سٺو مواد گڏ  ٿي ويو ۽ 2009ع ۾ وڇڙي ويل زندگي جي نالي سان ڪتاب شايع ٿيو.2005 ۾ ڪجھ خانداني مسئلن جي ڪري منهنجي طلاق ٿي وئي ۽ ڪجھ حالات به اهڙا ٿي پيا جو لکڻ منهنجي لاءِ هٿيار ٿي پيو. لکڻ سان ئي مان پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي هئس ۽ ان سان مون کي سگھ ملندي هئي. اهڙي طرح منهنجي لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ ڏانهن لاڙو ٿي پيو.

س: هن وقت جيڪو ادب لکيو پيو وڃي ۽ شاعري ڪئي پئي وڃي ان مان اوهان ڪيترو مطمئن آهيو 
ج: شيخ اياز واري دور ۾ ادب وڏي ترقي ڪئي. ۽ ون يونٽ جي وقت،ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ،مظلوم ماڻهن جي حقن ۽ انهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ شيخ اياز هڪ اهم رول ادا ڪيو. انکان پوءِ  مشرف دور ۾ ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو. هن وقت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ وري ادب ۾ جان آئي آهي پرمون کي ائين محسوس ٿئي پيو ته هن وقت شاعري ۽ ادب لکيو ته وڃي  پر ڪو مخصوص مقصد يا رستو ڪونهي ڇو ته هينئر نظريا ختم ٿي ويا آهن جنهنڪري ادب ۽ شاعري ايتري اتساهيندڙ ناهي رهي .

س:  سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب جهڙوڪر نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ نرسري جي کوٽ ڪيئن پوري ٿيندي؟
ج: اها بلڪل صحيع ڳالھ آهي ته هن وقت ٻاراڻو ادب ايترو نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ جي کوٽ پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي. انڊيا ۾ جيڪا اسان جي سنڌي اديبه سنگهاڻي آهي هن ٻاراڻي ادب تي سٺا ڪتاب لکيا آهن اهي هتي TRDPوارن شايع ڪرايا آهن جنهن ۾ ٻارن جي باري ۾ دلچسپ ڪهاڻيون ۽ شاعري لکيل آهي. پر اسان وٽ هن قسم جو ادب واقعي ادب نه پيو لکيو وڃي جيڪو ٻارن تي اثر وجهي. هن جديد دور ۾ ٻارن کي ادب ۾ تربيت نه پئي ڏني وڃي، هن وقت اديبن کي ٻارن جون ڪهاڻيون ۽ شاعري ڪرڻ گهرجي ته جئين ٻارن جو اد ب ڏانهن لاڙو ٿئي ۽ اهي ٻار پاڻ به لکڻ شروع ڪن.

س: اڄڪلھ سنڌي خاندانن جي شادين ۾ ثقافتي رسمون ختم ٿي رهيون آهن ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
ج اسان جي سنڌ جون تمام خوبصورت رسمون آهن، جيڪي ٻين وٽ ناهن، هر ڪنهن قوم جو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي. هن وقت اهم ڳاله اها آهي ته نوجوان پنهنجي ڪلچر کي وساري رهيا آهن جنهنڪري پنهنجي ٻولي ۽ رسمن کان پري ٿيندا پيا وڃن. اسان جي سنڌي ميڊيا کي گهرجي ته اهي وڌ کان وڌ پنهنجي ڪلچر کي ڏيکارين ته جئين نوجوان نسل پنهنجي ريتن رسمن کي پنهنجي ازدواجي زندگي ۾ عملي طور استعمال ڪن.

س: عورتن تي تشدد ۽ انياءُ جو منظر ڏسي هڪ ليکڪ ڪهڙي پيڙاھ مان گذري لکي ٿو ؟
ج:  عورت بنيادي طور تي ايتري مظلوم رهي آهي جو عورت مرد کان وڌيڪ حساس هوندي آهي. خصوصن عورتن جي معاملي ۾ ليکڪ وڏي پيڙاھ مان گذري لکي ٿو. جيستائين هو انهيءَ ڪيفيت مان نه گذرندو تيستائين ڪون کي سگهندو. آئون پنهنجي ڳالھ ڪيان ته جيستائين ائون انهيءَ ڪيفيت مان نه گذران تيستائين مونکان هڪ لفظ به نٿو لکجي. آئون جڏهن به عورت تي شاعري لکي آهي ته اها باقائده روئندي روئندي لکي آهي ڇو ته هڪ عورت هئڻ جي ناتي مون عورت جي درد کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مونکي انهن ماڻن تي حيرت ٿيندي آهي جيڪي آرڊر تي لکندا آهن. آئون سمجهان ٿي ته هڪ شاعر ۽ اديب کي لکڻ لاءِ ڪافي ڪجه ڀوڳڻو پوندو آهي.

س: اوهان جي زندگي جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان ڪڏهن وساري نه سگهيا هجو ؟
ج: جڏهن آئون حيدرآباد ۾ هئس تڏهن اتي هڪ عورت خودڪشي ڪئي هئي، پر خودڪشي ڪرڻ کا پهرين هن پنهنجي ٻارن کي ڪهي ماري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پاڻ کي به ماري ڇڏيائين، ان واقعي منهنجي دل تي ايترو اثر وڌو جو آئون ڪيترن ئي مهينن تائين ان صدمي ۾ رهي هئم، پوءِ ان تي هڪ نظم به لکي هئم اها منهنجي پهرين نظم هئي، اها شديد قسم جي ڪيفيت آئون اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهي آهيان. 

س: موجوده صحافت کي اوهان ڪيئن ٿيون ڏسو ؟
ج: هن وقت صحافت تمام وسيع ٿي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ وسيع ٿيندي. پهرين صحافين لاءِ ڊگري لازم ڪون هوندي هئي پر هينئر ڊگري جي وڏي اهميت آهي، هن وقت پروفيشنل ماڻهوء صحافت ۾ اچي رهيا آهن.جنهڪري عوام جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي حقن بابت سڄاڻ ٿي رهيا آهن، پر ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ صحافي هن وقت تائين جاگيردانا نظام جا شڪار آهن. اها صحافت تڏهن ڪامياب ٿيندي جڏهن اهو نظام ختم ٿيندو ۽ تڏهن ئي حق ۽ سچ جو آواز بلند ٿيندو.

س: اوهان جو پسنديده صحافي ۽ شاعر ؟
ج: صحافين کي مون ايترو ويجهڙائي سان ڪون ڏٺو آهي پر جيڪي ڪالمسٽ آهن انهن ۾ سنڌي ڪالمسٽ سهيل سانگي، اردو ۾ وصعت الله خان ۽ شاعرن ۾ شاھ عبدللطيف،شيخ اياز، فيض احمد فيض، ۽ پروين شاڪر کي پڙهڻ پسند ڪيان ٿي.

س: اوهان جي ڪا اڻپوري خواهش ؟
ج: موسيقي سکڻ منهنجي خواهش رهي آهي پر اها هميشه اڻپوري رهي ڇو ته آئون ٻروچ خاندان ۾ پيدا ٿي آهيان.هونئن به هر انسان پو   چاهي اهو مرد هجي يا عورت موسيقي سندن روح جي غذا آهي.
س: پڙهندڙڻ لاءِ اوهان جو ڪو پيغام ؟
ج: منهنجو اهو پيغام آهي ته حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، انهن کي قبول ڪريو ۽ منهن ڏيو. حالتن کي بدلائڻ لاءِ وس هلائڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪرڻ گهرجي. 

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi    

Khetro forest by Mushtaq Jamali

Intro is poor. . Feature is reporting based. some quotations of area people and experts are must. 
کتيرو ٻيلو، ماضي ۽ حال..!!
مشتاق جمالي 
ضلعي مٽياري جي تعلقي نيوسعيدآباد ۾ واقع کتيرو ٻيلو اٽڪل 195 ايڪڙن تي مشتمل آهي، پر وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اڄ هي صرف نالي جو ٻيلو وڃي بچيو آهي، جنهن ۾ يوڪلپٽس، ٻٻر، بمباڪس، ڪنڊي، کٻڙ، ٽالهي، سرينهن، ٻير، پپر سميت ڪوبه وڻ نظر نه ايندو ۽ نه ئي ککرن ۽ ماکي جا مانارا ڏسڻ ۾ ايندا، نه ئي ٿولگ (گدڙ) جا ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندا، ماضي جو شاهڪار هي ٻيلو بگھڙن جو آشيانو به نه رهيو، جن جي خوف کان ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجا جوتا لوئي (کٿو) سان پنهنجي چيله ۾ ٻڌي ٻيلي مان سفر ڪندا هئا ته خدانخواسته ڪٿي بگھڙ حملو ڪري آنڊا ڪـڍي نه وڃي، هي ٻيلو هاڻي ڳورپٽ جو آماجگاه به نه رهيو، جنهن جي ڀوءَ کان قبرن تي پهرا ڏبا هئا، هن ٻيلي تي ڊيوٽي ڏيندڙ اهي ملازم به نه رهيا، جيڪي ٻيلي مان پلڙا ميڙيندڙ ٻڪرارن کي به وڏو گھر (جيل) ڏيکاري ڇڏيندا هئا ۽ انهن تي به ڊي او ايف گھوڙي تي چڙهي اچي ڇاپا هڻندو هو ۽ غير حاضري تي کين سزائون ڏيندو هو، وڏڙا ٻڌائين ٿا ته ڇا ته ٻيلو مست هوندو هو، جنهن مان نڪرندڙ لنگھن (رستن) تان ڪو اريو کريو (بزدل) مجال آهي جو گذري، بس! اصل ئي ساه هليو ويندو هيس، اهو کتيرو ٻيلو اڄ فنا جي آخري ڏاڪي تي پهچي چڪو آهي، 195 ايڪڙن ۾ هڪ وڻ به ناهي، ها البته ان سڄي ايراضي ۾ ڳوٺن جي نيڪال ۽ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جيڪو سانوڻي جي موسم ۾ وڌي وڃڻ ڪري ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندو آهي، جنهن سبب سوين ماڻهو متاثر ٿيندا آهن،
هن ٻيلي جي تاريخ ته روينيو ۽ ٻيلي کاتي جي رڪارڊ ۾ ئي ملي سگھي ٿي، پر ٻيلي کاتي جي نااهلي سبب اجڙي ويل هن ٻيلي بابت ڪير به تاريخي حيقيتون ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ان وقت تعليم جي نه هئڻ سبب هن ٻيلي جي حُسناڪين کي ڪنهن به لکڻين ۾ محفوظ نه ڪيو، ان دور ۾ علائقي ۾ ڪي وڏا اديب به نه هئا، جو هن ٻيلي تي ڪهاڻيون لکن ها، شايد ان لاءِ ئي کتيري ٻيلي جي تاريخ نه پئي ملي، علائقي جي معزز استاد غلام علي جو چوڻ آهي ته ويجھي ماضي ۾ به هي ٻيلو پنهنجي اوج تي هو، بس، ٽن يا چار ڏهاڪن ۾ ئي ٻيلو اجڙي فنا جي حد تائين پهتو، ۽ ٻيلي ۾ ملازمن جي رهائش لاءِ ٺهيل عاليشان سرڪاري بنگلو به سر سر ٿي ڊهي ويو، ۽ ملازم ڊيوٽين کان ڪنارا ڪش ٿي گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا، ۽ ٻيلي کي روهڙي ڪئنال جي علي بحر واھ مان ملندڙ پنهنجي حصي جي پاڻي تي به ڀوتارن قبضو ڄمائي ورتو، اهو ٻيلو جيڪو سوين ڳوٺاڻن جي لاءِ روزگار جو ذريعو هو، هڪڙي قسم جو سهارو هو، جيڪو پاڻ ٻين جي مدد جو منتظر ٿي اجڙي ويو، پر اهڙو ڪو به سرڪاري طور تي يا وري علائقي سطح تي ڪو مسيحا نه هو جيڪو هن کي تباهي کان بچائي سگهي ها ته شايد اڄ به بيروزگار ڳوٺاڻا هن ٻيلي مان ملندڙ کونر، ماکي، ۽ ڪاٺيون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھن ها ۽ علائقي جون رونقون به بحال هجن ها ۽ سرڪار کي پڻ لکن جي آمدني ٿئي ها، هي ته ٻيلو آهي پر انگريز دور کان پوءِ ملڪ جي شه رڳ جي حيثيت رکندڙ ادارا به ننڌڻڪا بڻجي تباھ ٿي ويا پر افسوس اسان انهن جي وجود کي بچائي نه سگھيا سين، ڳوٺ جان محمد جمالي جو اهو جعفر جمالي به نه رهيو جنهن پنهنجي زندگي جون 120 بهارون ڏٺيون ۽ آخري ڏينهن تائين کٽ سان ٻڌل حُقو پيئندي هن ٻيلي جون ساروڻيون ساري اکڙين مان لڙڪ پيو لاڙيندو هو، اهو هڪ لحاظ کان هن ٻيلي جي جواني جو اکين ڏٺو شاهد هو، جعفر جمالي ٻڌائيندو هو ته ٻيلي ۾ ڇا ته وڻ هوندا هئا، وڏا، ٿلها ۽ پوڙها وڻ جن جي تاريخ صدين جي هئي، اسان جڏهن جواني جي ڏاڪي تي پير رکيو شايد اهو 1900ع جو زمانو هو اسان هن ٻيلي کي ائين ئي ڏٺو هو، خبر ناهي تي کتيري ٻيلي جي تاريخ ڇا آهي؟ پر شايد 1700ع ۾ درياھ سنڌ پنهنجي موجن ۾ هو تڏهن ان کي ڪا ئي رنڊ روڪ نه هئي، جتان به رستو مليس ٿي اتان پيو وهندو هو، هڪ خيال اهو به آهي ته ان ئي ڏهاڪن ۾ درياھ سنڌ جو هڪ ڇيڙو هو، جتان سنڌو جو پاڻي مستي سان وهندو هو.
ان دور ۾ به هن ٻيلي جي ڪنڌي تي جيڪي ڳوٺ آباد هئا انهن ۾ ڳوٺ جان محمد جمالي ، ڳوٺ باگو جمالي، ڳوٺ پاهڙ جمالي، ڳوٺ نبي بخش جمالي، ۽ ڳوٺ ميان ڇٽو ڪاڪا شامل آهن. ميان ڇٽو ڪاڪا درويش صفت انسان هو سندس هاڪ ڏينهان ڏيھ پئي هلندي هئي جيڪو سهڻي ميهار جي پريم ڪهاڻي جو چشم به ديد گواھ هو، ۽ ان جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ سهڻي ميهار جي پريم ڪهاڻي اڌوري هوندي هئي، سندس ذڪر کانسواءِ لاکيڻو لطيف به رهجي نه سگھيو.
”جي آهين ڇٽو پير، ته لکئون مان لک لهين“
توڻي جو ڀٽائي سرڪار جي انهي جملي بابت متضاد رايا ملن پيا ڪجھ محققن جو خيال آهي ته اهو کتيري ٻيلي وارو ميان ڇٽو پير نه هو، ڀٽائي صاحب اڃا ڪنهن ٻئي ڇٽي پير جو ذڪر ڪيو، سوال اهو ٿو اٿي ته آخر اهو ڇٽو پير هو ڪير؟ ان تي ضرور تحقيق ٿيڻ گهرجي.
کتيرو ٻيلو ۽ ان جي آسپاس رهندڙ ماڻهن جي به عجيب تاريخ آهي، کتيري ٻيلي جا ماڻهون جڏهن پنهنجي ساروڻيون سارين ٿا ته اڄ سندن ڳالهين تي ڪير اعتبار به نه ڪري ان دور ۾ جڏهن بکر جمالي شهر جو ڪو وجود نه هو ته هتان جا ماڻهون هي اجگر ٻيلو ڪراس ڪري سرهاڙي يا ڪنب ليمان شهر خريداري ڪرڻ لاءِ ويندا هئا، پر هن ٻيلي سان گڏ اهو ڪنب ليمان ”واڻين جو شهر“ به نقشي تان مٽجي ويو ۽ واڻيا واپاري ڀوتارن جي ڏاڍ، ڏمر توڙي قبضاگيرن جي هٿان لٽجي ڪنڊيدار تارن جي هن پار هليا ويا ۽ هڪ شهر ڄڻ ته پنهنجي اصلوڪن باشندن سان پنهنجو وجود وڃائي ويٺو، اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندي فضل جمالي به روئي ڏيندو هو، ۽ گھنجيل چهري تان لڙڪ لارون ڪري هيٺ ڪرندا هئا، پر هاڻي انهن لڙڪن وهائڻ جو ڪو فائدو نه رهيو هو، ڇو ته ڪنهن به شيءِ جي ٻئي جنم بابت قصا فقط فلمن ۾ ئي ملندا آهن، الاءِ جي ڪيترا ڏهاڪا هن روئندي گذاريا، ڇو ته ٻيلي سان سندس وڏيون يادگيريون وابسته هيون، ٻيلو هن جو محبوب ۽ هي ان جو عاشق هو سڄي زندگي ته وڻن جا ٿڙ (جن کي هو لاھ ڪوٺيندو هو) ڪڍي پنهنجو پيٽ پاليائين.
ضلعي مٽياري جي محققن کي گھرجي ته هن تاريخي ٻيلي بابت ريسرچ ڪري تاريخي حقيقتن بابت نوجوان نسل کي آگاھ ڪن.
کتيرو ٻيلو پنهنجي اوج سان گڏ هاڻي ته پنهنجووجود به وڃائي ويٺو آهي ان جي بربادي جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان ۾ ڪيترو حصو سرڪار توڙي مقامي ماڻهن جو آهي؟ ٻيلي جا ملازم ڪيترا آهن جيڪي ٻيلي جي ختم ٿيڻ بعد به اڄ تائين پگھارون کڻي رهيا آهن؟ ٻيلو جنهنجي آمدني ڪروڙين رپيا هئي اهي پئسا اڻ سڌي طرح ڪنهنجي کيسي ۾ ويا؟ ان جي ضرور جاچ ٿيڻ گھرجي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ۽ کتيري واسين کي ٻيلو واپس ڏياريو وڃي 195 ايڪڙن تي ٻيلي جي نئي سر پوکائي سرڪار لاءِ ڪا ڏکي ڳالھ ناهي جيڪڏهن حڪومت چاهي ته کتيري واسين کي ٻيلو واپس ملي سگھي ٿو.

مشتاق جمالي 
This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

Tuesday, 3 November 2015

بحريا فائونڊيشن ڪاليج نوشھروفيروز

Needs more compare and contrast and foto

 محمد امين تڳر، رول نمبر 115، پارٽ ٻيون                                                               
فيچر؛ بحريا فائونڊيشن ڪاليج نوشھروفيروز

صبح جو پھر ھو، ھرڪو ٽولن جي صورت ۾ ٻنھي پاسن کان وڻن جي وچ ۾ ٺھيل رستي تان ايندي،پارڪ ۽ ڪلاس ۾ ويهندي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪچهري ۾ مصروف هئا. اوچتو هڪ اهڙو منفرد گهنٽي جو آواز آيو جويڪدم ٽولن ۾ ڦڙڦوٽ مچي وئي ۽ هر هڪ الڳ الڳ ٿي هڪ کليل ميدان ڏانهن ڊوڙندي ترتيبوار هڪٻئي پٺيان قطارون ٺاهڻ لڳا ۽ گڏيل آواز ۾ گونجڻ لڳو، پاڪ سر زمين شاد باد، ڪشوري حسين شاد باد. اهيو منظر ڏسندي مونکي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اسين ڪنهن فوجي پريڊ ۾ شامل هجون’اسين اھيو سڀ بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي متعلق ڳالھائي رھيا آھيون  جنھن ۾ مون چار سال تعليم پرائي ھي ڪاليج سنڌ جي ضلعي نوشھروفيروز ۾ واقع آھي . ھوئئن ته ھن ضلعي ۾ ٻيا به ڪيترائي تعليمي ادارا آھن جھڙوڪر ڊگري ڪاليج ،اسٽار گرامر،ڊان اڪيڊمي ڪاليج ۽ ٻيا ادارا شامل آھن . جتي ڪيترائي شاگرد وڏي تعداد ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ايندا آھن پر بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي کولڻ کانپوءِ ٻين ڪاليجن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن ھن ڪاليج ڏانھن رخ ڪيو ۽ ھي ڪاليج شاگردن  جي وڌنڌڙ تعداد ۽ معياري تعليم جي سبب ڏينھن ڏينھن مشھور ٿيندو ويو. بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي وڻ ڪاري تمام خوبصورت آھي، ھاسٽل کان فيڪلٽي تائين ويڪرا رستا ۽ رستن سان گڏ گلابي گل جنھن کي ڏسندي دل بھار بھار ٿيو وڃي.
ھي ڪاليج 2001 ع ۾ نيوي طرفان کوليو ويو جنھن ۾ تعليم نرسري کان وٺي ٻارھين درجي تائين ڏني وڃي ٿي ڪاليج شروع ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين پڙھائڻ لاءِ ھوشيار استاد کنيا وڃن ٿا جن م ڪجھ ليڊي استاد به شامل آھن ڪاليج جي طرفان ڪجھ علائقن کي پوائنٽ بس جي سھولت پڻ مليل آھي، پر انجي باوجود ڪجھ علائقن جا شاگرد مختلف ٽرئفڪ ذريعي جھڙوڪ موٽر سائيڪل ، رڪشا، لوڪل بس،ڪار ۽ وين ذريعي ھتي اچن ٿا. جئين ته سنڌ جي ٻين شھرن نواب شاھ ،ميرپور خاص،ڪنڌڪوٽ،جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي کان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ھتي اچن ٿا جن لاءِ ھاسٽل جو بندوبست پڻ موجود آھي.۽ استادن جي رهائش لاءِ الڳ بندوبست ٿيل آهي.ھاسٽل ۾ رھندڙ ٻاھرين شاگرد ن جو تعداد تمام گھڻو آھي ڇو ته ھتان جو ماحول پر سڪون ھجڻ سان گڏوگڏ پرامن پڻ آھي ھاسٽل جي شاگردن کان 5000 روپيا مھينو ورتو وڃي ٿو جنھن ۾ خادي پتي ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جو بندوبست آھي.هتي پڙهندڙ شاگردن جو ٽوٽل تعداد تقريبن 800 کن آهي ۽ استادن جو عملو 30 ڄڻن تي مشتمل آهي.
ڪاليج جو تعليمي نظام ڪو_ ايجوڪيشن آهي. جيئن تـ پرائيويٽ ڪاليج هجڻ جي حيثيت ۾ ٻين ڪاليجن کان ڳريون آهن، نرسري کان ڪلاس چوٿي تائين في مهينو 800 روپيه ۽ داخلا لاءِ 11 هزار آهي، ڪلاس پنجي کان اٺين تائين 1200 روپيه، جڏهن تـ نائين کان ٻارنهين درجي تائين 1800 روپيه ۽داخلا فيس 13هزار روپيه مقرر ٿيل آهي. هن مهانگائي واري دور ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ داخلا ۽ مهانه فيسن ۾ ٻيڻ تي واڌارو ڪري  ڇڏيو اٿن. 
هن ڪاليج جي عمارت هڪ خوبصورت نقشي تي ٺهيل ۽ دل لڀائيندڙ سائي وڻڪاري سبب دلڪش منظر جو ڏيک ڏيندي آهي، بلڊنگ ۾ ڪل 18 ڪلاسن جا ڪمرا استادن ۽ ٻئي عملي جون آفيسون الڳ آهن.
ڪاليج ۾ هڪ وڏي لائبريري آهي جتي شاگرد پڙهائي ڪن ٿا. جيئن تـ هتي هڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ سان گڏوگڏ فٽبال گرائونڊ، سائيمنگ پول، جم خانو پڻ موجود آهي. هر سال هتي ڪاليج طرفان ڊبيٽ تقريري مقابلا ڪرايا وڃن ٿا ۽ فاتح ٽيمن ۾ انعام پڻ ورهيا وڃن ٿا. 
جيئن تـ سٺي ڪاليج هجڻ سان گڏوگڏ سٺن استادن جي پڙهائڻ جي ڪري هر سال انٽر پاس شاگردن کي ميڊيڪل توڙي انجينئيرنگ يونيورسٽين ۾ داخلا ملي وڃي ٿي.
هن ڪاليج مان پڙهي ويندڙ ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن انجنيئر، ڊاڪٽر، ليڪچرار ۽ ٻين اهم عهدن تي فائز آهن.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi      

ڪاڇي جا ڪنمب Kachy ja kumb by Mumtaz Jamali

ڪاڇي جا ڪنمب

ممتاز علي جمالي 
شعبـه ماس ڪام بي ايس حصـو ٻيون
رول نمبر؛ 2ڪي14_ايم سي_ 159

           سنڌ جو ڪهڙو بـه شهر هجي اهو پنهنجي ڪنهن نا ڪنهن هنر فن تفريحي يا تاريخي ماڳ جي ڪري سڃاتو ويندو آهي، ڪاڇو بـه اهڙي هنر ، تاريخي  توڙي تفرحي ماڳن جي ڪري پوري سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو.

                 ڪاڇو کان ڪجهـه ڪلو ميٽر پرتي اولهه اوتر طرف گاج ندي ۽ ڏکڻ اولهه طرف نئي ندي  ، نئي کان ڪجه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي سوري ۽ سول نالي نديون  آهن، جيڪي ڪاڇي جي آبادي جا زريعا آهن، جبلن ۾ جڏهن بـه برسات پوندي آهي تـه برسات جو سڄو پاڻي انهي ندين جي زريعي ڪاڇي ڏي ايندو آهي ، ۽ پوءِ آهسته آهسته منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو قصو ڪئي هزارين سالن کان وٺي هلندڙ آهي، جڏهن برسات پوندي آهي تـه ڪجـهه ئي لمحن ۾ پاڻي ندين ۾ اچي لهندو آهي، پاڻي جي رفتار ايڏي تـه تيز هوندي آهي جو پورو ڪاڇو آوازن سان گوجندو آهي.

 انهي تيز رفتار پاڻي جي ڪري جبلن جي آخر ۾ جيتي پاڻي جبلن مان تيزي سان لهندو آهي  اتي وڏا کڏا ٺهي ويا آهن، جن کي ڪاڇي وارا ماڻهون ڪنمب چوندا آهن، اهي ڪنمب برسات جي ڪري ٺهيا آهن، جن جي تاريخ هزارين سالن جي    آهي .اهي ڪنمب ويڪر ۾ 5 ميٽر  کان 20 ميٽر ۽ اونهائي ۾ 10 کان 50 ميٽر تائين آهن انهي جي پاسن ۾ سائو وڏو گاهـه، ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي ڪنمب جي خوبصورتي کي اجاگر ڪندا آهن،  اهي ڪنمب ڏڪار جي موسم ۾ ڪاڇي وارن لاءِ جنت جهڙو هوندا آهن، اهي انهن مان پاڻي ڀرهندا آهن، انهن ڪنمبن جو پاڻي نـه بلڪي مٺو هوندو آهي پر صاف بي هوندو آهي۔

   مزي جي ڳالهـه انهن ڪمبن جي اها آهي تـه انهن ڪنمبن ۾ مڇي پڻ رهندي آهي انهي مڇين کي تقريبن هزارين  سال ٿي ويا آهن مگر نـه مڇي ڪڏهن کٽيون نـه ئي بيماري جي  ڪري ختم ٿي ويون، هيتي جا ماڻهون وڏي شوق سان اها مڇي پاڻ ماري ۽ کائيندا آهن، نـه صرف اها مڇي تازي هوندي آهي بلڪـه صحت مند ۽ وزني هوندي آهي،  انهن ڪنمبن ۾ اڪثر ڪري پوپري ، پاپليٽ، گولفارم، سونهاري، مُڪر، ڄرڪو، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پلو، ڪرڙي، ٿيلهي، موراکي، اسٽارفش،  مڇي هوندي آهي، انهن ڪنمبن ۾ 10 کان 80 ڪلو تائين جي وزني مڇي موجود
هوندي آهي۔
             
    ڪاڇي جي مٿي گورک، گاج  گهمڻ جڏهن ماڻهون ايندا آهن تـه اتان جا ماڻهو جڏهن هن مڇي جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن تـه اهي وڏي شوق سان اها مڇي کائيڻ پسند ڪندا آهن.

 ڪاڇي وارا ماڻهن پنهنجي ٻولي ۾ چوندا آهن تـه ” جنهن ڏنهن ڪنمبين دي مڇي کاسين اونهن ڏنهن تينڪو اساڏا ڪاڇا وڻسين “   بلوچ ڪميونٽي ۾ جڏهن ڪا ڀاڄي گهر ۾ سٺي ٺهندي آهي تـه اهي اها چوڻي دورائيندا آهن تـه”  مرشي نگن هئيرگائين ڄڻ ڪنمباء مڇي مطلب تـه اڄ ماني اهڙي آ جئين ڪُنمبن جي مڇي“  ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڪو دوست ڪنهن دوست کي دعوت بـه ڏيندو آهي تـه دوست پهريان اهو پوڇا ڪندو ٿس تـه ” ڪنمبين دي مڇي هوسين تـه آسون نت الله واهي “

ڪاڇي جا ماڻهون انهي مڇي کي طريقي سان پڪڙيندا آهن، ڇا ڪاڻ جو 100 کان 200 فوٽ جي ڪنمب ۾ گهڙڻ ۽ واپس اچڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهـه ناهي هوندي، اهي هڪڙو ماڻهون اندر ڪنمب جي موڪليندا آهن، پوءِ ان جي مٿان ٻيو چڙها.يندا آهن جئين اهو ٻاهر تري نـه اچي. اگر ڪنمب جي مٿين صتح تي مڇي نٿي ملي تـه اڃان ٽيون ماڻهون هُن جي مٿي ڇڙهائيندا آهن جئين آخري شڪار وارو ماڻهون هن جي تهـه تائين پهچي ائين ڪندي ڪندي 6 کان 8 ماڻهون جي هڪڙي چئين ٺاهيندا آهن ،جئين اندر ڪنمب ۾ ڪو ڦاسي نـه يا ٻاهر تڪڙي اچي نـه ، انهي ڪنمب جا وري الڳ الڳ اندرا کڏا هوندا آهن ۽ اندر وڏي تعداد ۾ گاهـه ، جيت، ۽ پاڻي وارا خطرباڪـه يا ائين کڻي چئيجي نقصان ڏيندڙ جانور هوندا آهن انهي جي ڪري اندر ڪنمب جي لهڻ وارن سان خطرو ساڻ هوندو آهي.

         هتان جي رهواسين جو چوڻ هو تـه  ڪنمب جي اندر اڪثر تجربي ڪار ماڻهون لهندا آهن جيڪي 5، کان 7 منٽ ساهـه کي جهلي ويندا آهن مطلب ت اگر هنن کي 3، کان 5 منٽ آڪسيجن نـه ملي تـه اهي برداشت ڪري وٺندا آهن، ڪنمب جي اندر جيڪو شڪاري لهندو آهي اگر هن کي شڪار هٿ نايو ۽ دم گهٽجڻ لڳندو ٿس تـه هو پنهنجي مٿين واري ساٿي کي لوڏو ڏيندو يا هٿ سان چونڊي هڻدو لوڏو ڏيڻ ۽ چونڊي هڻڻ مٿين کي پاڻ کان هٽائيڻ جي نشاني هوندي آهي، وري مٿيون همراهـه پاڻ کان مٿين واري کي ساڳو عمل ڪندو ائين ائين آهستـه سڀ هڪه ٻي جي مٿي کان هٽي ويندا ، ۽ هڪه دم لا۽ سڀ ٻاهر ايندا، مگر ٻي واري وري هڪ نئي ترتيب سان ويندا، اهو عمل ڳوٺ جي صرف چند ماڻهون کي ايندو آهي.
                     ماهرن ڪاريگرن کان پوڇيو تـه هنن چيو اهو عمل تمام ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي مگر اسان هاڻي هيري ويا آهيون اسان کي ڏکيائي نٿي ٿي، هنن چيو تـه اهو طريقيڪار اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان سيکندا آيا آهيون، هن وڌيڪــه مزي واري ڳالهـه ٻڌائي تـه اگر ڪا مڇي لڳي ٿي ۽ مڇي وڏي ۽ ڳري آهي تـه آخري همراهـه مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ۽ مٿيون همراهـه اڃا مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ائين ڪندي ڪندي جيڪو سڀ کان مٿي هوندو آهي ۽ ٻاهر هوندو آهي اهو مڇي وٺي ٻاهر نڪرندو آهي، هتان جي ماڻهن ٻڌايو تـه هتي گهمڻ ايندڙ ماڻهون وڏي چاهـه سان اها مڇي کائيندا آهي، ڪي وري هتان وٺي گورک تي پچي تريندا آهن، هن مڇي جو ذائيقو لذيز هوندو آهي،

              ڪنمب جي هڪڙي ڪلو جي مڇي 5 سئو کان 1000 روپيـه في ڪلو فروخت ٿيندي آهي، انهن جي اها هوائي روزي جڏهن لڳندي آهي تـه انهن جو مهيني جو پورو راشن نڪري پوندو آهي، هاڻي تـه  هنن  هي شڪار مهيني ۾ صرف هڪ يا ٻـه ڏينهن ڪندا آهن، ۽ هاڻي آهستـه تجربيڪار ماڻهون جي نـه هجڻ جي ڪري اهو سلسلو گهٽجڻ بـه لڳو آهي.


نالو؛ ممتاز علي جمالي.
رول نمبر؛ 2k14/mc/159

Mumtaz Jamali 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
--------------------
ڪاڇي جا ڪنمب

 Plz observe para. foto is needed.  Some quotes, some story


 ممتاز علي جمالي

 سنڌ جو ڪهڙو بـه شهر هجي اهو پنهنجي ڪنهن نا ڪنهن هنر فن تفريحي يا تاريخي ماڳ جي ڪري سڃاتو ويندو آهي، ڪاڇو بـه اهڙي هنر ، تاريخي  توڙي تفرحي ماڳن جي ڪري پوري سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو، ڪاڇو کان ڪجهـه ڪلو ميٽر پرتي اولهه اوتر طرف گاج ندي ۽ ڏکڻ اولهه طرف نئي ندي  ، نئي کان ڪجه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي سوري ۽ سول نالي نديون  آهن، جيڪي ڪاڇي جي آبادي جا زريعا آهن، جبلن ۾ جڏهن بـه برسات پوندي آهي تـه برسات جو سڄو پاڻي انهي ندين جي زريعي ڪاڇي ڏي ايندو آهي ، ۽ پوءِ آهسته آهسته منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو قصو ڪئي هزارين سالن کان وٺي هلندڙ آهي، جڏهن برسات پوندي آهي تـه ڪجـهه ئي لمحن ۾ پاڻي ندين ۾ اچي لهندو آهي، پاڻي جي رفتار ايڏي تـه تيز هوندي آهي جو پورو ڪاڇو آوازن سان گوجندو آهي، انهي تيز رفتار پاڻي جي ڪري جبلن جي آخر ۾ جيتي پاڻي جبلن مان تيزي سان لهندو آهي  اتي وڏا کڏا ٺهي ويا آهن، جن کي ڪاڇي وارا ماڻهون ڪنمب چوندا آهن، اهي ڪنمب برسات جي ڪري ٺهيا آهن، جن جي تاريخ هزارين سالن جي آهي، اهي ڪنمب ويڪر ۾ 5 ميٽر  کان 20 ميٽر ۽ اونهائي ۾ 10 کان 50 ميٽر تائين آهن انهي جي پاسن ۾ سائو وڏو گاهـه، ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي ڪنمب جي خوبصورتي کي اجاگر ڪندا آهن،  اهي ڪنمب ڏڪار جي موسم ۾ ڪاڇي وارن لاءِ جنت جهڙو هوندا آهن، اهي انهن مان پاڻي ڀرهندا آهن، انهن ڪنمبن جو پاڻي نـه بلڪي مٺو هوندو آهي پر صاف بي هوندو آهي،   مزي جي ڳالهـه انهن ڪمبن جي اها آهي تـه انهن ڪنمبن ۾ مڇي پڻ رهندي آهي انهي مڇين کي تقريبن هزارين  سال ٿي ويا آهن مگر نـه مڇي ڪڏهن کٽيون نـه ئي بيماري جي  ڪري ختم ٿي ويون، هيتي جا ماڻهون وڏي شوق سان اها مڇي پاڻ ماري ۽ کائيندا آهن، نـه صرف اها مڇي تازي هوندي آهي بلڪـه صحت مند ۽ وزني هوندي آهي،  انهن ڪنمبن ۾ اڪثر ڪري پوپري ، پاپليٽ، گولفارم، سونهاري، مُڪر، ڄرڪو، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پلو، ڪرڙي، ٿيلهي، موراکي، اسٽارفش،  مڇي هوندي آهي، انهن ڪنمبن ۾ 10 کان 80 ڪلو تائين جي وزني مڇي موجود هوندي آهي، ڪاڇي جي مٿي گورک، گاج  گهمڻ جڏهن ماڻهون ايندا آهن تـه اتان جا ماڻهون جڏهن هن مڇي جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن تـه اهي وڏي شوق سان اها مڇي کائيڻ پسند ڪندا آهن، ڪاڇي جا ماڻهون انهي مڇي کي ڍ طريقي سان پڪڙيندا آهن، ڇا ڪاڻ جو 100 کان 200 فوٽ جي ڪنمب ۾ گهڙڻ ۽ واپس اچڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهـه ناهي هوندي، اهي هڪڙو ماڻهون اندر ڪنمب جي موڪليندا آهن، پوءِ ان جي مٿان ٻيو چڙها.يندا آهن جئين اهو ٻاهر تري نـه اچي. اگر ڪنمب جي مٿين صتح تي مڇي نٿي ملي تـه اڃان ٽيون ماڻهون هُن جي مٿي ڇڙهائيندا آهن جئين آخري شڪار وارو ماڻهون هن جي تهـه تائين پهچي ائين ڪندي ڪندي 6 کان 8 ماڻهون جي هڪڙي چئين ٺاهيندا آهن ،جئين اندر ڪنمب ۾ ڪو ڦاسي نـه يا ٻاهر تڪڙي اچي نـه ، انهي ڪنمب جا وري الڳ الڳ اندرا کڏا هوندا آهن ۽ اندر وڏي تعداد ۾ گاهـه ، جيت، ۽ پاڻي وارا خطرباڪـه يا ائين کڻي چئيجي نقصان ڏيندڙ جانور هوندا آهن انهي جي ڪري اندر ڪنمب جي لهڻ وارن سان خطرو ساڻ هوندو آهي، هتان جي رهواسين جو چوڻ هو تـه  ڪنمب جي اندر اڪثر تجربي ڪار ماڻهون لهندا آهن جيڪي 5، کان 7 منٽ ساهـه کي جهلي ويندا آهن مطلب ت اگر هنن کي 3، کان 5 منٽ آڪسيجن نـه ملي تـه اهي برداشت ڪري وٺندا آهن، ڪنمب جي اندر جيڪو شڪاري لهندو آهي اگر هن کي شڪار هٿ نايو ۽ دم گهٽجڻ لڳندو ٿس تـه هو پنهنجي مٿين واري ساٿي کي لوڏو ڏيندو يا هٿ سان چونڊي هڻدو لوڏو ڏيڻ ۽ چونڊي هڻڻ مٿين کي پاڻ کان هٽائيڻ جي نشاني هوندي آهي، وري مٿيون همراهـه پاڻ کان مٿين واري کي ساڳو عمل ڪندو ائين ائين آهستـه سڀ هڪه ٻي جي مٿي کان هٽي ويندا ، ۽ هڪه دم لا۽ سڀ ٻاهر ايندا، مگر ٻي واري وري هڪ نئي ترتيب سان ويندا، اهو عمل ڳوٺ جي صرف چند ماڻهون کي ايندو آهي، ڪاريگرن کان پوڇيو تـه هنن چيو اهو عمل تمام ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي مگر اسان هاڻي هيري ويا آهيون اسان کي ڏکيائي نٿي ٿي، هنن چيو تـه اهو طريقيڪار اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان سيکندا آيا آهيون، هن وڌيڪــه مزي واري ڳالهـه ٻڌائي تـه اگر ڪا مڇي لڳي ٿي ۽ مڇي وڏي ۽ ڳري آهي تـه آخري همراهـه مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ۽ مٿيون همراهـه اڃا مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ائين ڪندي ڪندي جيڪو سڀ کان مٿي هوندو آهي ۽ ٻاهر هوندو آهي اهو مڇي وٺي ٻاهر نڪرندو آهي، هتان جي ماڻهن ٻڌايو تـه هتي گهمڻ ايندڙ ماڻهون وڏي چاهـه سان اها مڇي کائيندا آهي، ڪي وري هتان وٺي گورک تي پچي تريندا آهن، هن مڇي جو ذائيقو لذيز هوندو آهي، ڪنمب جي هڪڙي ڪلو جي مڇي 5 سئو کان 1000 روپيـه في ڪلو فروخت ٿيندي آهي، انهن جي اها هوائي روزي جڏهن لڳندي آهي تـه انهن جو مهيني جو پورو راشن نڪري پوندو آهي، هاڻي تـه  هنن  هي شڪار مهيني ۾ صرف هڪ يا ٻـه ڏينهن ڪندا آهن، ۽ هاڻي آهستـه تجربيڪار ماڻهون جي نـه هجڻ جي ڪري اهو سلسلو گهٽجڻ بـه لڳو آهي.

  
 ممتاز علي جمالي.
رول نمبر؛ 2k14/mc/159

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi