Showing posts with label مشتاق جمالي. Show all posts
Showing posts with label مشتاق جمالي. Show all posts

Wednesday, 4 November 2015

Khetro forest by Mushtaq Jamali

Intro is poor. . Feature is reporting based. some quotations of area people and experts are must. 
کتيرو ٻيلو، ماضي ۽ حال..!!
مشتاق جمالي 
ضلعي مٽياري جي تعلقي نيوسعيدآباد ۾ واقع کتيرو ٻيلو اٽڪل 195 ايڪڙن تي مشتمل آهي، پر وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اڄ هي صرف نالي جو ٻيلو وڃي بچيو آهي، جنهن ۾ يوڪلپٽس، ٻٻر، بمباڪس، ڪنڊي، کٻڙ، ٽالهي، سرينهن، ٻير، پپر سميت ڪوبه وڻ نظر نه ايندو ۽ نه ئي ککرن ۽ ماکي جا مانارا ڏسڻ ۾ ايندا، نه ئي ٿولگ (گدڙ) جا ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندا، ماضي جو شاهڪار هي ٻيلو بگھڙن جو آشيانو به نه رهيو، جن جي خوف کان ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجا جوتا لوئي (کٿو) سان پنهنجي چيله ۾ ٻڌي ٻيلي مان سفر ڪندا هئا ته خدانخواسته ڪٿي بگھڙ حملو ڪري آنڊا ڪـڍي نه وڃي، هي ٻيلو هاڻي ڳورپٽ جو آماجگاه به نه رهيو، جنهن جي ڀوءَ کان قبرن تي پهرا ڏبا هئا، هن ٻيلي تي ڊيوٽي ڏيندڙ اهي ملازم به نه رهيا، جيڪي ٻيلي مان پلڙا ميڙيندڙ ٻڪرارن کي به وڏو گھر (جيل) ڏيکاري ڇڏيندا هئا ۽ انهن تي به ڊي او ايف گھوڙي تي چڙهي اچي ڇاپا هڻندو هو ۽ غير حاضري تي کين سزائون ڏيندو هو، وڏڙا ٻڌائين ٿا ته ڇا ته ٻيلو مست هوندو هو، جنهن مان نڪرندڙ لنگھن (رستن) تان ڪو اريو کريو (بزدل) مجال آهي جو گذري، بس! اصل ئي ساه هليو ويندو هيس، اهو کتيرو ٻيلو اڄ فنا جي آخري ڏاڪي تي پهچي چڪو آهي، 195 ايڪڙن ۾ هڪ وڻ به ناهي، ها البته ان سڄي ايراضي ۾ ڳوٺن جي نيڪال ۽ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جيڪو سانوڻي جي موسم ۾ وڌي وڃڻ ڪري ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندو آهي، جنهن سبب سوين ماڻهو متاثر ٿيندا آهن،
هن ٻيلي جي تاريخ ته روينيو ۽ ٻيلي کاتي جي رڪارڊ ۾ ئي ملي سگھي ٿي، پر ٻيلي کاتي جي نااهلي سبب اجڙي ويل هن ٻيلي بابت ڪير به تاريخي حيقيتون ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ان وقت تعليم جي نه هئڻ سبب هن ٻيلي جي حُسناڪين کي ڪنهن به لکڻين ۾ محفوظ نه ڪيو، ان دور ۾ علائقي ۾ ڪي وڏا اديب به نه هئا، جو هن ٻيلي تي ڪهاڻيون لکن ها، شايد ان لاءِ ئي کتيري ٻيلي جي تاريخ نه پئي ملي، علائقي جي معزز استاد غلام علي جو چوڻ آهي ته ويجھي ماضي ۾ به هي ٻيلو پنهنجي اوج تي هو، بس، ٽن يا چار ڏهاڪن ۾ ئي ٻيلو اجڙي فنا جي حد تائين پهتو، ۽ ٻيلي ۾ ملازمن جي رهائش لاءِ ٺهيل عاليشان سرڪاري بنگلو به سر سر ٿي ڊهي ويو، ۽ ملازم ڊيوٽين کان ڪنارا ڪش ٿي گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا، ۽ ٻيلي کي روهڙي ڪئنال جي علي بحر واھ مان ملندڙ پنهنجي حصي جي پاڻي تي به ڀوتارن قبضو ڄمائي ورتو، اهو ٻيلو جيڪو سوين ڳوٺاڻن جي لاءِ روزگار جو ذريعو هو، هڪڙي قسم جو سهارو هو، جيڪو پاڻ ٻين جي مدد جو منتظر ٿي اجڙي ويو، پر اهڙو ڪو به سرڪاري طور تي يا وري علائقي سطح تي ڪو مسيحا نه هو جيڪو هن کي تباهي کان بچائي سگهي ها ته شايد اڄ به بيروزگار ڳوٺاڻا هن ٻيلي مان ملندڙ کونر، ماکي، ۽ ڪاٺيون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھن ها ۽ علائقي جون رونقون به بحال هجن ها ۽ سرڪار کي پڻ لکن جي آمدني ٿئي ها، هي ته ٻيلو آهي پر انگريز دور کان پوءِ ملڪ جي شه رڳ جي حيثيت رکندڙ ادارا به ننڌڻڪا بڻجي تباھ ٿي ويا پر افسوس اسان انهن جي وجود کي بچائي نه سگھيا سين، ڳوٺ جان محمد جمالي جو اهو جعفر جمالي به نه رهيو جنهن پنهنجي زندگي جون 120 بهارون ڏٺيون ۽ آخري ڏينهن تائين کٽ سان ٻڌل حُقو پيئندي هن ٻيلي جون ساروڻيون ساري اکڙين مان لڙڪ پيو لاڙيندو هو، اهو هڪ لحاظ کان هن ٻيلي جي جواني جو اکين ڏٺو شاهد هو، جعفر جمالي ٻڌائيندو هو ته ٻيلي ۾ ڇا ته وڻ هوندا هئا، وڏا، ٿلها ۽ پوڙها وڻ جن جي تاريخ صدين جي هئي، اسان جڏهن جواني جي ڏاڪي تي پير رکيو شايد اهو 1900ع جو زمانو هو اسان هن ٻيلي کي ائين ئي ڏٺو هو، خبر ناهي تي کتيري ٻيلي جي تاريخ ڇا آهي؟ پر شايد 1700ع ۾ درياھ سنڌ پنهنجي موجن ۾ هو تڏهن ان کي ڪا ئي رنڊ روڪ نه هئي، جتان به رستو مليس ٿي اتان پيو وهندو هو، هڪ خيال اهو به آهي ته ان ئي ڏهاڪن ۾ درياھ سنڌ جو هڪ ڇيڙو هو، جتان سنڌو جو پاڻي مستي سان وهندو هو.
ان دور ۾ به هن ٻيلي جي ڪنڌي تي جيڪي ڳوٺ آباد هئا انهن ۾ ڳوٺ جان محمد جمالي ، ڳوٺ باگو جمالي، ڳوٺ پاهڙ جمالي، ڳوٺ نبي بخش جمالي، ۽ ڳوٺ ميان ڇٽو ڪاڪا شامل آهن. ميان ڇٽو ڪاڪا درويش صفت انسان هو سندس هاڪ ڏينهان ڏيھ پئي هلندي هئي جيڪو سهڻي ميهار جي پريم ڪهاڻي جو چشم به ديد گواھ هو، ۽ ان جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ سهڻي ميهار جي پريم ڪهاڻي اڌوري هوندي هئي، سندس ذڪر کانسواءِ لاکيڻو لطيف به رهجي نه سگھيو.
”جي آهين ڇٽو پير، ته لکئون مان لک لهين“
توڻي جو ڀٽائي سرڪار جي انهي جملي بابت متضاد رايا ملن پيا ڪجھ محققن جو خيال آهي ته اهو کتيري ٻيلي وارو ميان ڇٽو پير نه هو، ڀٽائي صاحب اڃا ڪنهن ٻئي ڇٽي پير جو ذڪر ڪيو، سوال اهو ٿو اٿي ته آخر اهو ڇٽو پير هو ڪير؟ ان تي ضرور تحقيق ٿيڻ گهرجي.
کتيرو ٻيلو ۽ ان جي آسپاس رهندڙ ماڻهن جي به عجيب تاريخ آهي، کتيري ٻيلي جا ماڻهون جڏهن پنهنجي ساروڻيون سارين ٿا ته اڄ سندن ڳالهين تي ڪير اعتبار به نه ڪري ان دور ۾ جڏهن بکر جمالي شهر جو ڪو وجود نه هو ته هتان جا ماڻهون هي اجگر ٻيلو ڪراس ڪري سرهاڙي يا ڪنب ليمان شهر خريداري ڪرڻ لاءِ ويندا هئا، پر هن ٻيلي سان گڏ اهو ڪنب ليمان ”واڻين جو شهر“ به نقشي تان مٽجي ويو ۽ واڻيا واپاري ڀوتارن جي ڏاڍ، ڏمر توڙي قبضاگيرن جي هٿان لٽجي ڪنڊيدار تارن جي هن پار هليا ويا ۽ هڪ شهر ڄڻ ته پنهنجي اصلوڪن باشندن سان پنهنجو وجود وڃائي ويٺو، اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندي فضل جمالي به روئي ڏيندو هو، ۽ گھنجيل چهري تان لڙڪ لارون ڪري هيٺ ڪرندا هئا، پر هاڻي انهن لڙڪن وهائڻ جو ڪو فائدو نه رهيو هو، ڇو ته ڪنهن به شيءِ جي ٻئي جنم بابت قصا فقط فلمن ۾ ئي ملندا آهن، الاءِ جي ڪيترا ڏهاڪا هن روئندي گذاريا، ڇو ته ٻيلي سان سندس وڏيون يادگيريون وابسته هيون، ٻيلو هن جو محبوب ۽ هي ان جو عاشق هو سڄي زندگي ته وڻن جا ٿڙ (جن کي هو لاھ ڪوٺيندو هو) ڪڍي پنهنجو پيٽ پاليائين.
ضلعي مٽياري جي محققن کي گھرجي ته هن تاريخي ٻيلي بابت ريسرچ ڪري تاريخي حقيقتن بابت نوجوان نسل کي آگاھ ڪن.
کتيرو ٻيلو پنهنجي اوج سان گڏ هاڻي ته پنهنجووجود به وڃائي ويٺو آهي ان جي بربادي جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان ۾ ڪيترو حصو سرڪار توڙي مقامي ماڻهن جو آهي؟ ٻيلي جا ملازم ڪيترا آهن جيڪي ٻيلي جي ختم ٿيڻ بعد به اڄ تائين پگھارون کڻي رهيا آهن؟ ٻيلو جنهنجي آمدني ڪروڙين رپيا هئي اهي پئسا اڻ سڌي طرح ڪنهنجي کيسي ۾ ويا؟ ان جي ضرور جاچ ٿيڻ گھرجي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ۽ کتيري واسين کي ٻيلو واپس ڏياريو وڃي 195 ايڪڙن تي ٻيلي جي نئي سر پوکائي سرڪار لاءِ ڪا ڏکي ڳالھ ناهي جيڪڏهن حڪومت چاهي ته کتيري واسين کي ٻيلو واپس ملي سگھي ٿو.

مشتاق جمالي 
This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

Monday, 5 October 2015

Ghulam Ali Jamali Profile by Mushtaq Jamali



لطيف سائين جي شاعري جو لغت لکندڙ محنتي استاد سائين غلام علي جمالي
پروفائيل باءِ مشتاق علي جمالي

سنڌ جي سرزمين علم ۽ ادب جي حوالي سان هر دور ۾ زرخيز رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ انيڪ شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن پنهنجو رت ۽ ست ڏئي معاشري ۾ شعور ۽ ذهنن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ذڪر علم ۽ ادب سان گڏ شاعري جو اچي ٿو ته اسان جا ڪنڌ فخر کان اوچو ٿي وڃن ٿا ڇو ته اسان وٽ شاهه، سامي ۽ سچل کان وٺي اياز تائين شاعري جا آسمان جيڏا وڏا نالا آهن. اسان جي معاشري ۾ انهن شخصيتن جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ادارن سان گڏوگڏ انفرادي طور به ڪم ٿيو آهي. لطيف سائين جي پيغام ۽ فڪر جو شيدائي ته اسان مان هر ڪوئي آهي، پر جس آهي اهڙين املهه ڪردارن کي جن سندن پيغام کي سمجهڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. لطيف جو هڪ اهڙو عاشق، ايشيا جي سڀ کان وڏي واهه روهڙي ڪئنال جي ڪناري تي آباد ڳوٺ غلام علي جمالي جو سائين غلام علي جمالي به آهي، جيڪو هڪ استاد ۽ هڪ شاعر ۽ سماجي ڪارڪن آهي.
ڏهين جنوري 1962 تي اک کوليندڙ سائين غلام علي شروعاتي تعليم پنهنجي پاڙي جي اسڪول بکر جمالي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي.  مئٽرڪ جو امتحان سٺن نمبرن تي پاس ڪرڻ تي مائٽ سندس ذهانت مان متاثر ٿيا ۽ کيس سنڌ جي ثقافتي شهر هالا جي گورنمينٽ سروري ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخل ڪرايو. سائين غلام علي بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد مان 1988 ۾ پاس ڪيو ۽ ٻولي سان لڳاءَ چاهه سبب اڳتي هلي 1998 ۾ پاڻ سنڌي ٻولي ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي.  سائين غلام علي 88ع ۾ استاد مقرر ٿيا، ۽ بدين ۽ مٽياري ضلعن ۾ پنهنجون زميواريون سرانجام ڏنيون، هن وقت به پاڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل آهن.  
هڪ استاد هئڻ ۽ سنڌي ٻولي ۾ ماسٽرس ڪرڻ جي ناتي سائين غلام علي کي شاعري ۽ ادب سان بيحد لڳاءَ رهيو آهي، پر سندس شاعري وارو شوق ڪو نئون نه آهي، پاڻ ٻڌائن ٿا ته اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران پاڻ شاعري شروع ڪئي، جيڪا ظاهر آهي بحر ۽ وزن واري اصول کانسواءِ هئي پر ان تي کيس استادن ۽ هم عصر ساٿين پاران مڃتا ملي ۽ ائين پاڻ ادبي دوستن جي ويهڪن ۾ وڃڻ لڳا ۽ ادبي رنگ ۾ رنگجي ويا. سائين غلام علي ٻڌائن ٿا ته شروعاتي طور ادب جي حوالي سان سائين مولا بخش ڪاڪا سندن رهنمائي ڪئي ۽ اهڙي طرح پاڻ اڳتي هلي سنڌ ادبي سنگت شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ سنگت جي ڪچهرين ۾ پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائيندو هو. اڄ علائقي ۾ هڪ شاعر جي حوالي سان سندس تعارف مقبول آهي.
سائين غلام علي جي شخصيت بيحد سادي آهي، ڇو ته پاڻ سادگي پسند آهن. ڀٽ جي ڌڻي ۽ شاعرن جي سرتاج لطيف سائين سان بيحد پيار ڪندڙ  سائين غلام علي جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ادب جو ڪو وڏو نالو نه سمجهيو آهي پنهنجي وس ۽ شوق آهر شاعري ڪئي ۽ مضمون لکيا، جن کي پڙهندڙن پاران پسند ڪيو ويو، جيڪا سندس لاءِ لاءِ سڀ کان وڏي مڃتا آهي. سائين غلام علي ادب، شاعري ۽ سماجي ڪمن کانسواءِ تحقيق جي حوالي سان پڻ علائقي جو هڪ وڏو نالو آهن، پاڻ ٻڌائن ٿا ته هو هن وقت ڀٽائي سائين جي رسالي جو سنڌي لغات لکي رهيو آهي، جنهن ۾ هو 3 سُر لکي چڪو آهي، ان تحقيق جي حوالي سان پاڻ سڄي سنڌ گهمي ۽ هر علائقي جي عام ماڻهن سان مليو ته جيئن هو لطيف سائين جي شاعري ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي ۽ لفظن جي تهه تائين پهچي ۽ سمجهي سگهي. سائين غلام علي جو خواهش آهي ته هو جلد لغت جي ان ڪم کي مڪمل ڪن، جنهن کي هو پنهنجي حياتي جو اثاثو سمجهن ٿا.  سندن چوڻ آهي ته لطيف سائين جي شاعري ۽ سندس پيغام تي اڳ ۾ بهترين ڪم ٿيو آهي، شارحن ۽ محققن پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي. منهنجي خيال ۾ لطيف سائين جي شاعري جي ٺهيل لغت تي اڳ ۾ ٿيل ڪم ۾ ڪن ٿورن يا خاص لفظن جون معنائون ڏنيون ويون آهن، مون ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي وس ۽ ڄاڻ آهر سڀني لفظن جون معنائون لغات ۾ شامل ڪيان، ان لغت ۾ اڳئين محققن ۽ سگهڙن جو ڏنل معنائون پڻ انهن جي نالي سان ڏنيون ويون آهن، تحقيق تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي، ۽ ان لاءِ رهنمائي جي پڻ ضرورت پوي ٿي،  خواهش آهي ته هي ڪم جلد مڪمل ڪيان ۽ لطيف سائين جي چاهيندڙن سامهون آڻيان.

سائين غلام علي توڙي جو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي تنهن هوندي به وٽس ذاتي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، سندس لائيبريري مان علائقي جا شاگرد ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي ويندا آهن. سائين غلام علي کان جڏهن اڄ جي شاگردن ۽ اڄ جي تعليم جي صورتحال بابت پڇيو ته هو مايوس نظر آيا، ڏسو.. اڄ جي شاگرد کي مطالعي جو شوق گهٽ آهي، سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر شاگردن کي سست ۽ بي همت بڻائي ڇڏيو آهي، مٿان وري انٽرنيٽ ۽ سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس سبب اڄ جو شاگرد ڪتابن کان پري ٿيندو ٿو وڃي، جيڪو افسوسناڪ آهي. مان شاگردن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته تعليم طرف توجه ڏين ۽ لطيف سائين جي رسالي جو مطالعو ڪن ۽ شاهه سائين جي پيغام کي سمجهن.   

        
ڇڏي شور شهر جو، وڃين ٿر وڙول،
ڀلا بيت ڀٽائي جا، ٻهراڙين ۾ ٻول،
گامن ۾ غلام علي چئي، اٿئي ڪي ئي انمول،
وڃين ڳوٺن ۾ ڳول ٻولي لال لطيف جي!!  


October 2015 BS-II
Practical work carried out under supervision of Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, Sindh University