Showing posts with label راجيش ڪمار. Show all posts
Showing posts with label راجيش ڪمار. Show all posts

Wednesday, 4 November 2015

African students of Sindh University

It is too short. at least 600 to 700 words required.  Intro is too formal. make it interesting.  some stories, incidents, number of students,  their countries, class, why they prefer to come here at sindh uni,  their social life here in sindh, festivity etc.  How they are in studies?  some girls are also there . issues problems they face
سنڌ  يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ آفريقي شاگرد
راجيش ڪمار
سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف رنگ نسل جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪجهه گورا، ڪجهه ڪارا ڪجهه قد جا ننڍا ۽ ڪي وڏا ، اتي ڪجهه ٻين کانشاگرد جيڪي رنگ ۽ قد جي ڪري مختلف نظر اچن ٿا ۽ جسم جي لحاظ کان هتان جي ماڻهن کان بلڪل مختلف آهن، انهن  جو رنگ ڪارو چپ ٿلها ڪنهن جي اکين جا ڀِرو وڏا ڪي ٿلها ڪي بلڪل سنها اُهي آهن آفريقي شاگرد .
اهي ڪپڙا به مختلف قسم جا پائيندا آهن، ڊگهيون قميصون جيڪي ڪلهن کان وٺي پيرن تائين پيون لڳنديون آهن. ۽ ڊگهيون شرٽون ۽ پينٽون به  مختلف پٽا پٽي رنگن واريون جيڪي عجيب لڳنديون آهن. ۽ هم نسل آفريڪي شاگردياڻيون پڻ پينٽون شرٽون پائنديون آهن ، اڪثر ڪري اهڙيون پينٽون جيڪي گوڏن کان ڦاٽيون پيون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي کلائڻ جو موقعو ڏيندا آهن، هي اڪثر ڪري  هاسٽل ۽ سوسائٽي ۾ رهندا آهن ڇاڪاڻ جيڪو جتي سهولت سمجهي.


ائين منهنجي هڪ آفريقي شاگرد سان ماني کائيندي ڪچهري ٿي پهرين ته مون پنهنجو تعارف ڪرايو ، هن به  پنهنجو تعارف ڪرايو.  پهرين تـه مون سوچيو انگريزي ڳالهائڻ هن کان ڏاڍي ڏوکي پوندي، پوءِ ڪجهـه اڳتي پوئتي ڪري ڳالهايوسين، پر هو بـه وچ  وچ ۾ڪجهـه اردوٻولي جا لفظ پڻ  ڳالهائي رھيو ھو . ڇا ڪاڻ تـه هو  آفريڪي شاگرد هتي رهي اردو بـه سکي ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو منهنجو نالو جميل محمد آهي آئون فورٿ ائير فارميسي جو شاگرد آهيان، پوءِ مون ڳالهـه جاري رکندي هن کان پڇيو تـه اوهان هتان جي تعليمي نظام کي ڪيئن ڏسو ٿا؟؟ هن چيو مونکي هتي پڙهندي 3 سال گزري ويا آهن، ۽ ڇوٿين سال ۾ داخل ٿيو آهيان، آئون جڏهن ھتي آيوس ان وقت ٿورو گهڻو تعليمي ميارخراب هو، مطلب تـه پڙهائي صحيح هوندي هئي، پر ڪجهـه شاگردن جي ڪري ماحول خراب هو، جئين ڪڏهن ناري بازي ، ڪڏهن بائيڪاٽ ۽ ڪڏهن وري هاسٽلن ۾ فائيرنگ وغيره ، انهي ڪري ڪجهـه خوف هوندو هو پر گزريل ٻن سالن کان امن آهي ، جنهن جي ڪري پڙهائي بـه سٺي هلي رهي آهي ،   ۽ اسان کي بـه ڪو خوف ناهي رهيو، 

ائين ڪچهري ڪندي ماني دوران هن جو هم وطن اچي ويو، جنهن هن کي پنهنجي ٻولي ۾ وڏي آواز سان سلام ڪيو، پهرين کل پئي آئي مونکي ڇو جو هڪ  ته سمجهـه ۾ نـه پئي آيو ۽ وري چوڻ جو انداز بـه اهڙو هو، پوءِ پنهنجي پاڻ تي ضابطو آندو، تـه ڪٿي هنن کي غلط نـه لڳي ۽ ناراض نـه ٿي وڃن، پوء هن جي دوست سان تعرف ٿيو هن پنهنجو نالو حسين بن رفيق ٻڌايو، ۽ هو انٽرنيشل هاسٽل تي رهي رهيو هو، پوء مون هن کان پوڇيو ته اوھان کي هتي جي هاسٽل جي ماني ڪئين لڳندي آهي، هن ٻڌايو تـه اسان جڪڏهن هن ( انٽرنيشنل) ۽ ٻين هاسٽلن کي ڀيٽيون تـه هتي جي ماني سٺي آهي، ڇا ڪاڻ تـه هتي ٻـه ڪينٽينون آهن اسان جه لاءِ  ھڪ الڳ ۽  ٻي هتان جي شاگردن لاءِ الڳ آهي، ڇاڪاڻ جو هتي جا شاگرد وڌيڪ مرچن وارا ۽ مڪس مصالحن وارا  کادا کائيندا آهن، پر اسان گهٽ مرچ وارا ، ۽ گهٽ مصالحي وارا کاڌا کائيندا آهيون، مون وڌيڪ پڇندي هن کي چيو تـه اوهان کي اڪثر ڪري مون دوڪانن تي مختلف شيون  کائيندي ڏٺو آهي، جنھن ۾  ، پيٽيز، سموسـه برگر، بوتل وغيره.توھان  ماني کائيندي بـه هيتريون شيون ڪئين کائيندا آهيو. هن چيو اسان اهي شيون انهي ڪري کائيندا آهيو جئين اسان جي غذه پوري ٿي سگهي جيڪا ڪجهـه ،ماني ۾ گهٽ ملندي آهي ، ۽ ٻيو ڪجهـه اسڪالرشپ جو پئيسو آهي، تـه خرچ ڪري وٺندا آهيون، پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي وڌيڪ تعريف ڪندي هن چيو هتي جا شاگرد نـه بلڪـه  سٺا  ماڻهوآھن پر گڏوگڏ سٺا مهمان نواز  پڻ آهن، جيڪي تمام گهڻي عزت ڏيندا آهن، پر هتي جي مقامي رهواسين سان ڳالهائندي ٻولي جو مسئلو ٿئي ٿو، ۽ آخر ۾ ٻئي گبرو نوجوان الله حافظ سان ڳڏ انگريزي ۾ وري ملنداسين چئي روانا ٿيا.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

Tuesday, 27 October 2015

Singer Mai Dhai Interview by Rajesh Kumar


مائي ڌائي 





















سوال: 
اوهان جو تعارف ؟
جواب : مائي ڌائي جو جنم 1945 ع  ڳوٺ حويلي ٺڪر ڇور ضلعي عمر ڪوٽ  ۾ ٿيو ، مائي ڌائي جو لنگاهـه زات (منگڻهار) سان تعلق آهي ، هن جي ماءُ پنهنجي قبيلي ۾ هڪ سٺي ڳائيڻي هئي، جوڌپور ڀارت ۾ پوءِ ورهاگي بعد حويلي ٺڪر ڇور ۾ آئي، هن هتي اچي پنهنجي ڳائيڪي شروعات ڪئي،شادين مرادين جي پروگرامن مان ڪئي  هن وقت هي پاڪستان توڙي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻڌي ويندي آهي.


س: اوهان گلوڪار آهيو، ان ۾ اچڻ جو اوهان کي پنهنجو شوق هو يا ڪنهن کان متاثر ٿي ڳائيڻ شروع ڪيو ؟
جواب: اسان جو قبيلو مختلف شادين باراتين ۾ وڃي ڳائيندو آهي، انهي جي ڪري اسان بـه پنهنجي ڳوٺ جي شادين ۾ وڃي ڳائيندا وڄائيندا هئاسين، ان وقت منهنجو پٽ محرم فقير جيڪو مختلف وڏن فنڪارن سان گڏ ڍولڪ وڄايندو هو، پوءِ هڪ ڏنهن هن اچي مونکي چيو تـه موسيقي جي اڳيان وڏي عزت آهي اوهان کي به  اڳتي سڀني جي سامهون ڳائيڻ کپي، پوءِ مونکي بي شوق هو ، ۽ هن وقت جي هڪ نوجوان اديب شاعر سيد سردار شاهـه هن بـه اڳيان نڪرڻ منهنجي مدد ڪئي


سوال: اوهان ڳائڻ جي عرصي دوران ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏنو؟؟

جواب: سڀ ڪم تڪليف سان ئي مڪمل ٿيندا آهن، اهڙي طرح مون به گلوڪاري جي عرصي دوران ڏاڍيون تڪليفون سٺيون، منهنجي قبيلي مونکي ٻاهر ڳائڻ کا روڪيو ڇو جو اسان جي قبيلي ۾ صرف گهرن ۾ ڳائڻ جي اجازت هئي، نـ ڪي ڪنهن وڏي پيماني تي مگر مون همت نـه هاري ۽ پنهنجي ڳائڪي جاري رکي.
 .
سوال: اوهان جي نظر ۾ راڳ جي ڪهڙي اهميت آهي.؟؟
جواب: موسيقي هڪ پاڪ پوتر سُرن سازن جي ميلاپ آهي، جيڪي نـه صرف روح کي بلڪي دل۽ دماغ کي سڪون ٿي ڏئي ڇڏي، مگر موسيقي ۾ پاڪيزي هجڻ تمام اهم آهي، هميشه دنيا ان موسيقي کي موٽ ڏيندي آهي جيڪا دل ۽ روح سان ڳائي وڃي. انهي جي ڪري هن دنيا ۾ موسيقي جي وڏي اهميت آهي.

سوال؛ اوهان کي سرڪاري طرح ڪا مڃتا ملي.؟؟
جواب؛ مونکي ائين تـه ننڍا وڏا کوڙ سارا مڃتا  ايوارڊ مليا آهن، مگر سرڪاري سطح تي مونکي ”مائي بختاور ايوارڊ“، سنڌي لينگويج اٿارٽي “ ۽ آمريڪن ميوزيڪل ميلا “ جي طرفان مڃتا ايوارڊ مليا آهي، مگر حقيقت اها آهي تـه مان هميشه ماروئڙن جي موٽ کي پنهنجو ايوارڊ سمجهان ٿي.

سوال: اوهان  راڳ جي سکيا ڪيئن ورتي ۽ ڪنهن کان ورتي ؟؟
جواب؛ منهنجي امان بـه راڳ سان وابستـه هئي انهي جر ڪري ڪڏهن ڪڏهن شادين ۾ مان هن سان گڏ وڃي ڳائيندي هئيس، مگر مان مڪمل طريقي سان راڳ جي سکيا ”مائي کنڊ بائي“ کان ورتي ، جيڪا ٻآڙ مير ڀارت جي هئي، هن مونکي راڳ جي سکيا
لاءِ مونکي پاڻ سان ڳڏ رلايو.



سوال: اوهان جيڪي گيت ڳايا انهن مان اوهان جو پسنديده  گيت ڪهڙو آهي.؟
جواب: مان جيڪي بـه گيت ڳايا اهي سڀ منهنجي پسند جا آهن، ۽ مان ڪوشش اها ڪندي آهيان تـه جيڪي بي گيت ڳايا اهي منهنجي ماروڙئن جي پسند جا بـه هجن، مگر مونکي سڀ کان وڌيڪ پسند هن وقت جو گيت آهي ” ڪڏي آئو ني “ جيڪو مون پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم سان ڳايو، جنهن مونکي وڌيڪ شهرت ڏياري.
.
سوال؛ اوهان ٻاهرين ملڪ ۾ ڳايو ۽ سنڌ ۾ بـه ، اوهان کي هتان جي ٻڌندڙ ۽ هتان جي ٻڌندڙ ۾ ڪهڙو فرق نظرآيو.؟
جواب: اسان وٽ ڪلا اتري آهي ته جو اسان ڪنهن بـه ملڪ ۾ وڃي پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪري سگهون ٿا، مگر بدقسمتي اها آهي ته ان ڪلا جي هتي اها قدر ناهي ، اها موٽ نٿي ملي جيڪا پرڏيهـه  مان ملندي آهي، هُتان جا ماڻهون قدر دان آهن، اهي موسيقي کي روح سان ٻڌندا آهن.

سوال: اوهان کي ڪهڙي ٻولي ۾ ڳائڻ سوُلو لڳندو آهي.؟
جواب: اسان جي ڌرتي صوفين جي آهي انهي جي ڪري هتي مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهي ڪري
منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي  آهي تـه مان هر انهي ٻولي ۾ گايان
 ڳايان جيڪا منهنجي ڌرتي ۾ ڳالهائي ٿي وڃي . پر مونکي ڍاٽڪي ٻولي ۾ ڳائڻ تمام سولو لگندو آهي.

سوال: اوهان جو ڪو پيغام ؟؟
جواب؛ اسان جتي رهون ٿا اتي هنر تمام گهڻو موجود آهي ، مگر اسان وٽ سماج جو رڪاوٽون گهڻيون آهن، انهي جي ڪري اسان جا نوجوان خاص ڪري  عورتن لاءِ اسان وٽ اهو ماحول آهي تـه اسان جي سماج ۾ عورت جوگهر کان اڳتي نڪرڻ برداشت نٿو ٿي صرف گهر تائين محدود رکيو وڃي ٿو، هن سوچ کي تبديل ڪري هنن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن تـه جئين هو بـه اگتي اچي سگهن، ۽ دنيا ۾ مشهوري ماڻي سگهن.

نالو: راجيش ڪمار

رول نمبر 2k14/mc/78

Composing in very bad format. plz make it simple.. 

 It should carry ur name at the top and also mention at the top the category of writing means interview, profile etc. file name should be proper. . Preferablly send ur piece from ur own mail, so that u can get feedback properly and timely




Monday, 5 October 2015

Sohail Kumbhar profile by Rajesh Kumar

شخصيت سهيل ڪنڀر

 راجيش ڪمار

پنهنجي لاءِ تـه زندگي هر ڪو جيئندو آهي پر ڪو جڏهن ڪنهن ٻئي جي لاءِ خاص مقصد لاءِ زندگي يا پنهنجي حياتي ارپي ڇڏي تـه اهو ئي حقيقي دنيا جو بادشاهـه آهي.
اها هڪ ڏاهي جي چوڻي آهي جيڪا ظاهر ڪري ٿي تـه زندگي جو مقصد ڪنهن ٻئي لاءِ جيئڻ آهي، ائين ئي ضلعي عمر ڪوٽ جو هڪ نماڻو ۽ وچولو قد رکندڙ 22 سالا نوجوان سهيل ڪنڀر جيڪو ٻين لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، هو وچولي طبقي جي خاندان سان تعلق رکي ٿو، سندس پرائمري تعليم ڳوٺ کيجراڙي مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ، انٽر ڪائنات پبلڪ ڪاليج مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، جڏهن ته بي اِي ڊي سنڌ يونيورسٽي مان جاري آهي، هو گذريل 5 سالن کان عمرڪوٽ سميت سنڌ اندر سماجي ڪمن ۾ مصروف آهي، هن جي چوڻ مطابق هن سماجي ڪم جي شروعات ٻارڙن جي مظلومي ڏسي ۽ خاص ڪري سنڌي ٻاراڻو ادب گهٽ شايع ٿيڻ جي ڪري هن کي اهو شوق جاڳيو ته هو انهن لاءِ ڪجهه ڪري ۽ پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪري، ان سلسلي ۾ هن مظلوم ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ ۽ سنڌي ۾ ٻاراڻي سنڌي ادب جي کوٽ جي پورائو ڪرڻ لاءِ هن هڪ ٽه ماهي مئگزين پنکڙيون 2014ع کان شايع ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪو مئگزين 50 صفحن تي مشتمل آهي ۽ انگلش ۽ سنڌي ٻولين ۾ هر ٽئين مهيني عمرڪوٽ مان شايع ٿيندو آهي. پنکڙيون مئگزين جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ پوءِ هن مزدوري ڪندڙ ٻارن جي مالڪي ۽ ٻارن جي حقن جي جدوجهد لاءِ هڪ فورم ”پنکڙيون ٻالڪ ادبي فورم“ نالي سان قائم ڪيو، جنهن فورم تحت ٻارن جي عالمي ڏينهن ۽ ٻين موقعن تي ننڍڙا پروگرام ڪرائي ٻارن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي. ان سان گڏ هڪ اسٽڊي سرڪل بـه قائم ڪيو، جتي دوستن کي ادب جي مطالعي لاءِ ڪتاب ڏنا ويندا آهن، ٻالڪ ادبي فورم قائم ڪرڻ جو مقصد اهو به هو ته جيئن ٻارڙن ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون پيدا ڪري سگهجن. اها ئي هن جي وڏي خوبي آهي ته هو مسلسل سماجي معاملن ۾ جاکوڙي رهيو آهي، خاص ڪري ٻارڙن ۽ نوجوانن انهن  جي حقن جي جدوجهد، ۽ هنن کي اڳيان آڻڻ لاءِ هي هڪ نوجوانن جي  تنظيم ”وائيس آف نيو جنريشن“ جو اڳواڻ پڻ بڻيو آهي، ان جي ذريعي به هي نوجوانن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. انهي ڪم لاءِ سهيل کي مختلف مڃتا ايوارڊ مليا آهن جنهن ۾ هن کي ضلعي عمر ڪوٽ جو ”يوٿ ايوارڊ“ ”ينگ سوشل ايڪٽو ايوارڊ“ هن جي ڪوشش آهي ته ”آئون ٻارڙن ۽ نوجوانن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان ته جيئن هنن کي پنهنجا پنهنجا حق ڏياري سگهان، ان ڪري هي رسالو ۽ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا آهن ۽ اهي مڪمل حق مون هڪ جي ڪوشش نه پر سڀني جو گڏيل طور تي پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪرڻ تي ملندا، اهڙن ئي بلند ۽ سٺي خيالن واري سهيل جهڙن نوجوانن جي اسان جي سماج ۾ سخت ضرورت آهي، ائين ئي هن سماجي نوجوان سهيل ڪنڀر جي باري ۾ عمرڪوٽ جي سينيئر صحافي الياس ٿري جو چوڻ آهي ته ”اهڙن نوجوانن جي سماج ۾ سخت ضرورت آهي، خاص ڪري اهڙا علائقا يا شهر جيڪي شعوري طور تي پٺتي پيل آهن ۽ انهن جي حقن جي جاکوڙ لاءِ سهيل جهڙي نوجوانن جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن سرڪاري ۽ خانگي ادارا اهڙن نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪن ته اهي نوجوان سماج ۾ هڪ سٺي تبديلي وٺي ايندا، هڪ انگريز ڏاهي جو قول آهي ته ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيون محروميون ڄاڻي ٿو ته هو ٻين جي محرومين کي به سٺي طريقي سان ڄاڻي سگهي ٿو.“
اهڙا نوجوان جيڪي سماجي ڀلائي جا ڪم ڪري رهيا آهن، اهي سماج لاءِ نهايت معزز آهن، ڇو جو هو ان سماج کي بدلائڻ گهرن ٿا، ان سماج ۾ جيڪي به محروميون آهن، انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي چاهين ٿا ته هي سماج جيڪو پٺتي پيل آهي، ڪجهه شين ۾ هڪ سٺو ۽ مهذب سماج بڻجي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثالي سماج بڻجي. انسان جي زندگي تمام مختصر آهي، ان جو هڪ لمحو بـه وڏو قيمتي آهي جنهن کي ضايع ڪرڻ نـه گهرجي، ۽ جيڪي بـه حياتي جا ڪجـھ پهر آهن سي انهن جي ناوُ ڪجن جنهن کي ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت آهي.
نالو راجيش ڪمار
2k14/78رول نمبر
ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو
October 2015 BS-II

Practical work carried out under supervision of Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, Sindh University