Tuesday 19 September 2017

Nadir Mugheri interview نادر علي مغيري

 Make sure the topic is approved. Otherwise it will not be considered.
U should write personality name, ur name and category of writing at the top. Also write roll number, class, semester and date.
First question should be made introduction.  Not as question.
By Sadam Solnagi
 صدام

س: اوهان جو مڪمل تعارف؟
ج: منهنجو نالو نادر علي مغيري آهي، مان بنيادي طور هڪ انجنيئر آهيان. بي اِي مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد جڏهن روزگار سانگي ڪراچي ويس ته پاڪ سوزوڪي موٽرز ڪمپني ۾ جونيئر انجنيئر طور نوڪري ملي وئي. ڊيوٽي جي ٽائمنگ گهڻي ۽ پگهار گهٽ هوندي هئي. ڪجهه ئي مهينن بعد هڪ انگريزي اخبار ۾ ٽرانسليٽر جي نوڪري جو اشتهار آيو. مون به کڻي درخواست ڏني. ٽيسٽ ۽ انٽرويو بعد مونکي سٺي پگهار تي رکيو ويو. اهڙيءَ طرح صحافت ۾ اچي ويس ۽ پوءِ صحافت جو وڌيڪ شوق ٿيندو ويو. مون به باقاعدگيءَ سان صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 2005ع ۾ مون سوچيو ته جيڪڏهن صحافت ۾ اڳتي وڌڻو ئي آهي ته پوءِ ان جي لاڳاپيل ڊگري به ضروري آهي، انهيءَ ارادي سان مون وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ 2005ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ داخلا ورتي. 2006ع ۾ سنڌ ٽي وي نيوز لاهور ۾ بيورو چيف جي پوزيشن جو اشتهار ڏنو ويو، مون سميت گهڻن دوستن اپلاءِ ڪيو. ٽيسٽ ۽ انٽرويو بعد مونکي سنڌ ٽي وي نيوز جو لاهور ۾ بيورو چيف مقرر ڪيو ويو. مون سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ لاهور ۾ 5 سال ڪم ڪيو ۽ سال کن اسلام آباد ۾ به ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. جنهن بعد ڪراچي اچي روزنامه امت جوائن ڪيم. تقريبن سال ڪم ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ پي آر او جي پوسٽ مشتهر ٿي، جنهن ۾ مونکي ڪاميابي ملي ۽ جولاءِ 2012 کان هتي پبلڪ رليشنز آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهيان.
س: صحافت ۾ اچڻ جو شعور ڪيئن پيدا ٿيو ۽ ان جي شروعات ڪٿان ڪئي؟
ج: اوهانکي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان بنيادي طور هڪ انجنيئر آهيان. اِنڊور جاب کان تنگ ٿي هڪ اخبار جوائن ڪيم. صحافت ۾ ڪم دوران ايڏو ته مزو آيو جو منهنجو ڪيريئر ئي صحافت بڻجي ويو. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن دل شدت سان چوندي آهي ته پي آر او طور يونيورسٽي ۾ ڪم ڪرڻ بعد شام جو صحافت ڪريان. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪنهن به نوڪريءَ ۾ ايمانداري سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏجي ته ڪاميابي پاڻ ئي قدم چمندي آهي. 2009ع ۾ مون اهو پڪو پهه ڪيو ته مونکي ڪنهن عالمي نشرياتي يا خابرو اداري ۾ ڪم ڪرڻو آهي، ٻن سالن جي جدوجهد بعد 2011 ۾ مونکي صحافتي مٽا سٽا پروگرام ذريعي آمريڪا جي معتبر ترين اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ هڪ مهيني لاءِ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي مقصد سان سچا آهيو ته اوهانکي ڪاميابي يقينن ملندي.
س: توهان جي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ بعد پي آر سيڪشن ۾ ڪا تبديلي آئي؟
ج: جي ها بلڪل! مون واضح تبديلي آندي آهي. يونيورسٽي جوائن ڪرڻ بعد سڀ کان پهريان مون ڪم ڪرڻ جا روايتي طريقا ختم ڪري انهن ۾ نواڻ آندي، شاگردن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي يونيورسٽي بابت ترت ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جو به گهڻو استعمال يقيني بڻايو. يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي اڳ ۾ صرف سرڪيولر جيئن جو تيئن پوسٽ ڪيا ويندا هئا، مون انهن سرڪيولرز ۽ نوٽيفڪيشنز کي نيوز فارميٽ ۾ آڻي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي موڪلڻ شروع ڪيو. ويب سائيٽ کي سٺي انگريزيءَ ۾ اپڊيٽ ڪرڻ جي شروعات ڪئي. يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مون سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي سنڌي ۽ اردو ۾ خبرون متعارف ڪرايون. ان کانسواءِ فيس بوڪ تي يونيورسٽي جي نالي سان پيج تيار ڪيم، ٽوئيٽر ۽ لنڪڊ اِن تي يونيورسٽي جا اڪائونٽ ٺاهيم، پنهنجي مدد پاڻ تحت يونيورسٽي آف سنڌ جي نالي سان ورڊ پريس تي هڪ بلاگ به تيار ڪيم، حقيقت ۾ هي سڌارن طرف هڪ اهم وک آهي. انهيءَ سڄي ڪوشش جو مقصد صرف اهو آهي ته يونيورسٽي جو اميج بهتر ٿئي ۽ يونيورسٽي جي تعليمي، تحقيقي، راندين ۽ ٻين هاڪاري سرگرمين بابت ماڻهن کي بروقت ڄاڻ مهيا ڪري سگهجي.
س: موجوده صحافت تي ڪرپشن جا الزام آهن، ان بابت اوهانجي ڇا راءِ آهي؟
ج: حقيقت ۾ صحافت دکي انسانيت جي خدمت جو نالو آهي. يعني جڏهن ڪنهن معاشري ۾ انتشار وڌي وڃي يا ماڻهو ڏاڍن ۽ حڪمرانن هٿان پيڙجندا هجن، تعليم نه هجي، ماڻهن کي بنيادي حق نه ملندا هجن، رياستي زيادتيون عام جام هجن، اتي صحافت جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. صحافت صرف اها ناهي ته اوهان خبر فائيل ڪري اها اخبار ۾ لڳرايو يا ٽي ويءَ تي هلرايو ۽ اوهانجو ڪم ختم..... پر صحافت هڪ مقصد جو نالو آهي، زيادتين خلاف موثر آواز اٿارڻ جو نالو آهي، صحافت ماڻهن کي پنهنجن حقن لاءِ سڄاڳ ڪرڻ جو نالو آهي. تنهن ڪري صحافت تي ڪرپشن جا الزام ڪيئن لڳائي سگهجن ٿا. ها صحافت ۾ ڪجهه فرد خراب ٿي سگهن ٿا، ڪرپٽ به ٿي سگهن ٿا پر ان جو اهو مطلب نه هئڻ گهرجي ته ڪا صحافت خراب آهي. ڪرپٽ ماڻهن جي صحافت ۾ جاءِ نه هئڻ گهرجي، سندن محاصرو ضروري آهي.
س: اوهان مستقبل ۾ هن اداري جي بهتريءَ ۽ سڌارن لاءِ ڪهڙا قدم کڻندا؟
ج: ڪوشش آهي ته سنڌ يونيورسٽي جو اميج بهتر کان بهتر ٿئي. مستقبل قريب ۾ ايس ايم ايس سروس شروع ڪرڻ جو پروگرام آهي، جيئن ئي ڪو ايونٽ ٿئي ته اهو ماڻهن تائين موبائيل پيغام ذريعي سِگهو پهچي وڃي، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه موبائيل فون جو استعمال عام جام آهي. ڄاڻايل سروس مفت فراهم ڪئي ويندي ۽ ان جي حاصلات لاءِ ماڻهن کي پنهنجي موبائيل فون تي سبسڪرائيب ڪرڻو پوندو. ان کانسواءِ واٽس ايپ تي اسانجي جيڪا سروس جاري آهي، انکي وڌايو ويندو. سڀ کان اهم هدف اهو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي پبلڪ رليشنز سيڪشن کي ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ رليشنز ۾ تبديل ڪجي، ڇاڪاڻ ته هتي هاڻي ڪم وڌي رهيو آهي. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جو الميو اهو آهي ته هتي پي آر سيڪشنز کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي، پر حقيقت ۾ اڄ جي ڪارپوريٽ دنيا ۾ صحافت جي ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ خودڪشي برابر آهي.
س: اسانجي معاشري ۾ تعليم جي اهميت ڇو گهٽجي وئي ۽ تعليمي ادارن خاص طور يونيورسٽين مان ميرٽ ڇو ختم ٿي وئي آهي؟
ج: (مسڪرائيندي) آئون ته اهو چوندس ته اسانجي معاشري ۾ اڄڪلهه تعليم جي اهميت وڌي رهي آهي. ماڻهن آخرڪار محسوس ڪري ورتو آهي ته تعليم بنا ترقي ممڪن ناهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تعليم جو رجحان حال ۾ وڌيڪ آهي، اڄڪلهه چٽاڀيٽي به وڌي وئي آهي. باقي رهي ڳالهه ميرٽ ختم ٿيڻ جي ته ان لاءِ آئون اهو چوندس ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سياست کي ملوث ٿيڻ نه ڏنو وڃي، هڪ مخصوص گروپ کي سپورٽ ڪرڻ بجاءِ هڪجهڙيون پاليسيون هئڻ گهرجن. ملڪ جي سمورن يونيورسٽين جي سربراهن جي ڪارڪردگي تي چيڪ هئڻ گهرجي، جنهن لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽيون هئڻ گهرجن. وي سيز جي ڪارڪردگي مانيٽر ڪرڻ بعد هر ٽن مهينن ۾ هڪ جامع رپورٽ گورنر، وزيراعليٰ، هيڪ چيئرمين ۽ وزيراعظم کي موڪلڻ گهرجي. پسند ۽ ناپسند توڙي متڀيد رويا رکندڙ يونيورسٽين جي ڪسٽوڊينز کان سختي سان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. آفيسرن ۽ استادن جي ڪارڪردگي تي به سخت نظر هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ملڪ جي يونيورسٽين کي ترقيءَ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. بهرحال سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسيلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻيءَ جي قيادت ۾ ترقيءَ طرف گامزن آهي.
س؛ اوهان نوڪري ۽ ڪاروبار ۾ ڪهڙو فرق محسوس ڪريو ٿا؟
ج: ادا! نوڪري هجي يا ڪاروبار... ماڻهوءَ ۾ اهليت هئڻ ضروري آهي. اهليت يا مهارتون تڏهن اينديون جڏهن اوهان محنت ۽ لگن سان سٺي تعليم پرائيندا. پهرين ڳالهه اها آهي ته ٻار کي ان جي ذهن موجب تعليم جا موقعا ملڻ گهرجن، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته سندس ڪيريئر جو سمجهو ته اڌ مسئلو حل ٿي ويو. جيستائين ڪاروبار جو تعلق آهي ته ان لاءِ اوهان وٽ پئسا هئڻ ضروري آهن باقي نوڪري جيڪڏهن وٺڻي آهي ته اوهان محنت ڪريو، پنهنجو هڪ هدف ٺاهيو، ان تحت اڳتي وڌو ته گهربل نوڪري آرام سان اوهان کي ملي ويندي.
س: شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڪو پيغام؟
ج: منهنجو پيغام اهو آهي ته اوهان پنهنجي مقصد سان سچا ٿيو، والدين، وڏن ۽ استادن جي عزت ڪريو ۽ خوب پڙهائي ڪريو، مونکي قوي اميد آهي ته اوهان هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندا. 



No comments:

Post a Comment