Showing posts with label محمد حسن. Show all posts
Showing posts with label محمد حسن. Show all posts

Friday, 6 November 2015

Jamal SHah Interview by Mohammad Hassan Samoon

Photo is required
Sir this interview assignment I already submit in hard copy but you say that send it into soft copy.
Interview Assignment
                                                         محمد حسن سمون                                                             2k14/MC/53 
سيد جمال محمد شاھ رضوي
                            (ڳوٺ غلام نبي شاھ جومالڪ)
ضلعي عمرڪوٽ جي ننڍڙي ڳوٺ غلام نبي شاھ جي وارس سيد جمال محمد شاھ رضوي جيڪو سيد خاندان سان واسطو رکي ٿو جنھن جوجنم 1961 ۾ پنھنجي ئي ڳوٺ غلام نبي شاھ ۾ سيد دامن علي شاھ جي گهر ۾ ٿيو جيڪو سندس والد صحاب آهي.هن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ غلام نبي شاھ جي مين پرائمري اسڪول غلام نبي شاھ مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ عمرڪوٽ هائي اسڪول_ 1 ۾ميٽرڪ مڪمل ڪيو. وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ڪجھ خانداني مسئلن جي ڪري پر هاڻي هوُ ڳوٺ ۾زمينداري ۽ ڳوٺ جي مالڪ جي حيثيت سان ڳوٺ جي ماڻهن جي مسئلن کي سلجهائڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
سوال (1)    اوهان اڳتي تعليم ڇونه حاصل ڪري سگهيا؟ وجهه؟
جواب        مون ميٽرڪ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ميڊيڪل گروپ ۾ داخلا ورتي اڃان فرسٽ ائير مڪمل ئي نه ٿيو هيو ته بابا صاحب جي وفات ٿي وئي ۽ آئون پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس ڳوٺ ۾ اچي بابا جي رهيل زمين جي سار سنڀال لهڻ لڳس ڇاڪاڻ ته منهنجو ٻيو ڪو ڀاءُ نه هيو ان ڪري مون پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني.
سوال (2)    اوهان کي ننڍپڻ ۾ ڇا ٿيڻ جو شوق هو ۽ ڇو؟
جواب       جيئن ته مون پيري ئي ٻڌايو هو ته مون ميڊيڪل گروپ ۾ ايڊميشن ورتي هئي اهو انهي ڪري ته مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هيو ۽ منهنجو خيال هو ته ڊاڪٽر ٿي ماڻهن جي خدمت ڪريان پر بابا صاحب جي وفات جي ڪري شوق پورو نه ٿي سگھيو پر هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت نه پر ڳوٺ جي مالڪ جي حيثيت سان آئون ڪوشش ڪندس ته ڪجھ ڀلو ڪريان.
سوال (3)   هن ڳوٺ جي تاريخ جي حوالي سان اسان کي ڪجھ ٻڌايو؟
جواب      جيئن ته مون کي هن ڳوٺ جي تاريخ جي اتيري ڄاڻ نه آهي پر ڪجھ وڏن کان ٻڌل آهي ته هي ڳوٺ تمام پراڻو آهي، اسان جا وڏا جڏهن اتي آيا ته هي سڄو جهنگ هيو ۽ هتي ڪارو علم وغيره ٿيندو هيو. اسان جا وڏا جڏهن اتي آيا ته انهن سان گڏ جي قوم ميان به هيا ۽ ڪنڀر به هيا ۽ اسان پهين رهائش اتي لئي جتي هينئر غلام نبي شاھ جي عيد گاھ آهي. بعد ۾ انهن جهگلي ماڻهن سان مقابلو ٿيو انهن کي نيٺ ڀڄائي ڪڍيو ويو بعد ۾ اسان سيد اتي انهي ڳوٺ ۾ رهيا سين ۽ ميان وڃي کنڀري ۾ رهيا. ڪجھ ڪنڀر اسان سان گڏ رهيا ۽ ڪجھ ميان سان گڏ وڃي کنڀري لڏي ويا  جيڪي اڃان تائين اتي کنڀري ۾ رهن پيا. ۽ اسان سان گڏ رهندڙ ڪنڀر به اڃان تائين اتي موجود آهن. بعد ۾ آهستي آهستي ٻيون ذاتيون به انيديون ويون ۽ اهڙي نموني پورو جهنگ هڪ آباد ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو.
سوال (4)     هن ڳوٺ تي غلام نبي شاھ جو نالو ڪيئن پيو؟
جواب         غلام نبي شاھ منهنجي پڙ ڏاڏي جو نالو آهي جيڪو پهرين پهرين هن ڳوٺ ۾ آيو هيو تنهن ڪري هن ڳوٺ جو نالو به ان جي نالي جي ڪري غلام نبي شاھ رکيو ويو.
سوال (5)     هڪ ڳوٺ ۾ ڳوٺ جي مالڪ جو ڇا ڪردار هوندو آهي؟
جواب         ڳوٺ جي مالڪ جو اصل ۾ اهم ڪردار اهو هوندو آهي ته هو ڳوٺ جي لاءِ ڪجھ ڪرڻ جو سوچي هر لحاظ کان ۽ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ مسئلن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري.
سوال (6)     ڳوٺن جا ڪهڙا مسئلا آهن؟
جواب         ڳوٺن ۾ ڏٺو وڃي ته سڀ کان پهرين جيڪو وڏو مسئلو آهي اهو آهي صحت ۽ تعليم جو اگر هو بهتر ٿي وڃي ته اهڙا ٻيا مسئلا ٿيندا ئي ڪونه. منهنجي نظر ۾ ته هڪ ڳوٺ ۾ اگر سٺو صحت  جو مرڪز هجي جتي غريبن لاءِ ڪجھ سهولت هجي ننڍين ننڍين بيمارين جي حوالي سان ۽ تعليم جي لحاظ کان ته هڪ ڳوٺ ۾ تعليم جي ايتري سهولت هجڻ کپي جو هر ڪو غريب توڙي امير پنهنجي شروعاتي تعليم اتان ڳوٺ مان حاصل ڪري سگهي ڇو ته امير ماڻهو ته ٻي شهر ۾ به تعليم حاصل ڪري وٺندو پر غريب ڪٿان حاصل ڪندو، صرف ايترو هجڻ کپي وڌيڪ ڀلي نه ته غريب توڙي امير پنهجي شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪري.
سوال (7)         انهي کان علاوه ٻيا ڪهڙا مسئلا آهن ڳوٺ ۾؟
جواب             ٻيا مسئلا ته ڳوٺ ۾ سٺو نظام هجڻ کپي روڊ رستن جي حوالي ته آمد رفت  ٿئي ماڻهو اگر ٻي هنڌ وڃن ته انهن کي پريشان ٿيڻو نه پوي.
سوال (8)         اهڙا به مسئلا هوندا آهن ته ڪن ٻن ڌرين ۾ جهيڙو يا تڪرار جي حوالي سان؟
جواب            ها اهڙا به مسئلا ڪافي سارا سامهون اچي چڪا آهن جيڪي ڪنهن ننڍي ڳالھ تي جهيڙي يا تڪرار جي شڪل ٿي وڃن ٿا.
سوال (9)         انهن مسئن کي حل ڪرڻ ۾ ڪير 
 Role play ڪندو آهي؟
جواب             انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گهڻو تڻو ڳوٺ جو مالڪ ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته هي مسئلو هن  جي ئي ڳوٺ ۾ ٿيو آهي ۽ سوچيندو آهي ته هن جي ڪري ٻيا نه ٿين.
سوال (10)        انهي کان علاوه ٻيو ڪير Role play ڪندو آهي؟
جواب             ڳوٺ جي مالڪ کان علاوه ڳوٺ جون معزز شخصحتون به سٺو ڪردار ادا ڪنديون آهن مسئلو حل ڪرڻ ۾.
سوال (11)        ڪو تڪراري جهيڙي وارو مسئلو اوهان جي نظر ۾ ڪيئن حل ڪيو ويندو آهي؟
جواب             آئون اهو چاهيندو آهيان ته ٻئي ڌريون هڪ ٿي وڃن ڇاڪاڻ ته اگر هڪڙي کي صحيح سمجهي ٻي کي ڏوهي ڪيو ويو ته هو ڏوهي دل ۾ ڪندو تنهن ڪري آئون اهو چاهيندو آهيان ته ٻئي ڌريون هن ڪاوڙ يا جهيڙي کي ختم ڪري هڪ تي وڃن ۽ وري ٻيا اهڙا مسئلا نه ٿين اهڙي نموني تقريبن سڀ فيصلا ڪامياب ويا آهن.
سوال (12)        ڪو اهڙو مسئلو جيڪو اوهان کان حل نه ٿيو هجي؟
جواب             نه مون کي اهڙو ڪو مسئلو ياد نه آهي ته مون کي حل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هجي ڇاڪاڻ ته آئون هر مسئلو انهي طريقي سان سلجهائيندو آهيان جيڪو طريقو مون پهرين ٻڌايو ۽ ڪوشش اها هوندي آهي ته ٻئي ڌريون پرچي وڃن هڪ ٿي وڃن.
محمد حسن سمون                                                             
Roll No. 2K14/MC/53                                                                         This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi                                                                  

Tuesday, 3 November 2015

fall of handicraft in GN Shah

REVISED
                                                                                         
محمد حسن سمون 
                                                                                  Roll No. 2k14/MC/53
غلام نبي شاھ جون وڃائجي ويل سٽيون (ڪريگري ۽ پيشا)
عمر ڪوٽ ضلعي جي دنگ تي اڏيل پراڻو ۽ تاريخي ڳوٺ غلام نبي شاھ جيڪو ڪنهن دؤر کان بهترين قسم جي ڪاريگري جي ڪري مشهور آهي. هن ڳوٺ جون مختلف قسم جون ڪاريگريون يا فن جيڪي نه صرف ضلعي عمر ڪوٽ ۾ پر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به مشهور آهن.
   انهن مشهور هنرن ۾ هن ڳوٺ جو رنگاوتي وارو هنر  به هڪ آهي.
رنگاوتي وارو هنر جيڪو هن ڳوٺ جو ڪنهن وقت کان تمام وڌيڪ مشهور آهي. جيڪا کتري قوم کان ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو نهر کتري قوم جو اصل هنر آهي.هر قوم ۽ يا ذات جو پنهنجو پنهنجو هنر هوندو آهي. انهي هنر جي ڪري اها قوم سڃاتي وڃي ٿي. رنگاوتي واري هنر ۾ کتري قوم تمام ۾مشهور آهي. اهيسفيد ڪلر جي ڪپڙي تي پنهنجي هنر جي ذريعي رنگ ڀريمختلف ڊرائون ڏيندا آهن. جنهن ۾ سنڌي ثقافتي اجرڪ ۽ سنڌي عورتن جو گهاگهرو شامل آهن. غلام نبي شاھ جي کتري قوم جو هي هنر/ڪاريگري جيڪا نه صرف ضلعي عمر ڪوٽ ۾ پر سنڌ جي ڪجھ ٻين علائقن ۾ به مشهور آهي. هن ڳوٺ جي ثقافتي اجرڪ تمام گهڻو پسند ڪئي ويندي آهي جيڪا ڳوٺن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿينسي آهي خاص ڪري شادي ۾ هن ثقافتي اجرڪ جو وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ شادي جو اهو رواج هوندو آهي ته جنهن جي شادي آهي ان کي ٻين جي طرفان اجرڪ ڏني ويندي آهي. ان کان علاوه مهمان نوازي ۾ به مهمان کي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويندو آهي. گهاگهري جو استعمال به ڳوٺ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو تنهن ڪري ڳوٺ ليول تي هن کي تمام وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو جيڪو غلام نبي شاھ ڳوٺ جي کتري قوم جو هنر آهي. 
رنگاوتي واري هنر ۾ پڙ جيڪا درگاھ ۾ اوليائن تي ڍاڙهي وڃي ٿي جنهن کي سائي چادر به چيو وڃي ٿو سا کتري قوم جو هنر آهي. اهو هنر هن ڳوٺ جي پترين جو مشهور آهي. 
 غلام نبي شاھ ۾ هن وقت تائين اهي ڪاريگريون ٿي رهيون آهن پر اڳ جي حساب سان هاڻي ايتريون نه ٿي رهيون آهن. هاڻي غلام نبي شاھ ۾ رنگاوتي جو هنر صرف ٽن گهرن مان ڪيو وڃي ٿو. اهو انهي ڪري ته هاڻِ کتري قوم هن وقت ٻيا پيشا ڪري رهي آهي جنهن ۾ دڪانداري، ماسترييي وغيره.
غلام نبي شاھ جي تاريخ جي لحاظ کان ته سڀ کان پهرين هنن ڳوٺ ۾ سيدن سان گڏ ڪنڀار قوم جو هنر به مشهور آهي. هنن جو مشهور هنر مٽي جا ٿانھ ٺاهڻ به آهي. اهي ڪنڀار مٽي کي ڳوهي انکي ڪنهن ٿانھ جي شڪل ڏئي پيش ڪندا آهن. انهن جي ٺهيل مشهور ٿانھ ۾ دلو تمام مشهور آهي. اهي دلي کي مٽي مان ٺاهي ان تي بهترين قسم جي ڊزائن ٺاهيل هوندي آهي. ٻيا به ڪافي سارا ٿانھ مٽي جا جنهن تي ڊزائن ٺاهيل هوندي آهي مثال طور اٽو ڳوهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پاٽ ، چانھ پيڻ لاءِ جمني/پيالو سو بهترين قسم جو هنر آهي.
غلام نبي شاھ ڳوٺ ٻيو بهترين هنر عورتن جو هنر مطلب عورتن جي هٿ سان ٺاهيل ڀرت مشهور آهي جيڪا اڃا تائين ميگھواڙ قوم جون عورتون ٺاهينديون آهن اهي عورتون ڪپڙن تي مخلتف قسم جا پشم واري ڌاڳي جو استعمال ڪري ڀرت ڀرينديون آهن. جنهن ۾ عورتون جي ڪپڙن تي ٺهيل مختلف ڀرت شامل آهن. انهي کان علاوه وهاڻن ۽ ڇادرن تي ٺهيل ڀرت به انهن عورتن جي هنر ۾ شامل آهي. مڪو ڀريل اڳٽ جيڪي ڳوٺ ۾ وڏي شوق سان استعمال ڪيا وڃن ٿا سي به انهن تورتن کان ٺاهيا
وڃن ٿا. 
هن ڳوٺ جو هڪ ٻيو هنر جيڪو هاڻِ ميگهواڙ عورتون وڏي پيماني تي ٺاهينديون آهن. اهو آحي موڙ شادي ۾ گهوٽ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪو ٺاهيوويندو آهي ڌاڳن ۾ مڻيا پڙوڙي ۽ ان کي بهتين ڊزائن ڏني ويندي آهي.
انهي کان علاوه بوتلن تي مڪو طري تيل وجهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو پڻ شادي ۾ وڏيڪ استعمال ٿيندو آهي. ٻيون ڪافي ساريون مڪي جو طرت طتيل جنهن تي اهي هن ڳوٺ جون مشهور آهن.
غلام نبي شاھ جي هڪ ٻي قوم جيڪا پنهنجي ذات سان سڃاتي وڃي ٽي اها آهي مالهي قوم جيڪا پنهنجي پيشي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. جيڪي باغن جي سار سنڀال لهندا آهن ۽ ٻنيون وغيره جي سار سنڀال لهندا آهن ڏاڍا محنتي آهن پنهنجي پيشي جي حوالي سان.
اهي سڀئي فن يا ڪاريگري وارا پيشا جيڪي هاڻي غلام نبي شاھ ۾ ايتري گهڻي مقدار ۾ نه رهيا آهن هن جو سبب اهو آحي ته جديد دؤر جنهن کي ڪمپيوٽر دؤر پئجي ٿو هن ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿيندي رهي ٿي ماڻهن پنهنجا اصلي ڪاريگري ڇڏي ڏني آهي.
   محمد حسن سمون
Roll No: 2k14/MC/53 
 سر سهيل سانگي      

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     
 --------------------------- FIRST VERSION ---------------
Write ur name in sindhi also. fotos are also required
Khatri is not nation. 
 Feature Topic                                                                                                                                                                                                        From: Muhammad Hassan Samoon                                                                                     Roll No. 2k14/MC/53
غلام نبي شاھ جون وڃائجي ويل سٽيون (ڪريگري ۽ پيشا)
عمر ڪوٽ ضلعي جي دنگ تي اڏيل پراڻو ۽ تاريخي ڳوٺ غلام نبي شاھ جيڪو ڪنهن دؤر کان بهترين قسم جي ڪاريگري جي ڪري مشهور آهي. هن ڳوٺ جون مختلف قسم جون ڪاريگريون يا فن جيڪي نه صرف ضلعي عمر ڪوٽ ۾ پر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به مشهور آهن.
   انهن مشهور هنرن ۾ هن ڳوٺ جو رنگاوتي وارو هنر  به هڪ آهي.
رنگاوتي وارو هنر جيڪو هن ڳوٺ جو ڪنهن وقت کان تمام وڌيڪ مشهور آهي. جيڪا کتري قوم کان ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو نهر کتري قوم جو اصل هنر آهي.هر قوم ۽ يا ذات جو پنهنجو پنهنجو هنر هوندو آهي. انهي هنر جي ڪري اها قوم سڃاتي وڃي ٿي. رنگاوتي واري هنر ۾ کتري قوم تمام ۾مشهور آهي. اهي سفيد ڪلر جي ڪپڙي تي پنهنجي هنر جي ذريعي رنگ ڀريمختلف ڊرائون ڏيندا آهن. جنهن ۾ سنڌي ثقافتي اجرڪ ۽ سنڌي عورتن جو گهاگهرو شامل آهن. غلام نبي شاھ جي کتري قوم جو هي هنر/ڪاريگري جيڪا نه صرف ضلعي عمر ڪوٽ ۾ پر سنڌ جي ڪجھ ٻين علائقن ۾ به مشهور آهي. هن ڳوٺ جي ثقافتي اجرڪ تمام گهڻو پسند ڪئي ويندي آهي جيڪا ڳوٺن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿينسي آهي خاص ڪري شادي ۾ هن ثقافتي اجرڪ جو وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ شادي جو اهو رواج هوندو آهي ته جنهن جي شادي آهي ان کي ٻين جي طرفان اجرڪ ڏني ويندي آهي. ان کان علاوه مهمان نوازي ۾ به مهمان کي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويندو آهي. گهاگهري جو استعمال به ڳوٺ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو تنهن ڪري ڳوٺ ليول تي هن کي تمام وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو جيڪو غلام نبي شاھ ڳوٺ جي کتري قوم جو هنر آهي. 
رنگاوتي واري هنر ۾ پڙ جيڪا درگاھ ۾ اوليائن تي ڍاڙهي وڃي ٿي جنهن کي سائي چادر به چيو وڃي ٿو سا کتري قوم جو هنر آهي. اهو هنر هن ڳوٺ جي پترين جو مشهور آهي. 
 غلام نبي شاھ ۾ هن وقت تائين اهي ڪاريگريون ٿي رهيون آهن پر اڳ جي حساب سان هاڻي ايتريون نه ٿي رهيون آهن. هاڻي غلام نبي شاھ ۾ رنگاوتي جو هنر صرف ٽن گهرن مان ڪيو وڃي ٿو. اهو انهي ڪري ته هاڻِ کتري قوم هن وقت ٻيا پيشا ڪري رهي آهي جنهن ۾ دڪانداري، ماسترييي وغيره.
غلام نبي شاھ جي تاريخ جي لحاظ کان ته سڀ کان پهرين هنن ڳوٺ ۾ سيدن سان گڏ ڪنڀار قوم جو هنر به مشهور آهي. هنن جو مشهور هنر مٽي جا ٿانھ ٺاهڻ به آهي. اهي ڪنڀار مٽي کي ڳوهي انکي ڪنهن ٿانھ جي شڪل ڏئي پيش ڪندا آهن. انهن جي ٺهيل مشهور ٿانھ ۾ دلو تمام مشهور آهي. اهي دلي کي مٽي مان ٺاهي ان تي بهترين قسم جي ڊزائن ٺاهيل هوندي آهي. ٻيا به ڪافي سارا ٿانھ مٽي جا جنهن تي ڊزائن ٺاهيل هوندي آهي مثال طور اٽو ڳوهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پاٽ ، چانھ پيڻ لاءِ جمني/پيالو سو بهترين قسم جو هنر آهي.
غلام نبي شاھ ڳوٺ ٻيو بهترين هنر عورتن جو هنر مطلب عورتن جي هٿ سان ٺاهيل ڀرت مشهور آهي جيڪا اڃا تائين ميگھواڙ قوم جون عورتون ٺاهينديون آهن اهي عورتون ڪپڙن تي مخلتف قسم جا پشم واري ڌاڳي جو استعمال ڪري ڀرت ڀرينديون آهن. جنهن ۾ عورتون جي ڪپڙن تي ٺهيل مختلف ڀرت شامل آهن. انهي کان علاوه وهاڻن ۽ ڇادرن تي ٺهيل ڀرت به انهن عورتن جي هنر ۾ شامل آهي. مڪو ڀريل اڳٽ جيڪي ڳوٺ ۾ وڏي شوق سان استعمال ڪيا وڃن ٿا سي به انهن تورتن کان ٺاهيا وڃن ٿا. 
هن ڳوٺ جو هڪ ٻيو هنر جيڪو هاڻِ ميگهواڙ عورتون وڏي پيماني تي ٺاهينديون آهن. اهو آحي موڙ شادي ۾ گهوٽ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪو ٺاهيوويندو آهي ڌاڳن ۾ مڻيا پڙوڙي ۽ ان کي بهتين ڊزائن ڏني ويندي آهي.
انهي کان علاوه بوتلن تي مڪو طري تيل وجهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو پڻ شادي ۾ وڏيڪ استعمال ٿيندو آهي. ٻيون ڪافي ساريون مڪي جو طرت طتيل جنهن تي اهي هن ڳوٺ جون مشهور آهن.
غلام نبي شاھ جي هڪ ٻي قوم جيڪا پنهنجي ذات سان سڃاتي وڃي ٽي اها آهي مالهي قوم جيڪا پنهنجي پيشي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. جيڪي باغن جي سار سنڀال لهندا آهن ۽ ٻنيون وغيره جي سار سنڀال لهندا آهن ڏاڍا محنتي آهن پنهنجي پيشي جي حوالي سان.
اهي سڀئي فن يا ڪاريگري وارا پيشا جيڪي هاڻي غلام نبي شاھ ۾ ايتري گهڻي مقدار ۾ نه رهيا آهن هن جو سبب اهو آحي ته جديد دؤر جنهن کي ڪمپيوٽر دؤر پئجي ٿو هن ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿيندي رهي ٿي ماڻهن پنهنجا اصلي ڪاريگري ڇڏي ڏني آهي







Roll No: 2k14/MC/53