Sunday 20 September 2015

نوشهروفيروز ۾ وڌندر پرائيوٽ اسڪول

There should be proper paragraphing. More figures, references and reports plus expert opinion are required. 
Article assignment

نوشهروفيروز ۾ وڌندر پرائيوٽ اسڪول
محمد امين تڳر
پاڪستان جي آئين مطابق پاڪستان سرڪار جي ذميواري آهي ته ملڪ جي هر ٻار کي مفت ۽ معياري تعليم جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن خاص ڪري سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪا تعليم ملي رهي آهي اها سڀني جي سامهون آهي هتي اسان ڳالهه ڪنداسين پرائيوٽ اسڪول جي جن کي سرڪار طرفان پابند ڪيو ويوآهي ته هر هڪ سئو شاگردن ۾ 10  ٻار مفت ۾ پڙهايا وڃن پر نوشهروفيروز شهر جي پرائيوٽ اسڪولن جو حال اهو آهي ته غريب ٻار کي مفت ۾ نٿو پڙهايو وڃي پر ان سان فيس ۾ هڪ سئو روپيه جي رعائت نٿي ڪئي وڃي جنهن سبب غريب ٻارن جو پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهڻ مشڪل ٿئي ٿو

ڏهه سال پهريان نوشهروفيروز ۾ 20 کان  25 اسڪول هئا انهن ۾ پڙهائي تمام سٺي هوندي هئي ۽ اسڪولن جو ماحول تمام سٺو هوندو هو ضلعي نوشهروفيروز هميشه شاگرد پوزيشن کڻندا هئا پوءِ ڇو نه اهو ئي بورڊ جا پيپر هجن يا يونيورسٽي جي ٽيسٽ ان وقت پرائيوٽ اسڪون ۾ پڙهائي به بهترين هئي فيس به ٿوڙي هئي غريب توڙي امير جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪندا هئا وقت گذرڻ سان گڏ پرائيوٽ اسڪول وڌندا ويا ۽ انهن ۾ تعليم جو رحجان گهٽ ٿيندو پئي ويو هن وقت پرائيوٽ اسڪول ۾ فيس ايتري ته وڌي وئي آهي غريب جي وس ۾ ئي ناهي جو هو پنهنجي ٻار کي ڪنهن پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙهائي ڇا ڪاڻ جو نرسري جي داخلا فيس 4000 کان 6000 آهي ۽ ماهوار فيس تقريبن 1000 کان شروع آهي جئين ٻار هر سال اڳئين ڪلاس ۾ ايندو ويندو ته فيس وڌندي ويندي اسڪول جي ڪلاسن ۾ شاگردن جو تعداد  جو تعداد 60 کان 75 آهي ۽ پرائيوٽ اسڪول ۾ استاد جي پگهار به تمام گهٽ آهي 3500 کان وٺي 7000 تائين هڪ استاد جي پگهار آهي 

ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته توهان ڪنهن جي ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهريان ان جي تعليم تباهه ڪيو سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي تباهه ٿي چڪي آهي ڇو ته استاد اسڪول ۾ اچڻ لاءِ تيار ئي ناهن گهر ويٺي پگهارون کڻن ۾ مصروف آهن پر هاڻي پرائيوٽ اسڪولن ۾ به ساڳئي طرح تعليم پوئتي ٿيندي پئي وڃي نوشهروفيروز ۾ پرائيوٽ اسڪولن جا ملاڪ شاگردن جي پڙهائي لاءِ نه پر پنهنجي بزنس لاٰءِ اسڪول کولي رهيا آهن اسان جي شهر نوشهروفيروز جي پرائيوٽ اسڪولن جي تعليم جو حال جيڪڏهن اهو حال رهيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ غريب جا ٻار پئسا نه هئڻ جي ڪري تعليم حاصل نه ڪري سگهندا غريب جا ٻار وقت تي فيس جمح نه ڪرائڻ تان اسڪول مان ڪڍيا وڃن ٿا اسڪول ۾ ٻارن لاءِ راند جو گرائونڊ نه آهي نه ئي ڪا پارڪ آهي صرف ننڊن ڪمرن ۾ ڪلاس آهن جتي ٻار پڙهڻ ايندا آهن 
حڪومت کي گهرجي ته جنهن پرائيوٽ اسڪول ۾ ٻار کي سٺي تعليم نٿي ملي يا جيڪي اسڪول پئسا ڪمائڻ لاءَ کليل آهن ته انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ته جئين غريب توڙي امير جو ٻار هڪ جهڙي تعليم پرائي سگهي

محمد امين تڳر _نوشهروفيروز
رول نمبر 115

No comments:

Post a Comment