Sunday 20 September 2015

ڄامشوري ۾ لينڊ مافيا

Checked. Para graphing should be strictly maintained. See how ur piece is divided into paras. 
Do not allege any company or person by name. It is defamatory. 
Please do not compose in boxes, it should be simple composing in MSword.  This all does not carry any research, survey, investigation report or expert opinion
Article assignment
امام علي ڀلائي  
سنڌ جي علم ۽ شعور جي علامت طور  مشهور ڄامشوري جي ڌرتي اڄڪلهه مافيائن جي ور چڙهڻ سبب مسئلن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي هر طرح سان رهواسين لاءِ ڄامشوري جي ڌرتي تنگ ڪندڙ مختلف مافيائن جا پيرا به انهن ئي با اثرن جي بنگلن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي آفيسن تي وڃي دنگ ڪن ٿا ۽ اهي ئي با اثر شخص هتان جي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن جن کي هتان جي عوام هميشه ووٽ ڏئي پنهنجي حقن جو محافط بڻائي ايوانن ۾ موڪليندو رهيو آهي.

ڄامشوري جي انيڪ مسئلن کي پاسي تي رکي، هتي رڳو سرڪاري، عوامي ۽ تعليمي ادارن جي زمينن تي قبضا ڪندڙن ۽ بلڊر مافيائن جو جائزو وٺبو ته ان ڪڌي ۽ عوام دشمن غير قانوني ڪم پٺيان به انهن ئي مافيائن جو زور ۽ ڪاروبار شور سان هلي پيو جو ڄامشوري ۾ گهڻو اثر رکندڙ ڪاروبار ٻيو ڪو ملندو ئي نه جيترو هي پلاٽنگ جو ڪاروبار آهي

 قبصا گروپ ۽ بلڊر مافيا طرفان سيوهڻ روڊ، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي،سپر هاءِ وي ۽ ڪوٽڙي روڊ سان سرڪاري، عوامي ۽ تعليمي درسگاهن جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڪيتريون ئي جعلي ۽ غير قانوني رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، جيڪي اسڪيمون هنن نالن جو سرمايو سڏرائين ٿيون.مختلف نالن  سان کوڙ ساريون اسڪيمون آهن جن ۾ هڪ طرف عام ماڻهن کي وڏا خواب ڏيکاري مهانگي اگهن تي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي ته ٻـئي طرف زمينن ۽ پلاٽن جي اصلي مالڪن ۽ ادارن کي انهن جي ملڪيتن کان محروم  ڪيو پيو وڃي. ...............................................................................................................................................
ڄامشورو هڪ ضلعي جي حيثيت رکي ٿو پر ڄامشورو مين شهر جتي آهي اتي شهر  جي آبادي هاڻ 2 لک کان مٿي آهي پهرين ڄامشورو ڪوٽڙي سان لاڳاپيل هوندو هو ته ڄامشوري ضلعي انتظاميان جو آفيسون ڪوٽري ۾ هونديون هون هاڻ ڄامشورو ڪوٽري جيتري آبادي رکي ٿو ، پر ڄامشوري کي  شهر جو درجو ناهي مليو ڄامشوري ۾ ڪا انتظاميا آفيس موجود ناهي سواءِ ڪوٽڙي بئراج،ڄامشورو ٿاڻو،پاپوليشن ڊپارٽنمنٽ،ٿرمل پاورهائوس ۽ سينڊوز جون دوائون 2 وڏيون ڪمپنيون ،پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ،لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ،سنڌيونيورسٽي ،مهراڻ يونيورسٽي سيوهڻ ڊولپنمنٽ اٿارٽي سميت ڪيترائي گهڻا شعبا موجود آهن

 هتي جي آباد ڏيهون ڏيهن  وڌندي وڃي پئي هيڏي آبادي هوندي سوندي هن ڄامشوري کي نڌڻڪو ڪيو ويو آهي ضلعي سطح تي نه ڪا آفيس موجود آهي نئي تعلقي سطح تي يا وري ٽائون جي حثيت ملي سگهيس جڏهن دادو ضلعي کي ٽوڙي قائم ڪيل ڄامشوري ضلعي کي قائم ٿيندي، ڏهه  سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي، ڄامشورو ضلعو 13 نومبر 2004ع تي قائم ڪيو ويو، سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ختم ڪيل عمرڪوٽ ضلعي جي حيثيت بحال ڪندي قمبر، ڪشمور ۽ ڄامشورو ضلعا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

  ڄامشوري  ضلعي ۾ اونڌو راج پيو هلي ڄامشوري شهر ۾ نه ضلعي انتظاميا جي آفيس آهي نه ڪا سار سنبال ڄامشورو نالي جو ضلعو سڏيو وڃي ٿو هتان جا چونڊيل نمائيندا پنهنجا ووٽ وٺي هن ضلعي ڪا سار سنڀال نه ٿا لهن ڄامشورو ضلعو  . قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي  هن ضلعي جا رهواسي اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم ٿيل آهن. هڪ پاسي ترقي وارا خواب اڌورا رهجي ويا آهن ته ٻئي پاسي هتان جي بااثر ماڻهن ضلعي جي ڪروڙين هزارين  ايڪڙ سرڪاري زمين تي مبينا طور تي قبضا ڪري پلاٽنگ اسڪيم جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 ضلعي جي ديهه سون ولهار ۽ ديهه موڙهو جبل جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين سون جي کاڻ بڻجي وئي آهي.  ضلعي جي مختلف علائقن ٻولهاڙي، ڪڻڪ گدامن، گتا مل،  ڄامشورو ڦاٽڪ، ايل ايم سي، ڄامشورو پاور هائوس، پٽارو لڳ هلندڙ اسڪيمن ۽  ڪوٽڙي، ڄامشوري جي مقامي رهواسين، پلاٽن جي 10 سيڪڙو خريداري مَس ڪئي هئي، پر اهڙين اسڪيمن ۾ وڏي پئماني تي سوات، ڪوئيٽا  ۽ افغانستان مان آيل افغاني پٺاڻن پلاٽ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي خدا جي بستي،خورشيد ڪالوني، ٻٻر چوڪ،  گتا ميل، سعيدآباد،پاور هائوس ،خانوٺ ، ڄامشورو المنظر وٽ افغان پٺاڻن جون ڪالونيون آباد ٿي ويون آهن، جتي هزارن جي تعداد ۾ افغاني رهن ٿا، هتي اچي آباد ٿيل انهن ماڻهن هڪ پاسي نادرا جي عملدارن کي 10،000 رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر  شناختي ڪارڊ نه ٺهي سگهيا آهن. ٻئي طرف وڏي  پئماني تي ريتي بجري جي دِڪن تي مزدوري ڪرڻ سان گڏ ريتي بجري کڻڻ جو ڪم پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ هي علائقو هاڻي ڄڻ ته افغانين جو ڳڙهه بڻجندو پيو وڃي

اهي ڌاريا ماڻهو هتي جي مقامي آباديءَ تي به حاوي ٿيندي نظر اچن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعليٰ جي حڪم تي حيدرآباد جيان جڏهن ڪوٽڙي ۾ غيرقانوني طور ترسيل انهن ماڻهن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي هئي ۽ سائيٽ پوليس ڇاپا هڻي،  700 کان وڌيڪ  افغاني پٺاڻن کي گرفتار  ڪيو پر ڪي افغاني سورسز رکندڙ  هئا  ته ٻن ڪلاڪن اندر ئي پوليس کين آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي . ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڪيترو مضبوط آهن.

مقامي ايجنٽ پئسو ڪمائڻ جي لالچ ۾ افغانين کي آباد ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪن ٿا ۽ انهن جي هر قسم جي مدد ڪن ٿا. خبر ناهي ته ان جي پٺيان ڪهڙا مقصد آهن، جو پوليس انهن ڌارين جي لوڌ کي ڪجهه چوڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

هتان جي ساڃاهه وندن کي ان ڳالهه جو خدشو آهي ته جهڙي منظم انداز سان افغانين کي هتي آباد ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، ان مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي؟ ساڃاهه وند، جيڪي سنڌ اندر طالبانائيزيشن ۽ وڌندڙ انتهاپسندي کي سنڌ خلاف سازش سمجهن ٿا، انهن جو خيال آهي ته افغانين جي مسلسل هن علائقي ۾ آبادڪاري سنڌ جي سياسي توڙي معاشرتي مفاد  ۾ قطعي به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته مشڪوڪ ماڻهن جي آبادي وڌڻ سان، هن علائقي ۾ ڏوهن ۾ به اضافو ٿئي ٿو، ان ڪري ضلعي انتظاميا کي ساڃاهه وندن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي غير قانوني طور هتي اچي آباد ٿيندڙ مشڪوڪ ماڻهن جي سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي.


وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عام سرڪاري، فلاحي ۽ غريب ماڻهن جو زمينون ۽ پلاٽ ته ٺهيو پر بلڊر مافيا ۽ انهن جي بااثر آقائن کان ڄامشوري جي عظيم درسگاهن جون زمينون به بچي نه سگهيون آهن.هڪ طرف ڪوٽڙي روڊ تي سيشن ڪورٽ جي نئين ٺهيل بلڊنگ سان لڳو لڳ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي قبضو ڪري غير قانوني رهائشي اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف ڪورٽ جي بلڊنگ سامهون SDA جي ٽوئن سٽي واري اسڪيم جي لڳ ڀڳ 1000 پلاٽن تي پڻ قبضا گيرن اسڪيمون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اهي پلاٽ ڪافي سال اڳ ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا هئا، جن جا مالڪ هاڻي لکين روپيا ڀرڻ باوجود فائيل هٿ ۾ کڻي دربدر ٿي رهيا آهن.

 سيوهڻ روڊ تي پڻ LMUHS يونيورسٽي سان لڳو لڳ هڪ تمام وڏي غير قانوني رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي. دادو جي هڪ بلڊر گروپ ۽ مقامي بااثر شخصيت جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيل هن اسڪيم جي تقريبن 150 ايڪڙ مان 30 ايڪڙ زمين LMUHS يونيورسٽي جي آهي. جڏهن ته هن ئي اسڪيم ۾ 50 ايڪڙ اها زمين پڻ قبضو ڪئي وئي آهي، جيڪا 4 سال کن اڳ مقامي اصلوڪن رهواسين کان عام ماڻهن پلاٽن جي صورت ۾ خريد ڪئي هئي، جن جا پڻ ڪروڙين روپيا ٻوڙيا ويا آهن. هن اسڪيم جا متاثرين ڪافي ڀيرا بااثر شخصيتن آڏو دانهيندا رهيا آهن پر جڏهن چوڪيدار ئي چور بڻجي وڃن ته ڪنهن کان شڪايت ڪجي. 

حيرت جي ڳالهه ته هن اسڪيم جي متاثرن ۾ اڪثريت اهڙن غريب ماڻهن جي آهي، جيڪي قبضو ڪندڙ بااثرن جا هميشه ووٽر رهيا آهن. پر شايد پئسي ۽ طاقت جي نشي ۾ پنهنجي پرائي جي سڃاڻپ ئي نڪري ويندي آهي. جڏهن ته LMUHS انتظاميا جي خاموشي پڻ ڪيترائي سوال اٿاري ٿي.

ٻيو ته ٺهيو پر ساڳي علائقائي لينڊ مافيا جي آقائن کان شهيد محترمه جي نالي سان سنڌ يونيورسٽي جي نئين سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۽ باءِ پاس جي وچ واري اها زمين به نه بچي سگهي، جيڪا يونيورسٽي انتظاميا پاران ملازمن کي شهيد بينظير هائوسنگ اسڪيم جي نالي سان هڪ سال اڳ رهائشي پلاٽن جي صورت ۾ الاٽ ڪئي وئي هئي.ان زمين تي پڻ  8 جنوري تي رات جي اونداهي ۾ هڪ علائقائي بااثر شخصيت جي ماڻهن مورچا قائم ڪري، يونيورسٽي جي پلاٽنگ جا نشان ڊاهي، چوديواري اڏڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. واضح رهي ته اهي ئي بااثر شهيد ڀٽي جي نالي تي ووٽ وٺي هميشه اقتدار تي پهچندا رهيا آهن. ان قبضي کي في الحال ته يونيورسٽيءَ جي ملازمن همت ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي سخت احتجاج بعد ختم ڪرائي ورتو آهي.

 عجب آهي ته اهڙي هاڃي تي ضلعي جا اعليٰ عملدار به ڌر بڻيل رهيا ۽ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ بااثر سياسي شخصيت کان فون تي هدايتون وٺندا رهيا پر ملازمن مڙسي ڪري کين قبضو ختم ڪرائڻ تي مجبور ڪري وڌو. اتي في الحال ته سنڌ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي پاران چوڪي قائم ڪئي وئي آهي. پر ماضي جي تجربن ۽ ادارن اندر خود ويٺل ڪارين رڍن جي افعالن سبب چئي نٿو سگهجي ته ملازمن جي پلاٽن واري اها زمين بچي به سگهندي يا ففٽي ففٽي ٿي ويندي.

جڏهن ته ساڳي قسم جي هلان قبضا مافيا پاران مهراڻ يونيورسٽي جي ٽول پلازا ڀرسان واري زمين تي پڻ ٿيندي رهي آهي. جتي مختلف وقتن تي لينڊ مافيا ۽ يونيورسٽي وچ ۾ تڪرارهلندو رهي ٿو. يونيورسٽي پاران لاڳاپيل اعليٰ اختيارين تائين دانهن باوجود ان زمين تي لينڊ مافيا جون ڳجهون لامارا ڏئي رهيون آهن جيڪي هر وقت پنهنجي شڪار جي تاڙ ۾ رهن ٿيون.

 لينڊ مافيا جي ماڻهن طرفان سنڌالاجي سامهون سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمن لاءِ قائم ڪيل هائوسنگ سوسائٽي جي فيز I ۽ II ۾ پهريائين سوسائٽي جي اربين روپين جي فلاحي پلاٽن تي قبضو ڪيو ويو، جنهن جي اڃا جاچ هلندڙ آهي ته مٿان وري ساڳي مافيا سوسائٽي جي چوڌاري سنڌ يونيورسٽي جي بچيل زمين تي هٿ وٺي قبضا ڪرائي، اڏاوتون ۽ وڪرا ڪيا پيا وڃن. توڙي جو ان عمل ۾ يونيورسٽي جا چند هيٺيان ملازم ملوث آهن پر يونيورسٽي انتظاميا جي نڪ هيٺان ٿيندڙ هن ڪرپشن خلاف ذميوار ادارن ۽ انتظاميا جي پراسرار خاموشي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اهي قبضا گروپ سان ٻٽ بڻيل آهن ۽ پنهنجو کيسو گرم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هنن عظيم درسگاهن ۽ علمي مرڪزن جي هي زمين جيڪا اسان سڀني جي نسلن جي امانت آهي ان کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي.

ڄامشوري جي هنن زمينن تي لڳندڙ ڌاڙا نه صرف عوام پر سڄي سنڌ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي.سنڌ جي ساڃاهه کي ڄامشوري جي ڌرتي تي لڳندڙ ڌاڙن تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي حڪمرانن، اعليٰ عدليه ۽ ذميوار اختيارين جو هن حساس مسئلي طرف ڌيان ڇڪائيندي گذارش ڪجي ٿي ته فوري طور هن معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. نه صرف سنڌ جي علمي تختگاهه ڄامشوري جي زمين تي سرعام ٿيندڙ قبضن ۾ ملوث لينڊ مافيا، بلڊر مافيا ۽ ان جي پٺيان لڪل بااثر هٿن کي نروار ڪيو وڃي پر هتان جي عوامي، سرڪاري ۽ تعليمي ادارن جي زمينن تي لڳندڙ ڌاڙن جي جاچ ڪري ملوٽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن جعلي ۽ غير قانوني رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ ڦرجندڙ ۽ متاثر ٿيندڙ حقيقي مالڪن کي انصاف پلئه پئجي سگهي، گڏوگڏ تعليمي ادارن، سرڪاري، عوامي ۽ فلاحي زمينن کي لڳندڙ ڌاڙن کان بچائي سگهجي



No comments:

Post a Comment