Showing posts with label امام ڀلا ئي. Show all posts
Showing posts with label امام ڀلا ئي. Show all posts

Wednesday, 4 November 2015

Jamshoro feature

 This is not feature but article type.
What was exact ur topic? try to confine ur self within the outline of topic. Presently i do not remember ur topic. it become difficult to check it. Feature is always reporting based. Means taking view from other persons also.  Its main purpose is to entertain . there must be some stories, saying etc.
Write topic on the top, ur name roll number class, semester,year, date. Also some pix representing jamshoro

Imam Bhalai, Feature
ڄامشورو شهر جيڪو ٽن مادر علمين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجينئرنگ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، پيراميڊيڪل ڪاليج، پيپلز نرسنگ اسڪول، ايل ايم يو  ٽيچنگ اسپتال، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، سنڌالاجي، اسڪولي ۽ ڪاليجي شاگردن لاءِ نصاب ٺاهيندڙ ادارو بيورو آف ڪريڪيوليم، ان نصاف کي ڇپائي اسڪولن ۽ مارڪيٽن تائين پهچائيندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، نوجوانن کي ٽيڪنيڪل تعليم ڏيندڙ اسٽيويٽا، بهتر تعليم جي دعويٰ ڪندڙ پاڪ ترڪ اسڪول سميت ڪيترائي غير سرڪاري اسڪول، تدريسي ۽ تحقيقي ادارا موجود هئڻ ڪري ڄامشورو کي سنڌ جو دماغ سڏجي ٿو پر هتان جا رهواسي ڪيترن ئي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اهي مسئلا ڄامشوري شهر جي آبادي ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌڻ ڪرڻ پيدا ٿي رهيا آهن. انهن مسئلن ۾ مک مسئلو ڄامشوري شهر ۽ آسپاس ۾سنڌ سرڪار جي ماتحت هلندڙ ڪاليجن ۽ اسڪولن جو تعليمي نظام جو آهي جيڪو ڊانوانڊول بڻيل ۽ رحم جوڳي حالت ۾ هلي رهيو آهي.
 جيڪڏهن ڄامشوري شهر جي تاريخ ڏسجي ته اها ڪا ايتري پراڻي به نه آهي, ڄامشورو هن وقت جنهن جاءِ تي قائم آهي اتي 6 ڏهاڪا اڳ ڪا ايتري گهڻي آبادي ڪانه هئي، هتي هڪ ننڍڙو ڦاٽڪ هوندو هو. پاڪستان جي قيام بعد سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي سميت سنڌ جي ٻين گهڻ گُهرن جي ڪوششن سان هتي 50 جي ڏهاڪي دوران لياقت ميڊيڪل ڪاليج، اسپتال، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، آر بي بي ڪالوني، ايم سي پي ڪالوني ۽ ٻيا ادارا تعمير ٿيڻ ۽ انهن جون رهائشي ڪالونيون ٺهڻ سان ڄامشوري شهر اوج ماڻيو. ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ جنهن جي ڀرپاسي ۾ 1950 ڌاري هڪ پيٽرول پمپ ۽ اسلاميه هوٽل هوندا هئا، ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ جي ڏکڻ طرف ٿورو پرڀرو شورا برادري جي ماڻهن جا ڪجهه گهر هئا جن جو پاڙو ڀريا هئا اهي گهر بعد ۾ لڏي اچي ڦاٽڪ وٽ ويٺا، اهڙي طرح هي ڀريا وليج جي نالي سان روينيو رڪارڊ ۾ آيو، هن وقت پڙهيل لکيل ماڻهو هن علائقي کي ڄامشوري شهر جو صدر وارو علائقو به ڪري ڪوٺين ٿا. هن ڄامشوري واري علائقي مان هن وقت تائين سائين جي ايم سيد، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ملڪ سڪندر، حاجي صديق شورو، ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ اسد سڪندر، سيد جلال محمود شاهه، سيد زمان شاهه غلام نبي پرين شورو، نواب عبدالغني ٽالپر، پير مجيب شاهه ،ڪامريڊ سليمان ڀلائي سميت ٻيا ڪيترائي ماڻهو وفاقي توڙي صوبائي پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاءِ چونڊون وڙهي کٽيندا ۽ هارائيندا رهيا آهن. هن وقت هن علائقي سان هڪ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ٻه ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ فقير داد کوسو تعلق رکن ٿا. هن وقت ڄامشورو شهر جي مستقل آبادي اٽڪل هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته هتي سموري آبادي ۾ اڌ کان وڌيڪ پرديسي ماڻهو رهن ٿا، اهڙي طرح ڄامشوري جي آبادي ڏيڍ لک کان وڌيڪ آهي، جن ۾ شاگرد، استاد، ملازم، ڪاروباري ماڻهو، مريض ۽ ٻيا ماڻهو اچي وڃن ٿا، ڄامشورو شهر ملڪ جو اهو شهر آهي جيڪو24 ڪلاڪ کليل هجي ٿو ۽ هتي هر قوم، نسل، قبيلي توڙي هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهڻ ڪري ڄامشورو کي مني پاڪستان سڏيو ويندو آهي، هي ملڪ جو واحد شهر آهي جيڪو سال ۾ صرف نائين ۽ ڏهين محرم تي بند هوندو آهي نه ته سدائين کليل هجي ٿو ۽ هتي قومي شاهراهه، سپرهاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جو سنگم ۽ سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن هجڻ ڪري هميشه ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي.
جيڪڏهن وري ”ڄامشورو“ جي لفظي ۽ گرافيڪل تاريخ ۾ جهاتي پائبي ته ڄامشورو حيدرآباد ضلعي جي تعلقي قاسم آباد ۾ هڪ ديهه جو نالو آهي جنهن ۾ هن وقت گلستان سجاد، چانڊيا ڳوٺ، ڀٽائي ٽائون، سومرا ڳوٺ، چنا ڳوٺ ۽ ٻيا علائقا اچي وڃن ٿا. ڄام شورو شورا برادري جي چڱي مڙس ڄام خان شورو جي پٺيان سڏجي ٿو ،ڄام خان شورو اڳوڻي  تعلقي ناظم ديدار شورو جو ڏاڏو ۽ ڪرن خان شوري جو والد هو، 1965ع ۾ ڄامشورو ۾ ڄام شورو جي نالي سان يونين ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو،  هن وقت ڄامشورو شهر چئن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ خود ڄامشورو يونين ڪائونسل، سون ولهار 3 (سنڌ يونيورسٽي)، موڙهو جبل ۽ پيٽارو شامل آهن. جڏهن ته ڄامشورو ضلعي ڄامشوري جو هيڊ ڪوارٽر به آهي، جيڪو ضلعو ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 14 دسمبر 2004ع ۾ قائم ڪيو هو، هن وقت ڄامشوري ضلعي ۾ 4 تعلقا موجود آهن. جن ۾ سيوهڻ، ڪوٽڙي، ٿاڻو بولا خان ۽ مانجهند شامل آهن،
هن وقت ڄامشورو وڏو ڪاروباري رهائشي مرڪز بڻيل آهي، 60 جي ڏهاڪي ۾ باقائده طور تي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي جنهن هو نالو ڄامشورو بجاءِ سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن رکيو ويو پر اها ساڳي ڄامشورو جي نالي سان سڏجي ٿي، آبادي وڌڻ ڪري هتي هڪ ٿاڻو به قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ ڄامشورو پوليس لائين به قائم آهي جتي سوين اهلڪار موجود هجن ٿا. جڏهن ته رينجرس جو هيڊ ڪوارٽر، ضلعي ڪورٽون، گلشن شهباز، مهراڻ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني، سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي، ڳوٺ پير باجيدي شريف، 500 ڪي وي، وارث ماڇي ڳوٺ، سيد آباد، لاکو فقير ڳوٺ، چاڪر راڄڙ ڳوٺ، ڪاڇيلو ڳوٺ، رمضان راڄڙ ڳوٺ  محمد جمن شورو ڳوٺ، ڳوٺ سائين ڏٺو ملاح، ڳوٺ عبدالله چاوڙو سميت ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ موجود آهي. ٿر هتي سرڪار طرفان ڪوبه ڊگري ڪاليج موجود نه آهي، جڏهن ته هتي سرڪار طرفان نالي ۾ 3 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن جن ۾ ٻه بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول جنهن ۾ آر بي بي ڪالوني ۾ موجود گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول موجود آهن جن مان گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول  آر بي بي ڪالوني جي عمارت جي تعمير هجڻ ڪري هتان جون سوين نياڻيون گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول آر بي بي ڪالوني ۾ شام واري شفٽ ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن. مٿان وري انهن ٽنهي هائير سيڪنڊري اسڪولن جي حالت ايتري ته ڳنڀير آهي جو اتي ڪاليج جا مضمون پڙهائڻ لاءِ استاد مورڳو ئي نه آهن ۽ نه وري ڪي لائبريريون، ڪمپيوٽر لائبريريون ۽ سائنس ليبارٽريون آهن، بجلي جو نظام ته مورڳو ئي نه هئڻ برابر آهي. ڄامشوري شهر ۽ ان جي آسپاس جي وسندين ۾ ڪوبه بوائز توڙي گرلس مڊل سرڪاري اسڪول نه آهي، جڏهن ته ڄامشورو شهر جي ڳتيل آبادي ڀريا وليج ۾ موجود گرلس پرائمري اسڪول ڪيترن سالن کان بند پيل آهي، جنهن کي متبادل طور گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ شام جي شفٽ ۾ هلايو وڃي ٿو. ضلعي ۾ ٻارڙن جي داخلا جي جو وڏي ۾ وڏو انگ رکندڙ انهي بوائز پرائمري اسڪول جي حالت اهڙي آهي جو ان تي رڳو رحم ئي کائي سگهجي ٿو، هتي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني جي بوائز توڙي گرلس اسڪولن جو حال تعليم کاتي جي عملدارن کان ڪنهن به طرح ڳجهو نه آهي، ٻنهي اسڪولن جون عمارتون زبون هجڻ ڪري پڙهندڙ ٻارڙا توڙي استادن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. ٿرمل پاور هائوس ۾ به موجود سرڪاري اسڪول نالي ماترکوڙ سارن مسئلن جي موجودگي ۾ هلي رهيو آهي. سيد آباد ڪالوني ۾ سالن کان گورنمينٽ گرلس اسڪول جي اڻ کٽڻي تعمير جاري آهي، جنهن جي ڪري هتان جون نياڻيون علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ اسڪول جي تعمير ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. سيد آباد، عبدالله چاوڙا ڳوٺ، آر بي بي ڪالوني، ڳوٺ لاکو فقير، رمضان راڄڙ، چاڪر راڄڙ، ڳوٺ سائين ڏنو ملاح، جان محمد شورو، ڳوٺ پير باجيدي، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، گلشن شهباز هائوسنگ اسڪيم، سومار کوسو ڳو‎ٺ ۾ موجود گورنمينٽ بوائز توڙي گرلس پرائمري اسڪولن جا ٻارڙا ته استادن، عمارتن، چوديواري، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيندي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جنهن جون لکت ۾ شڪايتون مقامي ماڻهن، استادن طرفان تعليم کاتي جي مقامي عملدارن کان ويندي تعليم کاتي جي وزير محترم نثار احمد کهڙي تائين ڪيون ويون آهن پر انهن طرف ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، ڄڻ ته اهي غير سرڪاري تعليمي ادارن کان ڳريون رشوتون وٺي پنهنجي سرڪاري ادارن کي پاڻ تباهه ڪرڻ سان گڏ پنهنجي غريب قوم جي اولاد کان تعليم وارو زيور به کڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت خاص ڌيان ڏئي هتان جي ماڻهن جي پراڻي مطالبي کي منظور ڪندي ڄامشوري کي تعلقي جو درجو ڏئي تعليم، صحت، امن سميت بنيادي سهولتون بنا دير مهيا ڪري ڏئي.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     









Sunday, 25 October 2015

Niaz Bhutto Interview by Imam Ali Bhalai

Plz compose it in simple format, with proper margin. it become difficult to upload if ur put it in particular format etc.
There are some language and grammatical mistakes.  take care
نياز ڀٽو

انٽرويو؛ امام علي ڀلائي ڄامشورو

تعارف ؛  نياز ڀٽو ضلعي ڪشمور جي شهر بڊاڻي سان تعلق رکي ٿو بنيادي تعليم ميوو خان ڀٽي مان ۽ مڊل مئٽرڪ گورنمنيٽ بوائز هاءِ اسڪول بڊاڻي مان حاصل ڪئي اٿس ۽ انٽر گورنمنيٽ ڊگري ڪاليج بخشاپور مان حاصل ڪئي اٿس ان سان گڏوگڏ بي ايس ئي شاهه عبدالطيف خيرپور مان ۽ ايم اي سوشالاجي سنڌيونيورسٽي مان ڪيائين سوشالاجي شعبي مان پهرين پوزيشن سلور مڊل جو اميدوار آهي ايم اي پروگرام دوران جپاني نيڊ اسڪالرشپ جي طرفان گرانٽ ملي 2011 ۾ هڪ انٽر نيشنل اين جي او ۾ فيلڊ آفيسر طور ڪم ڪيو آهي 2012 ۾ سوشالاجي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسي ائيٽ مقرر ٿيس انهي سال ايم فل ۾ داخلا ورتم 2014 ۾ ايم فل ڊگري کي پي ايڇ ڊي ڊگري ۾ تبديل ڪيو ويو 2015 جي پهرين سيمسٽر ۾ پي ايڇ ڊي جو ڪورس پورو ڪيو ، ٻيون ڪورس جاري آهي   .



س  اوهان پنهنجي زندگي ۾ ڪاميابي لاءِ ڪهڙين سوچن کي استعمال ڪيو؟
ج ـ مون پنهنجي عملي زندگي گذارڻ لاءِ اڄ ڏينهن  تائين وقت جو قدر ڪيو آهي ۽ پنهنجي سوچ کي صحيح طرح استعمال ڪيو آهي جنهن جي بدولت اچ آئون ڪاميابي جي طرف صفر جو منتظر آهيان.

س  معاشري ۽ سماج ۾ علم حاصل ڪرڻ بعد ناڪامي ڇو ٿي ملي ؟
ج   معاشري ۾ اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي ڪيريئر کي اهميت نه ڏين ۽ وقت جو قدر نه ٿا ڪن اهي ماڻهون  ناڪامي جو سبب بڻجن ٿا .

س  اسان جي معاشري ۾ تعليم جي اهميت گهٽ ڇو آهي ۽ تعليم ميرٽ جو وجود ختم ڇو آ؟
ج  اسان جي سماج ۾ تعليم جي اهميت ان ڪري گهٽ آهي جو ماڻهون پنهنجي ادارن جي مالڪي نه ٿا ڪن تعليم ۾ ميرٽ جو وجود منهنجي مطابق انسان پنهنجي ميرٽ پاڻ ٺاهيندو آهي ۽ ان جو وجود انهي جي محنت سان  پاڻ ٺهندو آهي

س  قوم ماضي حال مستقبل آڏو رکي به ترقي ڇو نه ٿي ڪري سگهي ڇا سبب آهن ؟
ج   ترقي جو مين سبب جستجو آهي جنهن جي ذريعي انسان پنهجو پاڻ کي ڪامياب ڪري ٿو پنهنجي پاڻ جستجو سان مستقبل بهتر بنائڻ لاءِ فڪر مند رهي ٿو

س  اوهان نوڪري ۽ ڪاروبار ۾ ڪهڙو فرق محسوس ڪيو ٿا؟
ج   منهنجي نظر ۾ نوڪري ڪرڻ وارو ماڻهون قاعدن مطابق پابند رهي ٿو ۽ ڪاروباري ماڻهون خودمختيار رهي ٿو 

س   اسان جو ملڪ ترقي آفته ڪيئن ٿيندو جڏهن ته اسان ترقي پذير به ناهيون ؟
ج    اسان جو ملڪ ترقي آفته تڏهن ٿيندو جڏهن اسان پنهنجي تعليم کي بهتر بڻائينداسين .

 ماڻهو احساس ڪمتري ۽ احساس برتري ڇو ٿيندا آهن س
ج  ماڻهون احساس ڪمتري تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سماجي رشتن کان اڪيلو ٿيندو آهي ۽ مايوسي به هڪ سبب آهي احساس برتري جڏهن ماڻهون پنهنجي محنت تي ڪا شيءِ حاصل ڪري ٿو اهو احساسي برتري حاصل ڪري ٿو

 اسان وٽ ڏوهن جا سماجي سبب ڪهڙا آهن س
ج    اسان وٽ ڏوهن جا مختلف سبب ٿي گهن ٿا جنهن ۾ والدين جو ٻارن تي سختي نـه هجڻ جي ڪري غلط صحبت جو اثر پوڻ معاشي زندگي ڏوهن جو سبب ٿي سگهن ٿا

 ٻهراڙي جا ماڻهون شهرن ڏانهن ڇو ٿا رخ ڪن ان جا سماجي سبب ڪهڙا آهن س
ج   ٻهراڙي ۾ تعليم جو بهتر نظام نـه هجڻ جي ڪري بنيادي مسئلن جي سبب ماڻهون شهرن ڏانه روخ ڪن ٿا  ۽ شهرن تعليمي سهولتون معيثر ٿين ٿيون.

 س  سماجي مثئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن انهن جا سبب ڇا آهن انهن کي ڪيئن ۽ ڪير حل ڪري سگهندو؟
ج  اسان جي سماج ۾ کوڙ سارا مسئلا آهن جهڙي طرح ٻارن جو جبري پورهيو، گھريلو تشدد، ڪارو ڪاري، بروزگاري، منشات جهالت، ۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلا آهن، ۽ انهن جا بنيادي سبب هي آهن، بنيادي سهولتڻ جي اڻ کوٽ ، بهترين تعليمي نظام نـه هجڻ ، بيروزگاري ۽ بدحالي وغيره ۽ انهن مثئلن کي سٺي طريقي سان حل ائين ڪري سگهجي ٿو سماج ۾ تعليم جو بهتر نظام  ته تعليمي ادارن جي سارسنڀال اهيا حڪومت ۽ سماجي ادارن جي ذميواري آهي ته ان مثئلن ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن .

 س آخري سوال آهي  اوهان جو شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڪو پيغام ڏيندا ؟

ج    موجوده شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اهيو پيغام آهي پنهنجي زندگي ۽ مستقبل بنائڻ لاءِ وقت جو قدر ۽ جوش ۽ جذبي سان محنت ڪن ۽ پنهنجي والدين استادن جو احترام ڪن ۽ پنهنجي عملي زندگي گذارڻ لاءِ بهترين تعليم حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن 

This practical work was done under the guidance of Sir Sohail Sangi, 

Department of Media and Communication Studies, University of Sindh.  October 2015      

Sunday, 20 September 2015

ڄامشوري ۾ لينڊ مافيا

Checked. Para graphing should be strictly maintained. See how ur piece is divided into paras. 
Do not allege any company or person by name. It is defamatory. 
Please do not compose in boxes, it should be simple composing in MSword.  This all does not carry any research, survey, investigation report or expert opinion
Article assignment
امام علي ڀلائي  
سنڌ جي علم ۽ شعور جي علامت طور  مشهور ڄامشوري جي ڌرتي اڄڪلهه مافيائن جي ور چڙهڻ سبب مسئلن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي هر طرح سان رهواسين لاءِ ڄامشوري جي ڌرتي تنگ ڪندڙ مختلف مافيائن جا پيرا به انهن ئي با اثرن جي بنگلن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي آفيسن تي وڃي دنگ ڪن ٿا ۽ اهي ئي با اثر شخص هتان جي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن جن کي هتان جي عوام هميشه ووٽ ڏئي پنهنجي حقن جو محافط بڻائي ايوانن ۾ موڪليندو رهيو آهي.

ڄامشوري جي انيڪ مسئلن کي پاسي تي رکي، هتي رڳو سرڪاري، عوامي ۽ تعليمي ادارن جي زمينن تي قبضا ڪندڙن ۽ بلڊر مافيائن جو جائزو وٺبو ته ان ڪڌي ۽ عوام دشمن غير قانوني ڪم پٺيان به انهن ئي مافيائن جو زور ۽ ڪاروبار شور سان هلي پيو جو ڄامشوري ۾ گهڻو اثر رکندڙ ڪاروبار ٻيو ڪو ملندو ئي نه جيترو هي پلاٽنگ جو ڪاروبار آهي

 قبصا گروپ ۽ بلڊر مافيا طرفان سيوهڻ روڊ، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي،سپر هاءِ وي ۽ ڪوٽڙي روڊ سان سرڪاري، عوامي ۽ تعليمي درسگاهن جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڪيتريون ئي جعلي ۽ غير قانوني رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، جيڪي اسڪيمون هنن نالن جو سرمايو سڏرائين ٿيون.مختلف نالن  سان کوڙ ساريون اسڪيمون آهن جن ۾ هڪ طرف عام ماڻهن کي وڏا خواب ڏيکاري مهانگي اگهن تي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي ته ٻـئي طرف زمينن ۽ پلاٽن جي اصلي مالڪن ۽ ادارن کي انهن جي ملڪيتن کان محروم  ڪيو پيو وڃي. ...............................................................................................................................................
ڄامشورو هڪ ضلعي جي حيثيت رکي ٿو پر ڄامشورو مين شهر جتي آهي اتي شهر  جي آبادي هاڻ 2 لک کان مٿي آهي پهرين ڄامشورو ڪوٽڙي سان لاڳاپيل هوندو هو ته ڄامشوري ضلعي انتظاميان جو آفيسون ڪوٽري ۾ هونديون هون هاڻ ڄامشورو ڪوٽري جيتري آبادي رکي ٿو ، پر ڄامشوري کي  شهر جو درجو ناهي مليو ڄامشوري ۾ ڪا انتظاميا آفيس موجود ناهي سواءِ ڪوٽڙي بئراج،ڄامشورو ٿاڻو،پاپوليشن ڊپارٽنمنٽ،ٿرمل پاورهائوس ۽ سينڊوز جون دوائون 2 وڏيون ڪمپنيون ،پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ،لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ،سنڌيونيورسٽي ،مهراڻ يونيورسٽي سيوهڻ ڊولپنمنٽ اٿارٽي سميت ڪيترائي گهڻا شعبا موجود آهن. 

 هتي جي آباد ڏيهون ڏيهن  وڌندي وڃي پئي هيڏي آبادي هوندي سوندي هن ڄامشوري کي نڌڻڪو ڪيو ويو آهي ضلعي سطح تي نه ڪا آفيس موجود آهي نئي تعلقي سطح تي يا وري ٽائون جي حثيت ملي سگهيس جڏهن دادو ضلعي کي ٽوڙي قائم ڪيل ڄامشوري ضلعي کي قائم ٿيندي، ڏهه  سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي، ڄامشورو ضلعو 13 نومبر 2004ع تي قائم ڪيو ويو، سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ختم ڪيل عمرڪوٽ ضلعي جي حيثيت بحال ڪندي قمبر، ڪشمور ۽ ڄامشورو ضلعا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

  ڄامشوري  ضلعي ۾ اونڌو راج پيو هلي ڄامشوري شهر ۾ نه ضلعي انتظاميا جي آفيس آهي نه ڪا سار سنبال ڄامشورو نالي جو ضلعو سڏيو وڃي ٿو هتان جا چونڊيل نمائيندا پنهنجا ووٽ وٺي هن ضلعي ڪا سار سنڀال نه ٿا لهن ڄامشورو ضلعو  . قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي  هن ضلعي جا رهواسي اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم ٿيل آهن. هڪ پاسي ترقي وارا خواب اڌورا رهجي ويا آهن ته ٻئي پاسي هتان جي بااثر ماڻهن ضلعي جي ڪروڙين هزارين  ايڪڙ سرڪاري زمين تي مبينا طور تي قبضا ڪري پلاٽنگ اسڪيم جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 ضلعي جي ديهه سون ولهار ۽ ديهه موڙهو جبل جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين سون جي کاڻ بڻجي وئي آهي.  ضلعي جي مختلف علائقن ٻولهاڙي، ڪڻڪ گدامن، گتا مل،  ڄامشورو ڦاٽڪ، ايل ايم سي، ڄامشورو پاور هائوس، پٽارو لڳ هلندڙ اسڪيمن ۽  ڪوٽڙي، ڄامشوري جي مقامي رهواسين، پلاٽن جي 10 سيڪڙو خريداري مَس ڪئي هئي، پر اهڙين اسڪيمن ۾ وڏي پئماني تي سوات، ڪوئيٽا  ۽ افغانستان مان آيل افغاني پٺاڻن پلاٽ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي خدا جي بستي،خورشيد ڪالوني، ٻٻر چوڪ،  گتا ميل، سعيدآباد،پاور هائوس ،خانوٺ ، ڄامشورو المنظر وٽ افغان پٺاڻن جون ڪالونيون آباد ٿي ويون آهن، جتي هزارن جي تعداد ۾ افغاني رهن ٿا، هتي اچي آباد ٿيل انهن ماڻهن هڪ پاسي نادرا جي عملدارن کي 10،000 رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر  شناختي ڪارڊ نه ٺهي سگهيا آهن. ٻئي طرف وڏي  پئماني تي ريتي بجري جي دِڪن تي مزدوري ڪرڻ سان گڏ ريتي بجري کڻڻ جو ڪم پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ هي علائقو هاڻي ڄڻ ته افغانين جو ڳڙهه بڻجندو پيو وڃي

اهي ڌاريا ماڻهو هتي جي مقامي آباديءَ تي به حاوي ٿيندي نظر اچن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعليٰ جي حڪم تي حيدرآباد جيان جڏهن ڪوٽڙي ۾ غيرقانوني طور ترسيل انهن ماڻهن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي هئي ۽ سائيٽ پوليس ڇاپا هڻي،  700 کان وڌيڪ  افغاني پٺاڻن کي گرفتار  ڪيو پر ڪي افغاني سورسز رکندڙ  هئا  ته ٻن ڪلاڪن اندر ئي پوليس کين آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي . ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڪيترو مضبوط آهن.

مقامي ايجنٽ پئسو ڪمائڻ جي لالچ ۾ افغانين کي آباد ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪن ٿا ۽ انهن جي هر قسم جي مدد ڪن ٿا. خبر ناهي ته ان جي پٺيان ڪهڙا مقصد آهن، جو پوليس انهن ڌارين جي لوڌ کي ڪجهه چوڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

هتان جي ساڃاهه وندن کي ان ڳالهه جو خدشو آهي ته جهڙي منظم انداز سان افغانين کي هتي آباد ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، ان مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي؟ ساڃاهه وند، جيڪي سنڌ اندر طالبانائيزيشن ۽ وڌندڙ انتهاپسندي کي سنڌ خلاف سازش سمجهن ٿا، انهن جو خيال آهي ته افغانين جي مسلسل هن علائقي ۾ آبادڪاري سنڌ جي سياسي توڙي معاشرتي مفاد  ۾ قطعي به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته مشڪوڪ ماڻهن جي آبادي وڌڻ سان، هن علائقي ۾ ڏوهن ۾ به اضافو ٿئي ٿو، ان ڪري ضلعي انتظاميا کي ساڃاهه وندن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي غير قانوني طور هتي اچي آباد ٿيندڙ مشڪوڪ ماڻهن جي سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي.


وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عام سرڪاري، فلاحي ۽ غريب ماڻهن جو زمينون ۽ پلاٽ ته ٺهيو پر بلڊر مافيا ۽ انهن جي بااثر آقائن کان ڄامشوري جي عظيم درسگاهن جون زمينون به بچي نه سگهيون آهن.هڪ طرف ڪوٽڙي روڊ تي سيشن ڪورٽ جي نئين ٺهيل بلڊنگ سان لڳو لڳ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي قبضو ڪري غير قانوني رهائشي اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف ڪورٽ جي بلڊنگ سامهون SDA جي ٽوئن سٽي واري اسڪيم جي لڳ ڀڳ 1000 پلاٽن تي پڻ قبضا گيرن اسڪيمون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اهي پلاٽ ڪافي سال اڳ ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا هئا، جن جا مالڪ هاڻي لکين روپيا ڀرڻ باوجود فائيل هٿ ۾ کڻي دربدر ٿي رهيا آهن.

 سيوهڻ روڊ تي پڻ LMUHS يونيورسٽي سان لڳو لڳ هڪ تمام وڏي غير قانوني رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي. دادو جي هڪ بلڊر گروپ ۽ مقامي بااثر شخصيت جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيل هن اسڪيم جي تقريبن 150 ايڪڙ مان 30 ايڪڙ زمين LMUHS يونيورسٽي جي آهي. جڏهن ته هن ئي اسڪيم ۾ 50 ايڪڙ اها زمين پڻ قبضو ڪئي وئي آهي، جيڪا 4 سال کن اڳ مقامي اصلوڪن رهواسين کان عام ماڻهن پلاٽن جي صورت ۾ خريد ڪئي هئي، جن جا پڻ ڪروڙين روپيا ٻوڙيا ويا آهن. هن اسڪيم جا متاثرين ڪافي ڀيرا بااثر شخصيتن آڏو دانهيندا رهيا آهن پر جڏهن چوڪيدار ئي چور بڻجي وڃن ته ڪنهن کان شڪايت ڪجي. 

حيرت جي ڳالهه ته هن اسڪيم جي متاثرن ۾ اڪثريت اهڙن غريب ماڻهن جي آهي، جيڪي قبضو ڪندڙ بااثرن جا هميشه ووٽر رهيا آهن. پر شايد پئسي ۽ طاقت جي نشي ۾ پنهنجي پرائي جي سڃاڻپ ئي نڪري ويندي آهي. جڏهن ته LMUHS انتظاميا جي خاموشي پڻ ڪيترائي سوال اٿاري ٿي.

ٻيو ته ٺهيو پر ساڳي علائقائي لينڊ مافيا جي آقائن کان شهيد محترمه جي نالي سان سنڌ يونيورسٽي جي نئين سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۽ باءِ پاس جي وچ واري اها زمين به نه بچي سگهي، جيڪا يونيورسٽي انتظاميا پاران ملازمن کي شهيد بينظير هائوسنگ اسڪيم جي نالي سان هڪ سال اڳ رهائشي پلاٽن جي صورت ۾ الاٽ ڪئي وئي هئي.ان زمين تي پڻ  8 جنوري تي رات جي اونداهي ۾ هڪ علائقائي بااثر شخصيت جي ماڻهن مورچا قائم ڪري، يونيورسٽي جي پلاٽنگ جا نشان ڊاهي، چوديواري اڏڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. واضح رهي ته اهي ئي بااثر شهيد ڀٽي جي نالي تي ووٽ وٺي هميشه اقتدار تي پهچندا رهيا آهن. ان قبضي کي في الحال ته يونيورسٽيءَ جي ملازمن همت ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي سخت احتجاج بعد ختم ڪرائي ورتو آهي.

 عجب آهي ته اهڙي هاڃي تي ضلعي جا اعليٰ عملدار به ڌر بڻيل رهيا ۽ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ بااثر سياسي شخصيت کان فون تي هدايتون وٺندا رهيا پر ملازمن مڙسي ڪري کين قبضو ختم ڪرائڻ تي مجبور ڪري وڌو. اتي في الحال ته سنڌ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي پاران چوڪي قائم ڪئي وئي آهي. پر ماضي جي تجربن ۽ ادارن اندر خود ويٺل ڪارين رڍن جي افعالن سبب چئي نٿو سگهجي ته ملازمن جي پلاٽن واري اها زمين بچي به سگهندي يا ففٽي ففٽي ٿي ويندي.

جڏهن ته ساڳي قسم جي هلان قبضا مافيا پاران مهراڻ يونيورسٽي جي ٽول پلازا ڀرسان واري زمين تي پڻ ٿيندي رهي آهي. جتي مختلف وقتن تي لينڊ مافيا ۽ يونيورسٽي وچ ۾ تڪرارهلندو رهي ٿو. يونيورسٽي پاران لاڳاپيل اعليٰ اختيارين تائين دانهن باوجود ان زمين تي لينڊ مافيا جون ڳجهون لامارا ڏئي رهيون آهن جيڪي هر وقت پنهنجي شڪار جي تاڙ ۾ رهن ٿيون.

 لينڊ مافيا جي ماڻهن طرفان سنڌالاجي سامهون سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمن لاءِ قائم ڪيل هائوسنگ سوسائٽي جي فيز I ۽ II ۾ پهريائين سوسائٽي جي اربين روپين جي فلاحي پلاٽن تي قبضو ڪيو ويو، جنهن جي اڃا جاچ هلندڙ آهي ته مٿان وري ساڳي مافيا سوسائٽي جي چوڌاري سنڌ يونيورسٽي جي بچيل زمين تي هٿ وٺي قبضا ڪرائي، اڏاوتون ۽ وڪرا ڪيا پيا وڃن. توڙي جو ان عمل ۾ يونيورسٽي جا چند هيٺيان ملازم ملوث آهن پر يونيورسٽي انتظاميا جي نڪ هيٺان ٿيندڙ هن ڪرپشن خلاف ذميوار ادارن ۽ انتظاميا جي پراسرار خاموشي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اهي قبضا گروپ سان ٻٽ بڻيل آهن ۽ پنهنجو کيسو گرم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هنن عظيم درسگاهن ۽ علمي مرڪزن جي هي زمين جيڪا اسان سڀني جي نسلن جي امانت آهي ان کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي.

ڄامشوري جي هنن زمينن تي لڳندڙ ڌاڙا نه صرف عوام پر سڄي سنڌ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي.سنڌ جي ساڃاهه کي ڄامشوري جي ڌرتي تي لڳندڙ ڌاڙن تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي حڪمرانن، اعليٰ عدليه ۽ ذميوار اختيارين جو هن حساس مسئلي طرف ڌيان ڇڪائيندي گذارش ڪجي ٿي ته فوري طور هن معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. نه صرف سنڌ جي علمي تختگاهه ڄامشوري جي زمين تي سرعام ٿيندڙ قبضن ۾ ملوث لينڊ مافيا، بلڊر مافيا ۽ ان جي پٺيان لڪل بااثر هٿن کي نروار ڪيو وڃي پر هتان جي عوامي، سرڪاري ۽ تعليمي ادارن جي زمينن تي لڳندڙ ڌاڙن جي جاچ ڪري ملوٽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن جعلي ۽ غير قانوني رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ ڦرجندڙ ۽ متاثر ٿيندڙ حقيقي مالڪن کي انصاف پلئه پئجي سگهي، گڏوگڏ تعليمي ادارن، سرڪاري، عوامي ۽ فلاحي زمينن کي لڳندڙ ڌاڙن کان بچائي سگهجي