Wednesday 4 November 2015

Jamshoro feature

 This is not feature but article type.
What was exact ur topic? try to confine ur self within the outline of topic. Presently i do not remember ur topic. it become difficult to check it. Feature is always reporting based. Means taking view from other persons also.  Its main purpose is to entertain . there must be some stories, saying etc.
Write topic on the top, ur name roll number class, semester,year, date. Also some pix representing jamshoro

Imam Bhalai, Feature
ڄامشورو شهر جيڪو ٽن مادر علمين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجينئرنگ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، پيراميڊيڪل ڪاليج، پيپلز نرسنگ اسڪول، ايل ايم يو  ٽيچنگ اسپتال، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، سنڌالاجي، اسڪولي ۽ ڪاليجي شاگردن لاءِ نصاب ٺاهيندڙ ادارو بيورو آف ڪريڪيوليم، ان نصاف کي ڇپائي اسڪولن ۽ مارڪيٽن تائين پهچائيندڙ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، نوجوانن کي ٽيڪنيڪل تعليم ڏيندڙ اسٽيويٽا، بهتر تعليم جي دعويٰ ڪندڙ پاڪ ترڪ اسڪول سميت ڪيترائي غير سرڪاري اسڪول، تدريسي ۽ تحقيقي ادارا موجود هئڻ ڪري ڄامشورو کي سنڌ جو دماغ سڏجي ٿو پر هتان جا رهواسي ڪيترن ئي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اهي مسئلا ڄامشوري شهر جي آبادي ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌڻ ڪرڻ پيدا ٿي رهيا آهن. انهن مسئلن ۾ مک مسئلو ڄامشوري شهر ۽ آسپاس ۾سنڌ سرڪار جي ماتحت هلندڙ ڪاليجن ۽ اسڪولن جو تعليمي نظام جو آهي جيڪو ڊانوانڊول بڻيل ۽ رحم جوڳي حالت ۾ هلي رهيو آهي.
 جيڪڏهن ڄامشوري شهر جي تاريخ ڏسجي ته اها ڪا ايتري پراڻي به نه آهي, ڄامشورو هن وقت جنهن جاءِ تي قائم آهي اتي 6 ڏهاڪا اڳ ڪا ايتري گهڻي آبادي ڪانه هئي، هتي هڪ ننڍڙو ڦاٽڪ هوندو هو. پاڪستان جي قيام بعد سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي سميت سنڌ جي ٻين گهڻ گُهرن جي ڪوششن سان هتي 50 جي ڏهاڪي دوران لياقت ميڊيڪل ڪاليج، اسپتال، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، آر بي بي ڪالوني، ايم سي پي ڪالوني ۽ ٻيا ادارا تعمير ٿيڻ ۽ انهن جون رهائشي ڪالونيون ٺهڻ سان ڄامشوري شهر اوج ماڻيو. ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ جنهن جي ڀرپاسي ۾ 1950 ڌاري هڪ پيٽرول پمپ ۽ اسلاميه هوٽل هوندا هئا، ڄامشورو ريلوي ڦاٽڪ جي ڏکڻ طرف ٿورو پرڀرو شورا برادري جي ماڻهن جا ڪجهه گهر هئا جن جو پاڙو ڀريا هئا اهي گهر بعد ۾ لڏي اچي ڦاٽڪ وٽ ويٺا، اهڙي طرح هي ڀريا وليج جي نالي سان روينيو رڪارڊ ۾ آيو، هن وقت پڙهيل لکيل ماڻهو هن علائقي کي ڄامشوري شهر جو صدر وارو علائقو به ڪري ڪوٺين ٿا. هن ڄامشوري واري علائقي مان هن وقت تائين سائين جي ايم سيد، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ملڪ سڪندر، حاجي صديق شورو، ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ اسد سڪندر، سيد جلال محمود شاهه، سيد زمان شاهه غلام نبي پرين شورو، نواب عبدالغني ٽالپر، پير مجيب شاهه ،ڪامريڊ سليمان ڀلائي سميت ٻيا ڪيترائي ماڻهو وفاقي توڙي صوبائي پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاءِ چونڊون وڙهي کٽيندا ۽ هارائيندا رهيا آهن. هن وقت هن علائقي سان هڪ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ۽ ٻه ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ فقير داد کوسو تعلق رکن ٿا. هن وقت ڄامشورو شهر جي مستقل آبادي اٽڪل هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته هتي سموري آبادي ۾ اڌ کان وڌيڪ پرديسي ماڻهو رهن ٿا، اهڙي طرح ڄامشوري جي آبادي ڏيڍ لک کان وڌيڪ آهي، جن ۾ شاگرد، استاد، ملازم، ڪاروباري ماڻهو، مريض ۽ ٻيا ماڻهو اچي وڃن ٿا، ڄامشورو شهر ملڪ جو اهو شهر آهي جيڪو24 ڪلاڪ کليل هجي ٿو ۽ هتي هر قوم، نسل، قبيلي توڙي هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهڻ ڪري ڄامشورو کي مني پاڪستان سڏيو ويندو آهي، هي ملڪ جو واحد شهر آهي جيڪو سال ۾ صرف نائين ۽ ڏهين محرم تي بند هوندو آهي نه ته سدائين کليل هجي ٿو ۽ هتي قومي شاهراهه، سپرهاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جو سنگم ۽ سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن هجڻ ڪري هميشه ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي.
جيڪڏهن وري ”ڄامشورو“ جي لفظي ۽ گرافيڪل تاريخ ۾ جهاتي پائبي ته ڄامشورو حيدرآباد ضلعي جي تعلقي قاسم آباد ۾ هڪ ديهه جو نالو آهي جنهن ۾ هن وقت گلستان سجاد، چانڊيا ڳوٺ، ڀٽائي ٽائون، سومرا ڳوٺ، چنا ڳوٺ ۽ ٻيا علائقا اچي وڃن ٿا. ڄام شورو شورا برادري جي چڱي مڙس ڄام خان شورو جي پٺيان سڏجي ٿو ،ڄام خان شورو اڳوڻي  تعلقي ناظم ديدار شورو جو ڏاڏو ۽ ڪرن خان شوري جو والد هو، 1965ع ۾ ڄامشورو ۾ ڄام شورو جي نالي سان يونين ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو،  هن وقت ڄامشورو شهر چئن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ خود ڄامشورو يونين ڪائونسل، سون ولهار 3 (سنڌ يونيورسٽي)، موڙهو جبل ۽ پيٽارو شامل آهن. جڏهن ته ڄامشورو ضلعي ڄامشوري جو هيڊ ڪوارٽر به آهي، جيڪو ضلعو ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم 14 دسمبر 2004ع ۾ قائم ڪيو هو، هن وقت ڄامشوري ضلعي ۾ 4 تعلقا موجود آهن. جن ۾ سيوهڻ، ڪوٽڙي، ٿاڻو بولا خان ۽ مانجهند شامل آهن،
هن وقت ڄامشورو وڏو ڪاروباري رهائشي مرڪز بڻيل آهي، 60 جي ڏهاڪي ۾ باقائده طور تي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي جنهن هو نالو ڄامشورو بجاءِ سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن رکيو ويو پر اها ساڳي ڄامشورو جي نالي سان سڏجي ٿي، آبادي وڌڻ ڪري هتي هڪ ٿاڻو به قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ ڄامشورو پوليس لائين به قائم آهي جتي سوين اهلڪار موجود هجن ٿا. جڏهن ته رينجرس جو هيڊ ڪوارٽر، ضلعي ڪورٽون، گلشن شهباز، مهراڻ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني، سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي، ڳوٺ پير باجيدي شريف، 500 ڪي وي، وارث ماڇي ڳوٺ، سيد آباد، لاکو فقير ڳوٺ، چاڪر راڄڙ ڳوٺ، ڪاڇيلو ڳوٺ، رمضان راڄڙ ڳوٺ  محمد جمن شورو ڳوٺ، ڳوٺ سائين ڏٺو ملاح، ڳوٺ عبدالله چاوڙو سميت ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ موجود آهي. ٿر هتي سرڪار طرفان ڪوبه ڊگري ڪاليج موجود نه آهي، جڏهن ته هتي سرڪار طرفان نالي ۾ 3 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن جن ۾ ٻه بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول جنهن ۾ آر بي بي ڪالوني ۾ موجود گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول موجود آهن جن مان گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول  آر بي بي ڪالوني جي عمارت جي تعمير هجڻ ڪري هتان جون سوين نياڻيون گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول آر بي بي ڪالوني ۾ شام واري شفٽ ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن. مٿان وري انهن ٽنهي هائير سيڪنڊري اسڪولن جي حالت ايتري ته ڳنڀير آهي جو اتي ڪاليج جا مضمون پڙهائڻ لاءِ استاد مورڳو ئي نه آهن ۽ نه وري ڪي لائبريريون، ڪمپيوٽر لائبريريون ۽ سائنس ليبارٽريون آهن، بجلي جو نظام ته مورڳو ئي نه هئڻ برابر آهي. ڄامشوري شهر ۽ ان جي آسپاس جي وسندين ۾ ڪوبه بوائز توڙي گرلس مڊل سرڪاري اسڪول نه آهي، جڏهن ته ڄامشورو شهر جي ڳتيل آبادي ڀريا وليج ۾ موجود گرلس پرائمري اسڪول ڪيترن سالن کان بند پيل آهي، جنهن کي متبادل طور گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ شام جي شفٽ ۾ هلايو وڃي ٿو. ضلعي ۾ ٻارڙن جي داخلا جي جو وڏي ۾ وڏو انگ رکندڙ انهي بوائز پرائمري اسڪول جي حالت اهڙي آهي جو ان تي رڳو رحم ئي کائي سگهجي ٿو، هتي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني جي بوائز توڙي گرلس اسڪولن جو حال تعليم کاتي جي عملدارن کان ڪنهن به طرح ڳجهو نه آهي، ٻنهي اسڪولن جون عمارتون زبون هجڻ ڪري پڙهندڙ ٻارڙا توڙي استادن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. ٿرمل پاور هائوس ۾ به موجود سرڪاري اسڪول نالي ماترکوڙ سارن مسئلن جي موجودگي ۾ هلي رهيو آهي. سيد آباد ڪالوني ۾ سالن کان گورنمينٽ گرلس اسڪول جي اڻ کٽڻي تعمير جاري آهي، جنهن جي ڪري هتان جون نياڻيون علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ اسڪول جي تعمير ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. سيد آباد، عبدالله چاوڙا ڳوٺ، آر بي بي ڪالوني، ڳوٺ لاکو فقير، رمضان راڄڙ، چاڪر راڄڙ، ڳوٺ سائين ڏنو ملاح، جان محمد شورو، ڳوٺ پير باجيدي، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، گلشن شهباز هائوسنگ اسڪيم، سومار کوسو ڳو‎ٺ ۾ موجود گورنمينٽ بوائز توڙي گرلس پرائمري اسڪولن جا ٻارڙا ته استادن، عمارتن، چوديواري، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيندي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جنهن جون لکت ۾ شڪايتون مقامي ماڻهن، استادن طرفان تعليم کاتي جي مقامي عملدارن کان ويندي تعليم کاتي جي وزير محترم نثار احمد کهڙي تائين ڪيون ويون آهن پر انهن طرف ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، ڄڻ ته اهي غير سرڪاري تعليمي ادارن کان ڳريون رشوتون وٺي پنهنجي سرڪاري ادارن کي پاڻ تباهه ڪرڻ سان گڏ پنهنجي غريب قوم جي اولاد کان تعليم وارو زيور به کڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت خاص ڌيان ڏئي هتان جي ماڻهن جي پراڻي مطالبي کي منظور ڪندي ڄامشوري کي تعلقي جو درجو ڏئي تعليم، صحت، امن سميت بنيادي سهولتون بنا دير مهيا ڪري ڏئي.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     









No comments:

Post a Comment