Wednesday 4 November 2015

ڊاڪٽر ولي محمد عباسي


فريال عباسي
رول نمبر: 
2k14/MC/119 
چوندا آھن  موتي تہ هزار پر ڪوئينور جهڙو موتي قسمت سان هي ملي ايئن ئي ڊاڪٽر ولي محمد جنهن پنهنجي سموري زندگي غريب هاري ۽ شاگرن جي مدد ڪئي ۽ سچائي جو ساٿ ڏنائي.
پنهنجي ننڊڙي شھر دڙي ۾ مڇي ماني واري فيملي سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڪلاس ۾ ۽ اڳتي هلي پوري ضلعي جي اسڪولن ۾ ٽاپ تي رهندڙ ٻارڙي کي پنهنجي گڏيل خاندان واري گهر مان اخبار ادب ۽ تاريخ پرهڻ لا۽ ماحول ۽ حوصلو بہ مليو سندس وڏو ڏاڏو مرحوم حاجي ولي محمد عباسي مذھبي گهراڻي جو فرند هوندي بہ سندس پنھنجي وڏي پٽ نوراحمد عباسي کي انگريزن جي دور ۾ پڙهڻ جي لا۽ بمبئي يونيورسٽي موڪليو ۽ گريجوئٽ بڻايو ۽ هو شايد هندن توڙي مسالمانن مان دڙي شھر جو پهريون  گريجوئٽ ھو


 جڏھن واپار ۽ تعليم هندن ۾ زياده هوندي هئي ۽ سندس ننڊي چاچي غلام مصطفيٰ عباسي پهريون ماڻهو هو جنهن دڙي شھر ۾ ھڪ لائبرري کولي جنهن ۾ مذھبي ، انگريزي ، تاريخي ڪتاب بہ پڻ شامل هئا ، جنهن جي ڪري ڊاڪٽر ولي محمد  کي گهر ۾ پيل ڪتابن مان پڻ گهڻو فائدو مليو ۽ بيسٽ ريڊر جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين جيڪو ها۽ اسڪول جي ريڪارڊ ۾ اڄ بہ موجود آھي . سندس ڪتابن جو مطالعو ۽ سندس وڏن خاص ڪري نوراحمد عباسي وڏھرڪي ۽ ڊڪٽرشپ خلاف جهدوجهد ڪئي ۽ انهن مان اٿسه (انسپاريشن) وٺڻ سبب هن ها۽ اسڪول جي زماني کان ئي ٺٽي ضلعي خصوصي طور بٺوري تعلقي ۾ انتهائي سرگرم ٿيو ۽ معيار جي لحاظ کان شاندار تنظيم عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي مظلوم عوام لا۽ شاگرد ۽ ھاري محاظ تي سرگرم رهيو.
ڊاڪٽري پڙھڻ دوران شاگرد محاظ تي انتهائي ذميواري سان ڪم ڪيو ۽ سمورو عرصو  (ايس.ايس.ٽي) جي مختلف مرڪزي عهدن کي نڀائيندي سڄي سنڌ ۾ سرگرم رهيو 1983 واري (ايم.آر.ڊي)  تحريڪ ۾ گرفتاري پيش ڪيائين ۽ ھڪ مهينو نارا جيل ۾ شھيد فاضل راهو ۽ ٻين سياسي قيدين سان گڏ رهيو (ايم.آر.ڊي ) تحريڪ جي شروعات ۾ ئي کيس ٻين ڪجھ ساٿين سان گڏ فوجي ڪورٽ ھڪ سال قيد سزا ڏني جيڪا نارا ۽ سکر جيلن ۾ ڪاٽي پوري ڪئي جيلن ۾ سنڌ جي شھيد سياسي رهنمائن سان سنس ڪچهريون بحث مباحثا رهيا .


پاڻ جيلن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪن جي تعليمي شعبي اسٽڊي سرڪل جي انچارج طور مثالي ڪم ڪيا ۽ کيس ساٿين ۾ وڏي اعزت  ۽ مڃتا ملي . عملي زندگي ۾ اچڻ کانپو۽ بہ سندس مطالعو ۽ علمي ترتيب ڏيڻ وارو سلسلو جاري رهندو اچي.
ساڻن جيلن ۾ گڏ رهندڙ  ( پ.پ) جا اڳواڻ   وڏيرا يا ڊاڪٽر اسمائل اڍيجو جهڙا مڊل ڪلاس ماڻهو جڏھن منسٽر ٿيا تڏهن بہ هو سيڙجي پنهنجي ذاتي ڪم يا مفاد ماڻڻ لا۽ ڪنهن سان ملڻ نہ ويا ۽ اڄ تائين پنهنجي ضمير تي داغ اچڻ نہ ڏنائين سندس علمي ، ادبي ۽ سياسي شاگرد تمام وڏي تعداد ۾ آھن ۽ اڄ تائين هو انهن لا۽ قابل فخر استاد ۽ اڳواڻ جو درجو رکي ٿو

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi    

No comments:

Post a Comment