Wednesday 4 November 2015

African students of Sindh University

It is too short. at least 600 to 700 words required.  Intro is too formal. make it interesting.  some stories, incidents, number of students,  their countries, class, why they prefer to come here at sindh uni,  their social life here in sindh, festivity etc.  How they are in studies?  some girls are also there . issues problems they face
سنڌ  يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ آفريقي شاگرد
راجيش ڪمار
سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف رنگ نسل جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪجهه گورا، ڪجهه ڪارا ڪجهه قد جا ننڍا ۽ ڪي وڏا ، اتي ڪجهه ٻين کانشاگرد جيڪي رنگ ۽ قد جي ڪري مختلف نظر اچن ٿا ۽ جسم جي لحاظ کان هتان جي ماڻهن کان بلڪل مختلف آهن، انهن  جو رنگ ڪارو چپ ٿلها ڪنهن جي اکين جا ڀِرو وڏا ڪي ٿلها ڪي بلڪل سنها اُهي آهن آفريقي شاگرد .
اهي ڪپڙا به مختلف قسم جا پائيندا آهن، ڊگهيون قميصون جيڪي ڪلهن کان وٺي پيرن تائين پيون لڳنديون آهن. ۽ ڊگهيون شرٽون ۽ پينٽون به  مختلف پٽا پٽي رنگن واريون جيڪي عجيب لڳنديون آهن. ۽ هم نسل آفريڪي شاگردياڻيون پڻ پينٽون شرٽون پائنديون آهن ، اڪثر ڪري اهڙيون پينٽون جيڪي گوڏن کان ڦاٽيون پيون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي کلائڻ جو موقعو ڏيندا آهن، هي اڪثر ڪري  هاسٽل ۽ سوسائٽي ۾ رهندا آهن ڇاڪاڻ جيڪو جتي سهولت سمجهي.


ائين منهنجي هڪ آفريقي شاگرد سان ماني کائيندي ڪچهري ٿي پهرين ته مون پنهنجو تعارف ڪرايو ، هن به  پنهنجو تعارف ڪرايو.  پهرين تـه مون سوچيو انگريزي ڳالهائڻ هن کان ڏاڍي ڏوکي پوندي، پوءِ ڪجهـه اڳتي پوئتي ڪري ڳالهايوسين، پر هو بـه وچ  وچ ۾ڪجهـه اردوٻولي جا لفظ پڻ  ڳالهائي رھيو ھو . ڇا ڪاڻ تـه هو  آفريڪي شاگرد هتي رهي اردو بـه سکي ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو منهنجو نالو جميل محمد آهي آئون فورٿ ائير فارميسي جو شاگرد آهيان، پوءِ مون ڳالهـه جاري رکندي هن کان پڇيو تـه اوهان هتان جي تعليمي نظام کي ڪيئن ڏسو ٿا؟؟ هن چيو مونکي هتي پڙهندي 3 سال گزري ويا آهن، ۽ ڇوٿين سال ۾ داخل ٿيو آهيان، آئون جڏهن ھتي آيوس ان وقت ٿورو گهڻو تعليمي ميارخراب هو، مطلب تـه پڙهائي صحيح هوندي هئي، پر ڪجهـه شاگردن جي ڪري ماحول خراب هو، جئين ڪڏهن ناري بازي ، ڪڏهن بائيڪاٽ ۽ ڪڏهن وري هاسٽلن ۾ فائيرنگ وغيره ، انهي ڪري ڪجهـه خوف هوندو هو پر گزريل ٻن سالن کان امن آهي ، جنهن جي ڪري پڙهائي بـه سٺي هلي رهي آهي ،   ۽ اسان کي بـه ڪو خوف ناهي رهيو، 

ائين ڪچهري ڪندي ماني دوران هن جو هم وطن اچي ويو، جنهن هن کي پنهنجي ٻولي ۾ وڏي آواز سان سلام ڪيو، پهرين کل پئي آئي مونکي ڇو جو هڪ  ته سمجهـه ۾ نـه پئي آيو ۽ وري چوڻ جو انداز بـه اهڙو هو، پوءِ پنهنجي پاڻ تي ضابطو آندو، تـه ڪٿي هنن کي غلط نـه لڳي ۽ ناراض نـه ٿي وڃن، پوء هن جي دوست سان تعرف ٿيو هن پنهنجو نالو حسين بن رفيق ٻڌايو، ۽ هو انٽرنيشل هاسٽل تي رهي رهيو هو، پوء مون هن کان پوڇيو ته اوھان کي هتي جي هاسٽل جي ماني ڪئين لڳندي آهي، هن ٻڌايو تـه اسان جڪڏهن هن ( انٽرنيشنل) ۽ ٻين هاسٽلن کي ڀيٽيون تـه هتي جي ماني سٺي آهي، ڇا ڪاڻ تـه هتي ٻـه ڪينٽينون آهن اسان جه لاءِ  ھڪ الڳ ۽  ٻي هتان جي شاگردن لاءِ الڳ آهي، ڇاڪاڻ جو هتي جا شاگرد وڌيڪ مرچن وارا ۽ مڪس مصالحن وارا  کادا کائيندا آهن، پر اسان گهٽ مرچ وارا ، ۽ گهٽ مصالحي وارا کاڌا کائيندا آهيون، مون وڌيڪ پڇندي هن کي چيو تـه اوهان کي اڪثر ڪري مون دوڪانن تي مختلف شيون  کائيندي ڏٺو آهي، جنھن ۾  ، پيٽيز، سموسـه برگر، بوتل وغيره.توھان  ماني کائيندي بـه هيتريون شيون ڪئين کائيندا آهيو. هن چيو اسان اهي شيون انهي ڪري کائيندا آهيو جئين اسان جي غذه پوري ٿي سگهي جيڪا ڪجهـه ،ماني ۾ گهٽ ملندي آهي ، ۽ ٻيو ڪجهـه اسڪالرشپ جو پئيسو آهي، تـه خرچ ڪري وٺندا آهيون، پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي وڌيڪ تعريف ڪندي هن چيو هتي جا شاگرد نـه بلڪـه  سٺا  ماڻهوآھن پر گڏوگڏ سٺا مهمان نواز  پڻ آهن، جيڪي تمام گهڻي عزت ڏيندا آهن، پر هتي جي مقامي رهواسين سان ڳالهائندي ٻولي جو مسئلو ٿئي ٿو، ۽ آخر ۾ ٻئي گبرو نوجوان الله حافظ سان ڳڏ انگريزي ۾ وري ملنداسين چئي روانا ٿيا.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

No comments:

Post a Comment