Sunday 1 November 2015

Interview with Najma Gopang by Amin Tigar

Foto is required
انـــــٽــــرويــــــو

لــيــکــچــرر نــجمه گــوپانــگ 
وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ يونورسٽي ڄامشورو.

تـــعـارف ؛- نجمه گوپانگ جو بنيادي تعلق ضلعه نوابشاهه شهر سان آهي، ان 2001 ۾ ايڪنوميڪس ڊپارمينٽ مان ماسٽر جي ڊگري پاس ڪئي ۽ ساڳي سال ريسرچ ايسوسيئٽ جي حيثيت ۾ جنڊر اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو بعد ۾ هن 2009 ۾ ليکچرر شپ جي ڪميشن پاس ڪري  سنڌ يونيورسٽي جي جنڊر اسٽڊيز انسٽيٽوٽ ۾ ليکچرر ٿي.

سوال1  اوهان پنهنجي زندگي ۾ پڙهائڻ ڏانهن ڪئين ارادو ڪيو؟

جواب. اِن ۾ ڪو به شق نه آهي ته آءُ بچپن کان ئي پڙهڻ سان دلچسپي رکي، ۽ پڙهن جو ڏاڍو شوق رهيو جيڪو  هن وقت پڻ آهي. پر مونکي پڙهائڻ يعني ٽيچر ٿيڻ جو ڪو خاص شوق نه هو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪوشش ڪيم پر منهنجي والده هميشه مونکي استاد جي روپ ۾ ڏسڻ چاهيو ۽ سدائين اها خواهش ڪئي ته مان استاد ٿيان. جنهن جي ئي خواهش تي آءُ محنت ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ ليکچرر جي ڪميشن پاس ڪري 2009 ۾ استاد ٿيس.

سوال2 اوهان جي زندگي جا ننڍا يا واڏا مقصد ڪهڙا رهيا آهن؟ ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي لاءَ اوهان ڪهڙيون ڪوششيون ڪيون آهن؟

جواب. آءُ  سمجهان ٿي ته زندگي ۾ ڪو به مقصد ننڍو يا وڏو نه هوندو آهي، بلڪه هر مقصد ۾ ان کي پوري ڪرڻ جي دلچسپي ۽ محنت ئي ان کي وڏو بڻائيندي آهي، ها منهنجو مقصد اهو ضرور رهيو آهي ته هن سماج ۾ جنهن طرح عورت کي غلام ۽ ڪم عقل سمجيو وڃي ٿو انهن لاءِ ڪجهه ڪري سگهجي ۽ مان ذاتي طور تي ان لاءِ ڪافي ڪوششيون پڻ ڪيون آهن.

سوال3. اوهان هن سماج ۾ عورت کي ڪٿي بيٺل ڏسو ٿا؟
جواب.  آءُ اڄ جي هن جديد دور ۾ به عورت کي تمام گهڻو پٺ تي ڏسان ٿي ۽ سندن ٿيندڙ ظلم ۽ نه انصافي تي ڏاڍو افسوس اٿم جو کيس هر بنيادي حقوق کان محروم رکيو ويو آهي.

سوال4.  عورتن کي تعليم ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم رکڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
جواب. جيڪڏهن اسين شهر جي عورت  ۽ اُها عورت جيڪا ٻهراڙي يا پسماندا علائقي ۾ رهي ٿي ان جي ڀيٽ ۾ ڪنداسين ته شهر جي عورت جي حالت ٻهراڙي جي عورت جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي ان جو سبب ان عورت جو پڙهيل لکيل هجڻ آهي جنهن جي ڪري هو پنهنجي حقن جي سڃاڻ رکي ٿي پر ساڳي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي جي عورت تمام لاچار ۽ بيبس آهي ان جا مکيه سبب اهو آهي ته ان کي غلام بڻائي رکيو ويو آهي ته سڄو سڄو  ڏينهن ان کان مزدور جيان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ انهي ڪري اُن عورت کي تعليم کان محروم رکيو ويو آهي.

سوال5. اوهان پنهنجي شعبي ۾ عورتن لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
جواب. آئون پنهنجي انسٽيٽيوٽ جي مدد سان هن وقت تائين يونيورسٽي ليول تي ڪيترا ئي ارٽيڪل عورتن جي بنيادي حقوق جي  حوصلي لاءِ لکي چڪي آهيان جنهن مان منهنجا 4 ريسرچ جنرل پيپر ۾ شايع ٿي چڪا آهن اهڙي طرح مختلف طريقن سان ڪم ڪري رهي آهيان.

سوال6.  عورتن جي حقن لاءَ سماجي تنظيمن جي ڪردار کي ڪٿي بيٺل ٿا ڏسو؟
جواب.  سماجي تنظيمن منهنجي خيال ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪافي ڪم رهيل به آهي پر سماجي تنظيمون ان ۾ پوريون رڌل آهي جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي.

سوال7.  اوهان جي نظر ۾ مرد کي عورتن لاءِ ڪهڙو ڪردر ادا ڪرڻ گهرجي؟

جواب.  جئين ته اسان جي معاشري ۾ مرد هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جنهنجو مثال اڻ لڀ آهي مرد کي ئي گهر جو وڏو سمجهيو ويندو آهي ۽ سندس هر سٺي ۽ خراب فيصلي ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي اگر اهو ساڳيو مرد ئي عورتن جي حق، تحفظ ۽ بقا جي لاءِ جوڳا قدم کڻي ته عورت هن محرومي کان نڪري سگهي ٿي.

سوال8. اوهان پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي لحاظ کان عورتن توڙي مردن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

جواب. آئون هڪ استاد هجڻ جي حيثيت ۾ هي ضرور چوندس ته جيڪي محسوسيات هڪ مرد ۾ هونديون آهن اهي ئي ساڳيون محسوسيات هڪ عورت ۾ پڻ هونديون آهن جنهن ڪري مردن کي عورتن سان ذيادتي ڪرڻ کان پهريان ضرور سوچڻ گهرجي ۽ انهن سان  بُرو رويو نه اپنائڻ گهرجي.  مردن کي پڻ  غور ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريڻ ۽ انهن جا هر جائز مطالبا پڻ مڃن.


ليکڪ
مـحمد امـيـن تـڳـر
رول نمبر 115

No comments:

Post a Comment