Tuesday 3 November 2015

Donkey market

it is too small. we need atleast 600-700 words. and photo of market.
Ur name, category of writing, roll number, year and date should be at the top.
 Feature is always reporting based and its first function is to entertain. Can u rewrite it?  

گڏهن جي منڊي 
اڄ جي هن حيرت انگيز معاشري ۾ انسان انسان جي عزت لاءِ تيار آهي ته پوءِ هو معاشري ۾ ماحول ۾ موجود بي زبان جانورن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندو. هن نقطر نظر کي رکي ڪري اسان آس پاس جي ماحول ۾ ڏسنداسين ته اسان کي بي زبان ۽ معصوم جانور جيڪو ڏينهن جي ڀرپور محنت ڪرڻ کانپوءِ به انسان جي نظر مزاح طور لفظن يا ڪم عزت لفظن ۾ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. گڏهه اهو جانور آهي جيڪو هڪ شخص کي ٻه وقت جي روزي کارائي سگهي ٿو پر انسان جڏهن به ڪنهن ٻار جي غلطي يا بيوقوفي کي ڏسندو آهي ته چوندو آهي ته گڏهه آهين ڇا!.
اسان وٽ گڏهن جي باري ۾ منفي اثر آهن جيئن عيدالضحيٰ ۾ جانورن کي زيور پارايا ويندا آهن پر گڏهن کي زيور ته ٺهيو پر گلڙن جا هار به نصيب ٿيندا آهن.

ڪيتري ئي وقت کان بدين ضلعي جي ننڍي علائقي ٽنڊو غلام علي ۾ ٿيندڙ گڏهن جي منڊي ملڪ جي  وڏي گڏهن جي منڊين ۾ شمار ٿئي ٿي. هر سال 10 يا 11 محرم الحرام تي هزارين ماڻهو گڏهه خريدڻ يا فروخت ڪرڻ ايندا آهن جنهن ۾ سنڌ توڙي پنجاب جا واپاري گڏهن جو نسلون کڻي ايندا آهن. هي گڏهن جي منڊي ٽي ڏينهن هلندي آهي جنهن ۾ مختلف نسلن جا اٽڪل ٽي هزار گڏهه هتي آڻيا ويندا آهن، ميلي جي نگراني مقامي افراد ڪندا آهن جيڪي گڏهه وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ وارن کان ٽيڪس وصول ڪندا آهن.هن منڊي کي هڪ ميلي وانگر ڏٺو ويندو آهي جتي کائڻ پيئڻ راند روند سان گڏ گڏهن جي ريس به منعقد ڪئي ويندي آهي.

ائين بدين ۾ هر سال گڏهن جي منڊي ٿيندي آهي جنهن کان اڪثر عوام بي خبر آهي ان جي ڪري اسان گڏهن کي هر لحاظ سان نظر انداز ڪندا رهون ٿا.  ضلعي بدين جا اعليٰ نسل  جا اڇا گڏهه هر سال منڊي تي ڇائجي وڃن ٿا جنهن لاءِ خريدار ٻه لک ۽ اڍائي لک ڏيڻ جي لاءِ تيار هوندا آهن جڏهن ته گهٽ نسل وارا گڏهه ويهه هزار کان اسي هزار تائين فروخت ٿيندا آهن ۽ ٻچڙن جي قيمت ٻه هزار کان ٻارنهن هزار ۾ آهي. گڏهن جا مالڪ پنهنجي گڏهن جا دلچسپ نالا به رکندا آهن جنهن ۾ اسٽيشن گن، راڪيٽ، لانچر، ڪلاشن، ريل ڪار، جاني من، ڪبوتر،چڪور، دلربا، محبوبا ديواني، پياسي، راجا راني، بادل، سنڌ سينگار سنڌ جو راجا. ڊون، بدمعاش ، ڊاڪو وغيره وغيره سڀ مهانگي قيمت ۾ فروخت ٿيندا آهن ڪي خريدار ته مطئمن نظر ايندا آهن پر اڪثر جي مهنگائي سان شڪايت هوندي آهي. اڪثر منڊي ۾ چاروگاهه نظر نه ايندو آهي ۽ ڪو به وٽرنري ڊاڪٽر نظر نه ايندو آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو انتظام ٿيل هوندو آهي. .
Photos courtesy Dawn.com This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi      

1 comment:

  1. Sure sir will write and will try to overcome these mistakes.

    ReplyDelete