Tuesday 3 November 2015

بحريا فائونڊيشن ڪاليج نوشھروفيروز

Needs more compare and contrast and foto

 محمد امين تڳر، رول نمبر 115، پارٽ ٻيون                                                               
فيچر؛ بحريا فائونڊيشن ڪاليج نوشھروفيروز

صبح جو پھر ھو، ھرڪو ٽولن جي صورت ۾ ٻنھي پاسن کان وڻن جي وچ ۾ ٺھيل رستي تان ايندي،پارڪ ۽ ڪلاس ۾ ويهندي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪچهري ۾ مصروف هئا. اوچتو هڪ اهڙو منفرد گهنٽي جو آواز آيو جويڪدم ٽولن ۾ ڦڙڦوٽ مچي وئي ۽ هر هڪ الڳ الڳ ٿي هڪ کليل ميدان ڏانهن ڊوڙندي ترتيبوار هڪٻئي پٺيان قطارون ٺاهڻ لڳا ۽ گڏيل آواز ۾ گونجڻ لڳو، پاڪ سر زمين شاد باد، ڪشوري حسين شاد باد. اهيو منظر ڏسندي مونکي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اسين ڪنهن فوجي پريڊ ۾ شامل هجون’اسين اھيو سڀ بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي متعلق ڳالھائي رھيا آھيون  جنھن ۾ مون چار سال تعليم پرائي ھي ڪاليج سنڌ جي ضلعي نوشھروفيروز ۾ واقع آھي . ھوئئن ته ھن ضلعي ۾ ٻيا به ڪيترائي تعليمي ادارا آھن جھڙوڪر ڊگري ڪاليج ،اسٽار گرامر،ڊان اڪيڊمي ڪاليج ۽ ٻيا ادارا شامل آھن . جتي ڪيترائي شاگرد وڏي تعداد ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ايندا آھن پر بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي کولڻ کانپوءِ ٻين ڪاليجن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن ھن ڪاليج ڏانھن رخ ڪيو ۽ ھي ڪاليج شاگردن  جي وڌنڌڙ تعداد ۽ معياري تعليم جي سبب ڏينھن ڏينھن مشھور ٿيندو ويو. بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي وڻ ڪاري تمام خوبصورت آھي، ھاسٽل کان فيڪلٽي تائين ويڪرا رستا ۽ رستن سان گڏ گلابي گل جنھن کي ڏسندي دل بھار بھار ٿيو وڃي.
ھي ڪاليج 2001 ع ۾ نيوي طرفان کوليو ويو جنھن ۾ تعليم نرسري کان وٺي ٻارھين درجي تائين ڏني وڃي ٿي ڪاليج شروع ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين پڙھائڻ لاءِ ھوشيار استاد کنيا وڃن ٿا جن م ڪجھ ليڊي استاد به شامل آھن ڪاليج جي طرفان ڪجھ علائقن کي پوائنٽ بس جي سھولت پڻ مليل آھي، پر انجي باوجود ڪجھ علائقن جا شاگرد مختلف ٽرئفڪ ذريعي جھڙوڪ موٽر سائيڪل ، رڪشا، لوڪل بس،ڪار ۽ وين ذريعي ھتي اچن ٿا. جئين ته سنڌ جي ٻين شھرن نواب شاھ ،ميرپور خاص،ڪنڌڪوٽ،جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي کان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ھتي اچن ٿا جن لاءِ ھاسٽل جو بندوبست پڻ موجود آھي.۽ استادن جي رهائش لاءِ الڳ بندوبست ٿيل آهي.ھاسٽل ۾ رھندڙ ٻاھرين شاگرد ن جو تعداد تمام گھڻو آھي ڇو ته ھتان جو ماحول پر سڪون ھجڻ سان گڏوگڏ پرامن پڻ آھي ھاسٽل جي شاگردن کان 5000 روپيا مھينو ورتو وڃي ٿو جنھن ۾ خادي پتي ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جو بندوبست آھي.هتي پڙهندڙ شاگردن جو ٽوٽل تعداد تقريبن 800 کن آهي ۽ استادن جو عملو 30 ڄڻن تي مشتمل آهي.
ڪاليج جو تعليمي نظام ڪو_ ايجوڪيشن آهي. جيئن تـ پرائيويٽ ڪاليج هجڻ جي حيثيت ۾ ٻين ڪاليجن کان ڳريون آهن، نرسري کان ڪلاس چوٿي تائين في مهينو 800 روپيه ۽ داخلا لاءِ 11 هزار آهي، ڪلاس پنجي کان اٺين تائين 1200 روپيه، جڏهن تـ نائين کان ٻارنهين درجي تائين 1800 روپيه ۽داخلا فيس 13هزار روپيه مقرر ٿيل آهي. هن مهانگائي واري دور ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ داخلا ۽ مهانه فيسن ۾ ٻيڻ تي واڌارو ڪري  ڇڏيو اٿن. 
هن ڪاليج جي عمارت هڪ خوبصورت نقشي تي ٺهيل ۽ دل لڀائيندڙ سائي وڻڪاري سبب دلڪش منظر جو ڏيک ڏيندي آهي، بلڊنگ ۾ ڪل 18 ڪلاسن جا ڪمرا استادن ۽ ٻئي عملي جون آفيسون الڳ آهن.
ڪاليج ۾ هڪ وڏي لائبريري آهي جتي شاگرد پڙهائي ڪن ٿا. جيئن تـ هتي هڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ سان گڏوگڏ فٽبال گرائونڊ، سائيمنگ پول، جم خانو پڻ موجود آهي. هر سال هتي ڪاليج طرفان ڊبيٽ تقريري مقابلا ڪرايا وڃن ٿا ۽ فاتح ٽيمن ۾ انعام پڻ ورهيا وڃن ٿا. 
جيئن تـ سٺي ڪاليج هجڻ سان گڏوگڏ سٺن استادن جي پڙهائڻ جي ڪري هر سال انٽر پاس شاگردن کي ميڊيڪل توڙي انجينئيرنگ يونيورسٽين ۾ داخلا ملي وڃي ٿي.
هن ڪاليج مان پڙهي ويندڙ ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن انجنيئر، ڊاڪٽر، ليڪچرار ۽ ٻين اهم عهدن تي فائز آهن.

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi      

No comments:

Post a Comment