Wednesday 4 November 2015

Interview of Gulshan Leghari by Ravi shankar

Revised 
ادب لکيو ته وڃي ٿو، پر ڪو مخصوص مقصد يا رستو ڪونهي: گلشن لغاري

انٽرويو : روي  شنڪر 


سنڌ ماڻهپي کان خالي ڪانهي ، هتان جي عورتن ڏاهپ ۽ سگهڙائپ ۾ ڏيھ توڙي پرڏيه ۾ سڃاڻپ ڪرائي آهي. ميڊم گلشن لغاري انهن عورتن منجهان هڪ آهي جنهن ادبي ميدان،اين جي اوز ۽ صحافت جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.

سوال. مئڊم اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو ؟
جواب، منهنجي پيدائش شهر نبي سرروڊ، تعلقو ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1 جولاءِ 1965ع ۾ ٿي. منهنجي والد جو نالو ڪامريڊ غلام حيدر لغاري آهي، جنهن حيدر بخش جتوئي سان گڏ هاري تحريڪ ۾ جدوجهد ڪئي. آئون پنهنجي ابتدائي تعليم نبي سر مان حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ميرپورخاص آيس. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي. مون کي مڊل ڪلاس کان پوءِ ماستري ملي وئي هئي جيڪا ڪجھ سال ڪرڻ کان پوءِڇڏي ڏني، ان کان پوءِ  جلد ئي پنهنجي ڀائرن جي مدد سان پنهنجي دوستن پرهه سنڌي ۽ امر سنڌو سان گڏجي  سنڌي ناري تحريڪ جو بنياد وڌوسين، جنهنجي سنڌ جي صدر رهيس  ان دور  ۾  عورتن جي حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ ان لاءِ پڙهيل لکيل عورتن جي ضرورت هئي، . مون 13 سال هڪ اين جي او ۾ به ڪم ڪيو آهي ۽ ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن جي ميمبر به آهيان.  هن وقت سنڌي اخبار سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهي آهيان.

سوال. اوهان جو شاعري ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب.  اسان جي گهر ۾ منهنجي ماما ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي لائبريبري هوندي هئي. ننڍي هوندي کان ئي  منهنجو ڀاءُ  مظهر لغاري  جيڪو سنڌي ٻولي جو سٺو شاعر۽ ليکڪ آهي ۽  آئون ڪتابن جو مطالعوڪندا هئاسين. اسان ٻنهي جو  پڙهائي ڏانهن لاڙو وڌيڪ هوندو هو. لايبريري ۾ ،  اسان  کي ادب ۽ شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. شاعري پڙهندي ۽ سمجهندي شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڪچي ڦڪي  لکڻ شوروع ڪئيسين. شروع ۾  مون کي شاعري ڪنهن کي ٻڌائيندي  شرم ايندو هو ۽ شاعري لکي پوءِ ڦاڙي ڇڏيندي هئس،اهو منهنجو شوق ته هيو پر دل  ۾ دٻائي رکندي هئس۽ پنهنجي لکيل شاعري ڪنهن کي به ڏيکاريندي ڪون هئس.  پوءِ جلد شادي ٿي وئي۽ گهريلو  مصروفيات جي ڪري لکڻ ڇڏي ڏنم. ان کان پوءِ مون اين جي او جوائن ڪئي، جڏهن حيدرآباد ۾ ٽرانسفر ٿي ته وري مونکي ادبي ماحول مليو.انکان پوءِ منهنجي   دوست امر سنڌو لکڻ لاءِ منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ گائيد به ڪيو. 2005 ۾ ڪجھ خانداني مسئلن جي ڪري منهنجي طلاق ٿي وئي ۽ ڪجھ حالات به اهڙا ٿي پيا جو لکڻ منهنجي لاءِ هٿيار ٿي پيو. لکڻ سان ئي آئون  پنهنجي ڪيفيتن ۽ جذبن جو اظهار ڪندي هئس ۽ ان سان مون کي سگھ ملندي هئي. اهڙي طرح منهنجو لکڻ ۽ شاعري طرف لاڙو ٿي پيو. مون اخبار ۾ ڪالم به لکيا..پنج سالن تائين شاعري جو ايترو مواد  گڏ ٿي ويو  ، جو ڪتاب شايع ڪري سگهجي. ايئن 2009 ۾ منهنجو شاعري جو پهريون ڪتاب” وڇڙي ويل زندگي” ڇپجي پڌرو ٿيو.

سوال. هن وقت جيڪو ادب لکيو پيو وڃي ۽ شاعري ڪئي پئي وڃي ان مان اوهان ڪيترو مطمئن آهيو
جواب. ون يونٽ واري دور ۾ ادب وڏي ترقي ڪئي. ۽ ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي شاعري ۽ لکڻين ۾ مظلوم ماڻهن جي حقن ۽ انهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ شيخ اياز  جي شاعري هڪ اهم رول ادا ڪيو. جنهن سنڌ ۾ مزاحمت پيدا ڪئي.ان بعد ضيا جي مارشل لا واري ڪاري دور ۾ به مزاحمتي ادب ترقي ڪئي، پابندين باوجود ڪيترائي سٺا اديب ۽ شاعر اڳتي آيا.  اهو سنڌي ادب ۽ سياست جو سونهري دور هو. پر مشرف واري دور ۾ ادب توڙي سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿيو. هن وقت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ وري ادب ۾ جان آئي آهي پرمون کي ائين محسوس ٿئي پيو ته هن وقت شاعري ۽ ادب لکيو ته وڃي ٿو، پر ڪو مخصوص مقصد يا رستو ڪونهي ڇو ته هينئر نظريا نه رهيا آهن، جنهنڪري ادب ۽ شاعري ايتري اتساهيندڙ ناهي رهي.

سوال؛سوال سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب جهڙوڪر نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ نرسري جي کوٽ ڪيئن پوري ٿيندي؟
جواب. اها بلڪل صحيع ڳالھ آهي ته هن وقت ٻاراڻو ادب ايترو نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ جي کوٽ پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي. انڊيا ۾   سنڌي اديبه ۽ شاعره ومي سدارنگاڻي ٻاراڻي ادب تي سٺا ڪتاب لکيا آهن، اهي هتي TRDPوارن شايع ڪرايا آهن جن ۾ ٻارن جي باري ۾ دلچسپ ڪهاڻيون ۽ شاعري  آهي. ماضي ۾ اڪبر جسڪاڻي ، ادل سومرو ۽ ڪجهه ٻين اديبن ٻارن لاءِ لکيو آهي. اڳي گلن جهڙا ٻارڙا نالي رسالو نڪرندو هو، ان به ٻارن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. پر اسان وٽ  هاڻي هن قسم جو ادب واقعي  صفا نه هجڻ برابر پيو لکيو وڃي جيڪو ٻارن جي ذهني تربيت  ڪرڻ ڪري ۽ انهن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ چاهه پيدا ڪري سگهي. هن وقت  ٻارن جوادب تخليق ٿيڻ گهرجي  ته جئين ٻارن جو اد ب ڏانهن لاڙو ٿئي ۽ اهي ٻار پاڻ به لکڻ شروع ڪن.

سوال؛ اڄڪلھ سنڌي خاندانن جي شادين ۾ ثقافتي رسمون ختم ٿي رهيون آهن ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
جواب؛.  اسان جي سنڌ جون تمام خوبصورت رسمون آهن، جيڪي ٻين وٽ ناهن، هر ڪنهن قوم جو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي. هن وقت اهم ڳاله اها آهي ته  اسان جو نوجوان نسل  پنهنجي ڪلچر کي وساريندو پيو وڃي، ڇو ته انفرميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب هاڻي اسان تي پرڏيهي ثقافتن جا اثر پئجي رهيا آهن،   جنهنڪري اهي پنهنجي ٻولي ۽ رسمن کان پري ٿيندا پيا وڃن. اسان جي سنڌي ميڊيا کي گهرجي ته اهي وڌ کان وڌ پنهنجي ڪلچر پروموٽ ڪن ته جئين نوجوان نسل پنهنجي ريتن رسمن کي پنهنجي  زندگي ۾ عملي طور استعمال ڪن ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي نه وسارين.

سوال؛ عورتن تي تشدد ۽ انياءُ جو منظر ڏسي هڪ ليکڪ ڪهڙي پيڙا مان گذري لکي ٿو ؟
جواب. عورت بنيادي طور تي انتهائي مظلوم رهي آهي، ان ڪري عورت مرد کان وڌيڪ حساس هوندي آهي. ليکڪ وڏي پيڙامان گذري لکي ٿو پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، جيستائين هو ان ڪيفيت مان نه گذرندو تيستائين ڪون لکي سگهندو. آئون پنهنجي ڳالھ ڪريان ته جيستائين ائون انهيءَ ڪيفيت مان نه گذران تيستائين مونکان هڪ لفظ به نٿو لکجي. مون ڪيترائي نظم عورت جي درد بابت لکيا آهن،  مون جڏهن به عورت تي شاعري لکي آهي ته اها باقائده روئندي روئندي لکي آهي، ڇو ته هڪ عورت هئڻ جي ناتي مون مٿان  اهي پيڙائون گذريون آهن،ب  آئون به هن هن انساني اڻبرابري واري سماج جوشڪار رهي آهيان، مون تي به وک وک تي اهي وارتائون زندگي ۾ گذريون آهن، جيڪي اسان جي سنڌي سماج ۾ عورت جو مقدر بنايون ويون آهن.مونکي انهن ماڻهن تي حيرت ٿيندي آهي جيڪي آرڊر تي لکندا آهن. آئون سمجهان ٿي ته هڪ شاعر ۽ اديب کي لکڻ لاءِ ڪافي ڪجه ڀوڳڻو پوندو آهي.

سوال؛. اوهان جي زندگي جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان ڪڏهن وساري نه سگهيا هجو ؟
جواب. جڏهن آئون حيدرآباد ۾ ٽرانسفر ٿي آيس انهن ئي ڏينهن   هتي هڪ عورت غربت سبب پنهنجي ٻارن کي ڪهي ڇڏيو۽ پوءِ پاڻ  خودڪشي ڪري ڇڏي هئي،  ان واقعي منهنجي دل تي ايترو اثر وڌو جو آئون ڪيترن ئي مهينن تائين ان صدمي ۾ رهي هئس، پوءِ ان تي هڪ نظم به لکيو هئم ،اهو منهنجو پهريون باقاعدي لکيل نظم هو، اها شديد قسم جي ڪيفيت آئون اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهي آهيان. 

سوال؛ موجوده صحافت کي اوهان ڪيئن ٿيون ڏسو ؟؟
جواب. هن وقت صحافت تمام وسيع فيلڊ  بنجي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ وسيع ٿيندي. وقت سان تبديليون آيون آهن.پهرين صحافين لاءِ ڊگري لازم ڪونه هوندي هئي، پر هينئر ڊگري جي وڏي اهميت آهي،هن وقت پروفيشنل ماڻهو صحافت ۾ اچي رهيا آهن.جنهڪري عوام جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي حقن بابت سجاڳ ٿي رهيا آهن، پر ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين  ۾ ڪم ڪندڙ صحافي هن وقت تائين جاگيردانا نظام  سبب مصلحتن ۽ دٻاءُ جو شڪار آهن.  صحافت تڏهن ان مان آجي  ٿيندي، جڏهن اهو نظام ختم ٿيندو، تڏهن ئي حق ۽ سچ جو آواز بلند ٿيندو.
سوال. اوهان جو پسنديده صحافي ۽ شاعر ؟
جواب. صحافين کي مون ايترو ويجهڙائي سان ڪونه ڏٺو آهي، پر جيڪي ڪالمسٽ آهن، انهن ۾ سنڌي ڪالمسٽ سهيل سانگي صاحب، ضمير گهمرو۽ اردو ۾ وسعت الله خان  جا ڪالم مون کي پسند آهن۽ شاعرن ۾  شاعرن جو سرتاج شاھ عبدللطيف ڀٽائي ،شيخ اياز، فيض احمد فيض، ۽ پروين شاڪر مون کي هميشه پسند رهيا آهن ۽ انهن کي وري وري پڙهندي رهندي آهيان..

سوال، اوهان جي ڪا اڻپوري خواهش ؟
جواب.  هوش سنڀالڻ کان وٺي موسيقي سکڻ منهنجي خواهش رهي آهي پر اها هميشه اڻپوري رهي ڇو ته آئون ٻروچ خاندان ۾ پيدا ٿي آهيان.پر موسيقي  منهنجو پهريون  ۽ آخري  عشق آهي.

سوال، پڙهندڙڻ لاءِ اوهان جو ڪو پيغام ؟

جواب، منهنجي گذارش آهي ته حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، بدلجندڙ دنيا جي حقيقتن  کي قبول ڪريو ۽  حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد جو جذبو ضروري آهي. حالتن کي بدلائڻ لاءِ پنهنجو فرض سمجهي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. 



----------------------------- FIRST VERSION -----------
انٽرويو: گلشن لغاري


سنڌ ماڻهپي کان خالي ڪانهي، هتان جي عورتن ڏاهپ ۽ سگهڙائپ ۾ ڏيھ توڙي پرڏيه ۾ سڃاڻپ ڪرائي آهي. گلشن لغاري انهن عورتن منجهان هڪ آهي جنهن ادبي
ميدان،اين جي اوز ۽ صحافت جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.
Make this question as introduction
سوال: مئڊم اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو ؟
جواب: منهنجي پيدائش شهر نبي سر، تعلقو ضلعي عمرڪوٽ ۾ 1 جولاءِ 1965ع ۾ ٿي. منهنجي والد جو نالو غلام حيدر لغاري آهي، جنهن حيدر بخش جتوئي سان گڏ هاري تحريڪ ۾ جدوجهد ڪئي. آئون پنهنجي ابتدائي تعليم نبي سر مان حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ميرپورخاص آيس. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي. مون کي مڊل ڪلاس کان پوءِ ماستري ملي وئي هئي جيڪا ڪجھ سال ڪرڻ کان پوءِڇڏي ڏني، ان کان پوءِ سنڌي ناري تحريڪ جيڪا عورتن جي ونگ هئي ان جي پوري سنڌ جي صدر رهيس ڇو ته ان دور  ۾  عورتن جي حوالي سان ڪم ڪرڻو هو ته ان لاءِ پڙهيل لکيل عورتن جي ضرورت هئي، مون کي ان تحريڪ جو صدر بڻايوويو. آئون 13 سال هڪ اين جي او ۾ به ڪم ڪيو آهي ۽ ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن جي ميمبر به رهيس. هن وقت سنڌي اخبار سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهي آهيان.

س: اوهان جو شاعري ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
ج :اسان جي گهر ۾ منهنجي ماما ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي لائبريبري هوندي هئي. اتي منهنجو وڏو ڀائو شاعر مظهر لغاري ۽  آئون مطالعوڪندا هئاسين. اسان ٻنهي جو پڙهائي ڏانهن لاڙو وڌيڪ هوندو هو. اتي اسان غير نصابي ڪتاب پڙهيا ۽ شاعري پڙهي. شاعري پڙهندي ۽ سمجهندي شاعري ڪرڻ شروع ڪئيسين. شروع ۾ شاعري ڪندي شرم ايندي هئي ۽ شاعري لکي پوءِ ڦاڙي ڇڏيندي هئس،اهو منهنجو شوق ته هيو پر دل  ۾ دٻائي رکندي هئس۽ پنهنجي لکيل شاعري ڪنهن کي به ڏيکاريندي ڪون هئس. ڪجھ مصروفيات جي ڪري لکڻ ڇڏي ڏنم. ان کان پوءِ جڏهن حيدرآباد ۾ ٽرانسفر ٿي ته وري مونکي ادبي ماحول مليو.انکان پوءِ منهنجي ننڍپڻ جي دوست امر سنڌو لکڻ لاءِ منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ گائيد به ڪيو. پنج سال شاعري ڪرڻ ۽ اخباري ڪالم لکڻ کانپوءِ سٺو مواد گڏ  ٿي ويو ۽ 2009ع ۾ وڇڙي ويل زندگي جي نالي سان ڪتاب شايع ٿيو.2005 ۾ ڪجھ خانداني مسئلن جي ڪري منهنجي طلاق ٿي وئي ۽ ڪجھ حالات به اهڙا ٿي پيا جو لکڻ منهنجي لاءِ هٿيار ٿي پيو. لکڻ سان ئي مان پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي هئس ۽ ان سان مون کي سگھ ملندي هئي. اهڙي طرح منهنجي لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ ڏانهن لاڙو ٿي پيو.

س: هن وقت جيڪو ادب لکيو پيو وڃي ۽ شاعري ڪئي پئي وڃي ان مان اوهان ڪيترو مطمئن آهيو 
ج: شيخ اياز واري دور ۾ ادب وڏي ترقي ڪئي. ۽ ون يونٽ جي وقت،ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ،مظلوم ماڻهن جي حقن ۽ انهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ شيخ اياز هڪ اهم رول ادا ڪيو. انکان پوءِ  مشرف دور ۾ ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو. هن وقت انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ وري ادب ۾ جان آئي آهي پرمون کي ائين محسوس ٿئي پيو ته هن وقت شاعري ۽ ادب لکيو ته وڃي  پر ڪو مخصوص مقصد يا رستو ڪونهي ڇو ته هينئر نظريا ختم ٿي ويا آهن جنهنڪري ادب ۽ شاعري ايتري اتساهيندڙ ناهي رهي .

س:  سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب جهڙوڪر نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ نرسري جي کوٽ ڪيئن پوري ٿيندي؟
ج: اها بلڪل صحيع ڳالھ آهي ته هن وقت ٻاراڻو ادب ايترو نه پيو لکيو وڃي، انهيءَ جي کوٽ پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي. انڊيا ۾ جيڪا اسان جي سنڌي اديبه سنگهاڻي آهي هن ٻاراڻي ادب تي سٺا ڪتاب لکيا آهن اهي هتي TRDPوارن شايع ڪرايا آهن جنهن ۾ ٻارن جي باري ۾ دلچسپ ڪهاڻيون ۽ شاعري لکيل آهي. پر اسان وٽ هن قسم جو ادب واقعي ادب نه پيو لکيو وڃي جيڪو ٻارن تي اثر وجهي. هن جديد دور ۾ ٻارن کي ادب ۾ تربيت نه پئي ڏني وڃي، هن وقت اديبن کي ٻارن جون ڪهاڻيون ۽ شاعري ڪرڻ گهرجي ته جئين ٻارن جو اد ب ڏانهن لاڙو ٿئي ۽ اهي ٻار پاڻ به لکڻ شروع ڪن.

س: اڄڪلھ سنڌي خاندانن جي شادين ۾ ثقافتي رسمون ختم ٿي رهيون آهن ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
ج اسان جي سنڌ جون تمام خوبصورت رسمون آهن، جيڪي ٻين وٽ ناهن، هر ڪنهن قوم جو پنهنجو ڪلچر هوندو آهي. هن وقت اهم ڳاله اها آهي ته نوجوان پنهنجي ڪلچر کي وساري رهيا آهن جنهنڪري پنهنجي ٻولي ۽ رسمن کان پري ٿيندا پيا وڃن. اسان جي سنڌي ميڊيا کي گهرجي ته اهي وڌ کان وڌ پنهنجي ڪلچر کي ڏيکارين ته جئين نوجوان نسل پنهنجي ريتن رسمن کي پنهنجي ازدواجي زندگي ۾ عملي طور استعمال ڪن.

س: عورتن تي تشدد ۽ انياءُ جو منظر ڏسي هڪ ليکڪ ڪهڙي پيڙاھ مان گذري لکي ٿو ؟
ج:  عورت بنيادي طور تي ايتري مظلوم رهي آهي جو عورت مرد کان وڌيڪ حساس هوندي آهي. خصوصن عورتن جي معاملي ۾ ليکڪ وڏي پيڙاھ مان گذري لکي ٿو. جيستائين هو انهيءَ ڪيفيت مان نه گذرندو تيستائين ڪون کي سگهندو. آئون پنهنجي ڳالھ ڪيان ته جيستائين ائون انهيءَ ڪيفيت مان نه گذران تيستائين مونکان هڪ لفظ به نٿو لکجي. آئون جڏهن به عورت تي شاعري لکي آهي ته اها باقائده روئندي روئندي لکي آهي ڇو ته هڪ عورت هئڻ جي ناتي مون عورت جي درد کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مونکي انهن ماڻن تي حيرت ٿيندي آهي جيڪي آرڊر تي لکندا آهن. آئون سمجهان ٿي ته هڪ شاعر ۽ اديب کي لکڻ لاءِ ڪافي ڪجه ڀوڳڻو پوندو آهي.

س: اوهان جي زندگي جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان ڪڏهن وساري نه سگهيا هجو ؟
ج: جڏهن آئون حيدرآباد ۾ هئس تڏهن اتي هڪ عورت خودڪشي ڪئي هئي، پر خودڪشي ڪرڻ کا پهرين هن پنهنجي ٻارن کي ڪهي ماري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پاڻ کي به ماري ڇڏيائين، ان واقعي منهنجي دل تي ايترو اثر وڌو جو آئون ڪيترن ئي مهينن تائين ان صدمي ۾ رهي هئم، پوءِ ان تي هڪ نظم به لکي هئم اها منهنجي پهرين نظم هئي، اها شديد قسم جي ڪيفيت آئون اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهي آهيان. 

س: موجوده صحافت کي اوهان ڪيئن ٿيون ڏسو ؟
ج: هن وقت صحافت تمام وسيع ٿي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ وسيع ٿيندي. پهرين صحافين لاءِ ڊگري لازم ڪون هوندي هئي پر هينئر ڊگري جي وڏي اهميت آهي، هن وقت پروفيشنل ماڻهوء صحافت ۾ اچي رهيا آهن.جنهڪري عوام جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي حقن بابت سڄاڻ ٿي رهيا آهن، پر ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ صحافي هن وقت تائين جاگيردانا نظام جا شڪار آهن. اها صحافت تڏهن ڪامياب ٿيندي جڏهن اهو نظام ختم ٿيندو ۽ تڏهن ئي حق ۽ سچ جو آواز بلند ٿيندو.

س: اوهان جو پسنديده صحافي ۽ شاعر ؟
ج: صحافين کي مون ايترو ويجهڙائي سان ڪون ڏٺو آهي پر جيڪي ڪالمسٽ آهن انهن ۾ سنڌي ڪالمسٽ سهيل سانگي، اردو ۾ وصعت الله خان ۽ شاعرن ۾ شاھ عبدللطيف،شيخ اياز، فيض احمد فيض، ۽ پروين شاڪر کي پڙهڻ پسند ڪيان ٿي.

س: اوهان جي ڪا اڻپوري خواهش ؟
ج: موسيقي سکڻ منهنجي خواهش رهي آهي پر اها هميشه اڻپوري رهي ڇو ته آئون ٻروچ خاندان ۾ پيدا ٿي آهيان.هونئن به هر انسان پو   چاهي اهو مرد هجي يا عورت موسيقي سندن روح جي غذا آهي.
س: پڙهندڙڻ لاءِ اوهان جو ڪو پيغام ؟
ج: منهنجو اهو پيغام آهي ته حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، انهن کي قبول ڪريو ۽ منهن ڏيو. حالتن کي بدلائڻ لاءِ وس هلائڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪرڻ گهرجي. 

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi    

No comments:

Post a Comment