Tuesday 3 November 2015

ڪاڇي جا ڪنمب Kachy ja kumb by Mumtaz Jamali

ڪاڇي جا ڪنمب

ممتاز علي جمالي 
شعبـه ماس ڪام بي ايس حصـو ٻيون
رول نمبر؛ 2ڪي14_ايم سي_ 159

           سنڌ جو ڪهڙو بـه شهر هجي اهو پنهنجي ڪنهن نا ڪنهن هنر فن تفريحي يا تاريخي ماڳ جي ڪري سڃاتو ويندو آهي، ڪاڇو بـه اهڙي هنر ، تاريخي  توڙي تفرحي ماڳن جي ڪري پوري سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو.

                 ڪاڇو کان ڪجهـه ڪلو ميٽر پرتي اولهه اوتر طرف گاج ندي ۽ ڏکڻ اولهه طرف نئي ندي  ، نئي کان ڪجه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي سوري ۽ سول نالي نديون  آهن، جيڪي ڪاڇي جي آبادي جا زريعا آهن، جبلن ۾ جڏهن بـه برسات پوندي آهي تـه برسات جو سڄو پاڻي انهي ندين جي زريعي ڪاڇي ڏي ايندو آهي ، ۽ پوءِ آهسته آهسته منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو قصو ڪئي هزارين سالن کان وٺي هلندڙ آهي، جڏهن برسات پوندي آهي تـه ڪجـهه ئي لمحن ۾ پاڻي ندين ۾ اچي لهندو آهي، پاڻي جي رفتار ايڏي تـه تيز هوندي آهي جو پورو ڪاڇو آوازن سان گوجندو آهي.

 انهي تيز رفتار پاڻي جي ڪري جبلن جي آخر ۾ جيتي پاڻي جبلن مان تيزي سان لهندو آهي  اتي وڏا کڏا ٺهي ويا آهن، جن کي ڪاڇي وارا ماڻهون ڪنمب چوندا آهن، اهي ڪنمب برسات جي ڪري ٺهيا آهن، جن جي تاريخ هزارين سالن جي    آهي .اهي ڪنمب ويڪر ۾ 5 ميٽر  کان 20 ميٽر ۽ اونهائي ۾ 10 کان 50 ميٽر تائين آهن انهي جي پاسن ۾ سائو وڏو گاهـه، ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي ڪنمب جي خوبصورتي کي اجاگر ڪندا آهن،  اهي ڪنمب ڏڪار جي موسم ۾ ڪاڇي وارن لاءِ جنت جهڙو هوندا آهن، اهي انهن مان پاڻي ڀرهندا آهن، انهن ڪنمبن جو پاڻي نـه بلڪي مٺو هوندو آهي پر صاف بي هوندو آهي۔

   مزي جي ڳالهـه انهن ڪمبن جي اها آهي تـه انهن ڪنمبن ۾ مڇي پڻ رهندي آهي انهي مڇين کي تقريبن هزارين  سال ٿي ويا آهن مگر نـه مڇي ڪڏهن کٽيون نـه ئي بيماري جي  ڪري ختم ٿي ويون، هيتي جا ماڻهون وڏي شوق سان اها مڇي پاڻ ماري ۽ کائيندا آهن، نـه صرف اها مڇي تازي هوندي آهي بلڪـه صحت مند ۽ وزني هوندي آهي،  انهن ڪنمبن ۾ اڪثر ڪري پوپري ، پاپليٽ، گولفارم، سونهاري، مُڪر، ڄرڪو، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پلو، ڪرڙي، ٿيلهي، موراکي، اسٽارفش،  مڇي هوندي آهي، انهن ڪنمبن ۾ 10 کان 80 ڪلو تائين جي وزني مڇي موجود
هوندي آهي۔
             
    ڪاڇي جي مٿي گورک، گاج  گهمڻ جڏهن ماڻهون ايندا آهن تـه اتان جا ماڻهو جڏهن هن مڇي جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن تـه اهي وڏي شوق سان اها مڇي کائيڻ پسند ڪندا آهن.

 ڪاڇي وارا ماڻهن پنهنجي ٻولي ۾ چوندا آهن تـه ” جنهن ڏنهن ڪنمبين دي مڇي کاسين اونهن ڏنهن تينڪو اساڏا ڪاڇا وڻسين “   بلوچ ڪميونٽي ۾ جڏهن ڪا ڀاڄي گهر ۾ سٺي ٺهندي آهي تـه اهي اها چوڻي دورائيندا آهن تـه”  مرشي نگن هئيرگائين ڄڻ ڪنمباء مڇي مطلب تـه اڄ ماني اهڙي آ جئين ڪُنمبن جي مڇي“  ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڪو دوست ڪنهن دوست کي دعوت بـه ڏيندو آهي تـه دوست پهريان اهو پوڇا ڪندو ٿس تـه ” ڪنمبين دي مڇي هوسين تـه آسون نت الله واهي “

ڪاڇي جا ماڻهون انهي مڇي کي طريقي سان پڪڙيندا آهن، ڇا ڪاڻ جو 100 کان 200 فوٽ جي ڪنمب ۾ گهڙڻ ۽ واپس اچڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهـه ناهي هوندي، اهي هڪڙو ماڻهون اندر ڪنمب جي موڪليندا آهن، پوءِ ان جي مٿان ٻيو چڙها.يندا آهن جئين اهو ٻاهر تري نـه اچي. اگر ڪنمب جي مٿين صتح تي مڇي نٿي ملي تـه اڃان ٽيون ماڻهون هُن جي مٿي ڇڙهائيندا آهن جئين آخري شڪار وارو ماڻهون هن جي تهـه تائين پهچي ائين ڪندي ڪندي 6 کان 8 ماڻهون جي هڪڙي چئين ٺاهيندا آهن ،جئين اندر ڪنمب ۾ ڪو ڦاسي نـه يا ٻاهر تڪڙي اچي نـه ، انهي ڪنمب جا وري الڳ الڳ اندرا کڏا هوندا آهن ۽ اندر وڏي تعداد ۾ گاهـه ، جيت، ۽ پاڻي وارا خطرباڪـه يا ائين کڻي چئيجي نقصان ڏيندڙ جانور هوندا آهن انهي جي ڪري اندر ڪنمب جي لهڻ وارن سان خطرو ساڻ هوندو آهي.

         هتان جي رهواسين جو چوڻ هو تـه  ڪنمب جي اندر اڪثر تجربي ڪار ماڻهون لهندا آهن جيڪي 5، کان 7 منٽ ساهـه کي جهلي ويندا آهن مطلب ت اگر هنن کي 3، کان 5 منٽ آڪسيجن نـه ملي تـه اهي برداشت ڪري وٺندا آهن، ڪنمب جي اندر جيڪو شڪاري لهندو آهي اگر هن کي شڪار هٿ نايو ۽ دم گهٽجڻ لڳندو ٿس تـه هو پنهنجي مٿين واري ساٿي کي لوڏو ڏيندو يا هٿ سان چونڊي هڻدو لوڏو ڏيڻ ۽ چونڊي هڻڻ مٿين کي پاڻ کان هٽائيڻ جي نشاني هوندي آهي، وري مٿيون همراهـه پاڻ کان مٿين واري کي ساڳو عمل ڪندو ائين ائين آهستـه سڀ هڪه ٻي جي مٿي کان هٽي ويندا ، ۽ هڪه دم لا۽ سڀ ٻاهر ايندا، مگر ٻي واري وري هڪ نئي ترتيب سان ويندا، اهو عمل ڳوٺ جي صرف چند ماڻهون کي ايندو آهي.
                     ماهرن ڪاريگرن کان پوڇيو تـه هنن چيو اهو عمل تمام ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي مگر اسان هاڻي هيري ويا آهيون اسان کي ڏکيائي نٿي ٿي، هنن چيو تـه اهو طريقيڪار اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان سيکندا آيا آهيون، هن وڌيڪــه مزي واري ڳالهـه ٻڌائي تـه اگر ڪا مڇي لڳي ٿي ۽ مڇي وڏي ۽ ڳري آهي تـه آخري همراهـه مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ۽ مٿيون همراهـه اڃا مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ائين ڪندي ڪندي جيڪو سڀ کان مٿي هوندو آهي ۽ ٻاهر هوندو آهي اهو مڇي وٺي ٻاهر نڪرندو آهي، هتان جي ماڻهن ٻڌايو تـه هتي گهمڻ ايندڙ ماڻهون وڏي چاهـه سان اها مڇي کائيندا آهي، ڪي وري هتان وٺي گورک تي پچي تريندا آهن، هن مڇي جو ذائيقو لذيز هوندو آهي،

              ڪنمب جي هڪڙي ڪلو جي مڇي 5 سئو کان 1000 روپيـه في ڪلو فروخت ٿيندي آهي، انهن جي اها هوائي روزي جڏهن لڳندي آهي تـه انهن جو مهيني جو پورو راشن نڪري پوندو آهي، هاڻي تـه  هنن  هي شڪار مهيني ۾ صرف هڪ يا ٻـه ڏينهن ڪندا آهن، ۽ هاڻي آهستـه تجربيڪار ماڻهون جي نـه هجڻ جي ڪري اهو سلسلو گهٽجڻ بـه لڳو آهي.


نالو؛ ممتاز علي جمالي.
رول نمبر؛ 2k14/mc/159

Mumtaz Jamali 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
--------------------
ڪاڇي جا ڪنمب

 Plz observe para. foto is needed.  Some quotes, some story


 ممتاز علي جمالي

 سنڌ جو ڪهڙو بـه شهر هجي اهو پنهنجي ڪنهن نا ڪنهن هنر فن تفريحي يا تاريخي ماڳ جي ڪري سڃاتو ويندو آهي، ڪاڇو بـه اهڙي هنر ، تاريخي  توڙي تفرحي ماڳن جي ڪري پوري سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو، ڪاڇو کان ڪجهـه ڪلو ميٽر پرتي اولهه اوتر طرف گاج ندي ۽ ڏکڻ اولهه طرف نئي ندي  ، نئي کان ڪجه ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي سوري ۽ سول نالي نديون  آهن، جيڪي ڪاڇي جي آبادي جا زريعا آهن، جبلن ۾ جڏهن بـه برسات پوندي آهي تـه برسات جو سڄو پاڻي انهي ندين جي زريعي ڪاڇي ڏي ايندو آهي ، ۽ پوءِ آهسته آهسته منڇر ڍنڍ ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو قصو ڪئي هزارين سالن کان وٺي هلندڙ آهي، جڏهن برسات پوندي آهي تـه ڪجـهه ئي لمحن ۾ پاڻي ندين ۾ اچي لهندو آهي، پاڻي جي رفتار ايڏي تـه تيز هوندي آهي جو پورو ڪاڇو آوازن سان گوجندو آهي، انهي تيز رفتار پاڻي جي ڪري جبلن جي آخر ۾ جيتي پاڻي جبلن مان تيزي سان لهندو آهي  اتي وڏا کڏا ٺهي ويا آهن، جن کي ڪاڇي وارا ماڻهون ڪنمب چوندا آهن، اهي ڪنمب برسات جي ڪري ٺهيا آهن، جن جي تاريخ هزارين سالن جي آهي، اهي ڪنمب ويڪر ۾ 5 ميٽر  کان 20 ميٽر ۽ اونهائي ۾ 10 کان 50 ميٽر تائين آهن انهي جي پاسن ۾ سائو وڏو گاهـه، ۽ وڻ هوندا آهن جيڪي ڪنمب جي خوبصورتي کي اجاگر ڪندا آهن،  اهي ڪنمب ڏڪار جي موسم ۾ ڪاڇي وارن لاءِ جنت جهڙو هوندا آهن، اهي انهن مان پاڻي ڀرهندا آهن، انهن ڪنمبن جو پاڻي نـه بلڪي مٺو هوندو آهي پر صاف بي هوندو آهي،   مزي جي ڳالهـه انهن ڪمبن جي اها آهي تـه انهن ڪنمبن ۾ مڇي پڻ رهندي آهي انهي مڇين کي تقريبن هزارين  سال ٿي ويا آهن مگر نـه مڇي ڪڏهن کٽيون نـه ئي بيماري جي  ڪري ختم ٿي ويون، هيتي جا ماڻهون وڏي شوق سان اها مڇي پاڻ ماري ۽ کائيندا آهن، نـه صرف اها مڇي تازي هوندي آهي بلڪـه صحت مند ۽ وزني هوندي آهي،  انهن ڪنمبن ۾ اڪثر ڪري پوپري ، پاپليٽ، گولفارم، سونهاري، مُڪر، ڄرڪو، ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پلو، ڪرڙي، ٿيلهي، موراکي، اسٽارفش،  مڇي هوندي آهي، انهن ڪنمبن ۾ 10 کان 80 ڪلو تائين جي وزني مڇي موجود هوندي آهي، ڪاڇي جي مٿي گورک، گاج  گهمڻ جڏهن ماڻهون ايندا آهن تـه اتان جا ماڻهون جڏهن هن مڇي جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن تـه اهي وڏي شوق سان اها مڇي کائيڻ پسند ڪندا آهن، ڪاڇي جا ماڻهون انهي مڇي کي ڍ طريقي سان پڪڙيندا آهن، ڇا ڪاڻ جو 100 کان 200 فوٽ جي ڪنمب ۾ گهڙڻ ۽ واپس اچڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهـه ناهي هوندي، اهي هڪڙو ماڻهون اندر ڪنمب جي موڪليندا آهن، پوءِ ان جي مٿان ٻيو چڙها.يندا آهن جئين اهو ٻاهر تري نـه اچي. اگر ڪنمب جي مٿين صتح تي مڇي نٿي ملي تـه اڃان ٽيون ماڻهون هُن جي مٿي ڇڙهائيندا آهن جئين آخري شڪار وارو ماڻهون هن جي تهـه تائين پهچي ائين ڪندي ڪندي 6 کان 8 ماڻهون جي هڪڙي چئين ٺاهيندا آهن ،جئين اندر ڪنمب ۾ ڪو ڦاسي نـه يا ٻاهر تڪڙي اچي نـه ، انهي ڪنمب جا وري الڳ الڳ اندرا کڏا هوندا آهن ۽ اندر وڏي تعداد ۾ گاهـه ، جيت، ۽ پاڻي وارا خطرباڪـه يا ائين کڻي چئيجي نقصان ڏيندڙ جانور هوندا آهن انهي جي ڪري اندر ڪنمب جي لهڻ وارن سان خطرو ساڻ هوندو آهي، هتان جي رهواسين جو چوڻ هو تـه  ڪنمب جي اندر اڪثر تجربي ڪار ماڻهون لهندا آهن جيڪي 5، کان 7 منٽ ساهـه کي جهلي ويندا آهن مطلب ت اگر هنن کي 3، کان 5 منٽ آڪسيجن نـه ملي تـه اهي برداشت ڪري وٺندا آهن، ڪنمب جي اندر جيڪو شڪاري لهندو آهي اگر هن کي شڪار هٿ نايو ۽ دم گهٽجڻ لڳندو ٿس تـه هو پنهنجي مٿين واري ساٿي کي لوڏو ڏيندو يا هٿ سان چونڊي هڻدو لوڏو ڏيڻ ۽ چونڊي هڻڻ مٿين کي پاڻ کان هٽائيڻ جي نشاني هوندي آهي، وري مٿيون همراهـه پاڻ کان مٿين واري کي ساڳو عمل ڪندو ائين ائين آهستـه سڀ هڪه ٻي جي مٿي کان هٽي ويندا ، ۽ هڪه دم لا۽ سڀ ٻاهر ايندا، مگر ٻي واري وري هڪ نئي ترتيب سان ويندا، اهو عمل ڳوٺ جي صرف چند ماڻهون کي ايندو آهي، ڪاريگرن کان پوڇيو تـه هنن چيو اهو عمل تمام ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي مگر اسان هاڻي هيري ويا آهيون اسان کي ڏکيائي نٿي ٿي، هنن چيو تـه اهو طريقيڪار اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان سيکندا آيا آهيون، هن وڌيڪــه مزي واري ڳالهـه ٻڌائي تـه اگر ڪا مڇي لڳي ٿي ۽ مڇي وڏي ۽ ڳري آهي تـه آخري همراهـه مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ۽ مٿيون همراهـه اڃا مٿين همراهـه کي مڇي ڏيندو ائين ڪندي ڪندي جيڪو سڀ کان مٿي هوندو آهي ۽ ٻاهر هوندو آهي اهو مڇي وٺي ٻاهر نڪرندو آهي، هتان جي ماڻهن ٻڌايو تـه هتي گهمڻ ايندڙ ماڻهون وڏي چاهـه سان اها مڇي کائيندا آهي، ڪي وري هتان وٺي گورک تي پچي تريندا آهن، هن مڇي جو ذائيقو لذيز هوندو آهي، ڪنمب جي هڪڙي ڪلو جي مڇي 5 سئو کان 1000 روپيـه في ڪلو فروخت ٿيندي آهي، انهن جي اها هوائي روزي جڏهن لڳندي آهي تـه انهن جو مهيني جو پورو راشن نڪري پوندو آهي، هاڻي تـه  هنن  هي شڪار مهيني ۾ صرف هڪ يا ٻـه ڏينهن ڪندا آهن، ۽ هاڻي آهستـه تجربيڪار ماڻهون جي نـه هجڻ جي ڪري اهو سلسلو گهٽجڻ بـه لڳو آهي.

  
 ممتاز علي جمالي.
رول نمبر؛ 2k14/mc/159

This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

1 comment:

  1. سائين فوٽو مڇي پڪڙڻ جي دوُران وارا ناهن باقي ڪنمبن جا آهن،

    ReplyDelete