Saturday 7 November 2015

Dr Farah baloch Interview by Shahbaz Shafi

 Dr Farah baloch Interview by Shahbaz Shafi
Interview Assignment
                                                            شہباز شفيع
                                                              2k14/MC/90
تحارف
هڪ ڀلوڙ ليکڪا ۽ استاد ڊاڪٽر فرح بلوچ 1 آگسٽ 1966ع تي شڪارپور ضلعي ۾ جنم ورتو پاڻ پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي مئٽرڪ ۽ انٽر شڪارپور مان ڪئي پوءِ بي اي آٽس ۽ (ايم اي سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان حاصل لئي ۽ پاڻ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ميڊم هينئر سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرار طور سندس خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي.

سوال (1)    سنڌي شعبي ڏانهن اچڻ اوهانجو شوق هيو يا اتفاق؟
جواب        سنڌي ادب سان لڳاءُ شروع کان ئي هيو پوءِ اهو لڳاءُ ڏينهون ڏينهون وڌندڌ ويو ۽ انهي شوق جي ڪري (ايم اي سنڌي) ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي ڪئي.

سوال (2)     ادب يا شاعري جي حوالي سان اوهان وٽ ڪاريسرچ هلي رهي آهي؟
جواب         اد يا شاعري جي حوالي سان اسان وٽ ڪاخصوصي ريسرچ ته نه هلي رهي آهي پرجيڪي (ايم جل ۽ پي ايڇ ڊي) جا شاگرد مختلف ٽاپڪن تي ريسرچ ڪري رهيا.

سوال (3)      هڪ استاد جون علمي ۽ ادبي ڪهڙيون ذميواريون آهن؟
جواب     جيئن ته توهان ٻڌو هوندو ته استاد هڪ روحاني پيءَ آهي استاد شاگرد جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ۽ انهي جي تربيت به ڪري ۽ جيستائين علم ۽ ادب سان شوق نه هوندو ته اهو استاد ئي نه چورائيندو.

سوال (4)       اوهان جي نظر ۾ قومن جي واڌ ويجھ ۽ ترقي لاٰ ادب ۽ ٻولي جو ڪهڙو ڪدار آهي؟
جواب    ٻولي هڪ خيالن جو اظهار آهي ۽ ھميشه اها قوم ترقي ڪندي آهي جنهن جي ٻولي تاحيات جيئري هجي نه صرف ٻولي پر ادب ڇو جو ٻولي ۽ ادب ٻه ڦيٿا آهن جن جو گڏ هلڻ نهايت ئي ضروري آهي ڪنهن به قوم جي ترقي ۽ واڌ ويجھ 
جي لاءِ


سوال (5)   ڪهاڻي ڇا آهي ۽ هن وقت ڪهاڻي گهٽ ڇپجڻ جا سبب ڪهِا آهن؟
جواب     ڪهاڻي ٿيندي آهي پڙهڻ سان هينئر ونجوانن ۾ پڙهڻ وارو خيال تمام  گهٽ جي ويو آهي ۽ انهي جي لاءِ ڪهاڻي لکڻ ڏانهن به توجھ گهٽ جي وئي آهي.

سوال (6)   هن وقت سنڌي ڊرامن ۾ رڳو هٿيارن جي ويڙھ ڏيکاري ٿي وڃي انهي حوالي سان توهان جي ڇا عاءِ آهي؟
جواب    اسانجو ڪلچر هٿيارن وارو هرگز ناهي الائجي ڇو اهي ٽي وي پينل وارا اهو ڪلچر پيا ڏيکارين ائين ٿي سگهي ٿو ته ڏسڻ وارا ان ناهي رڳو هٿيارنه ٿا پيکاريا وڃن ان سا گڏ اسان جو ڳوٺاڻو ڪلچر ۽ شهري ڪلچر به آهي پر اها ڳالھ ضروري آهي ته هٿيارن واري ڪلچر کي فوڪس نه ڪيو وڃي ان بدران اسانجي سنڌ جي تاريخ ڳوٺاڻي زندگي، ٿري ڪلچر، وچولي طبقي جون گهريلوڪهاڻيون، رومنس، يونيورسٽي وارو ماحول، گهريلو مسئلا، اسڪول جا مسئلا جيڪا اڄ ڪلھ ڳوٺاڻي ڪلچر جو حصو آهن سنڌي چينل اسانجي سنڌي ڪلچر جو آئينو آهن ۽ ڏسڻ وارو آئينو ضرور ڏسندو آهي ۽هميشه سٺو ڏسڻ سان اسان ۾ سٺيون خوبيون اينديون ۽ ذهن سٺو سوچيندو.

سوال (7)   موجوده حالتن ۾ اوهان سنڌي ٻولي تي ڪهڙا خطرا محسوس ڪري رهيا آهيو؟
جواب  منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻولي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو سنڌي ماڻهن مان آهي ڇوجو اسانجي قوم ۾ هينئر نقسانقسي وڌي رهي آهي ۽ حسب واري رجهان ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.


سوال (8)       سنڌي ٻولي جي بچاءِ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا وڃن؟
جواب     آئون ان لاءِ رڳو اهو چوندس ته ٻيو ڪجھ نه پر هر سنڌي رڳو پنهنجي گهر ۾ سنڏي ٻولي ڳالهائي ته به تمام سٺو.

سوال (9)      هن وقت نوجوان نسل جو ادب ڏانهن گهٽ لاڙو هجڻ جو سبب؟
جواب    هن وقت نوجوان جو ادب کان علاڳه ڪتابن کان به دلچسپي ڪونهي جنهن جا گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا پر هن جديد دؤر ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ سوشل ميديا ڏانهن وڌندڙ رجهان انهي شي اسان جي ادب کي ڌاڍو دک پهچايو آهي.

سر: سهيل سانگي     

No comments:

Post a Comment