Tuesday 26 January 2016

Jamshoro to Madina Nagar overview

Filed late
         منظر ناموڄامشورو کان وٺي مدينه نگر
 صدام حسين سولنگي
 المنظر جنهن جو شام جو دلڪش نظارو جيڪو پوري پاڪستان کان وٺي پوري دنيا ۾ مشهور آهي. جتي شام جو لهندڙ سج سنڌو جي اوله طرف لهندو آهي. ته ائين لڳندو آهي ڄڻ هڪ محبوب پنهنجي جي ٻانهن ۾ هميشه لائ امر ٿئي ويندو. ان دلڪش ۽ دل فريب نظاري کي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعري ۾ سمائڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. المنظر کان ڪجه فصلي تي جيڪو فاصلو اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر تائين ٿي ويندو مين روڊ تي هڪ ڪالوني شروع ٿئي ٿي.جنهن جي سڙڪ ڪچي ۽ واريءِ سان ڀريل آهي. روڊ جي ڀرسان ۽ آس پاس پلاٽس بڪنگ جا وڏا وڏا اشتهار لڳل آهن. گلي ۾ اندر داخل ٿيندي ئي ننڍا وڏا دڪان شروع ٿي وڃن ٿا. جن دڪانن تي زندگيءِ سان لاڳاپيل تقريبن هر  تقريبن هر شئ موجود آهي. مين گلي ۾ هڪ وڏو چوڪ اچي ٿو جنهن چوڪ جو نالو اتان جي رهواسين جي مطابق شيطان چوڪ آهي. ڇو جو اتي هميشه جهگڙا ٿيندا رهيا آهن. اهو هڪ چوڪ تاريخ جي حوالي سان به دءور قديم ۾ تمام گهڻو مشهور رهيو آهي. ڇو ته اتي ماضي قريب 15 کان 20 سال اڳ گوشت جو واپار ڪيو ويندو هو. جتان ڪالوني ۽ آس پاس جا ماڻهون گوشت خريد ڪندا هئا. چوڪ کان ڪجه مفاصلي تي آڏو ٻارن لاءِ راند کيڏڻ جو ميدان  موجود آهي. جنهن ميدان جي ڊيگه اٽڪل300 ميٽر ٿئي ويندي ميدان تمام بهترين ۽ ڪشادو آهي جنهن ۾ چار دروازا 2 اچڻ 2 وڃڻ لاءِ ٺهيل آهن. پر افسوس جو ميدان دءور جديد ۾ ڪچري ۽ گندي پاڻيءِ سان ڀريل آهي. جنهن ۾ راند کيڏڻ ته پري جي گاله پر الٽو اهو ميدان ڪالوني جي ماڻهن لاءِ بيمارين جو باعث بڻجي ٿو. ميدان کان ڪجه قدمن جي فاصلي تي هڪ ٻيو چوڪ شروع ٿئي ٿو. جيڪو ننڍي مارڪيٽ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ به تقريبن زندگيءِ سان لاگاپيل هر شيءِ ملي وڃي ٿي. مارڪيٽ ۾ مختلف قسم جا دڪان جنهن ۾ ڪريانو، ميڊيڪل اسٽور، سيلون۽ هوٽلن کان وٺي مڇي مارڪيٽ تائين اچي وڃن ٿا. مارڪيٽ ۾ اڳتي هڪ پوليس پسٽ قائم آهي. جيڪا ڪالوني ۾ امن امان جو ماحول قائم ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. پوليس پوسٽ جي بلڪل سامهون شاه لطيف اسپورٽس ڪمپليڪس گرائونڊ موجود آهي. جتي ڪالوني جا ماڻهون راند روند ۾ مشغول هوندا آهن. گرائونڊ تمام وڏو ۽ شاندار نموني ٺهيل آهي. جنهن ۾ اندر هڪ پرائمري اسڪول ۽ اسپورٽس ڪيئر آفيس پڻ موجود  آهي. پر گرائونڊ ۾ جديد لان جون سهولتون موجود نه آهن. جنهن جي پڻ وڏي ضرورت آهي. گرائونڊ جي پويان اوڀر طرف گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول آهي اسڪول کانپوءِ ڪجه مفاصلي تي هڪ فلاحي مرڪز بهبود آباد سينٽر قائم آهي. جيڪو ماڻهن ۾ ادمشماري گهٽائڻ جي معلومات عام ڪرڻ جي ڪم ۾ مشغول هوندو آهي ۽ عام بيمارين جي چڪاس جو پڻ ڪم ڪندو آهي. سينٽر کانپوءِ 2 گلين جي مفاصلي تي اهل تشيت جو هڪ ديني مدرسو قائم آهي. جنهن جو نالو ديني مدرسه مرڪزي تحقيقات وتبليغات اسلامي آهي جنهن ۾ مذهبي معلومات ڏيڻ جو ڪم ڪيو ويندو آهي.
انکانپوءِ هڪ گلي جي مفاصلي تي اگيان هڪ وڏي اٽي جي چڪي اچي ٿي جٿي اٽي جو ڪم ڪيو ويندو آهي. انهيءِ گليءِ ۾ هڪ جانورن جي وڏي اسپتال آهي جٿي جانورن جي علاج جو ڪم ڪيو ويندو آهي. انهيءِ روڊ تي هڪ تاريخي قبرستان آهي جنهن جو نالو جئي شاه قبرستان آهي قبرستان جي حالت تمام گهڻي خراب آهي ڇو جو ان کي به آس پاس ڪا ديوار نه آهي. جنهن جي ڪري قبرستان ۾ موالي عام ڄام ۽ گند جا ڍير آهن.
قبرستان کان ڪجه مفاصلي تي واپڊا ڪالوني شروع ٿئي ٿي جنهن جي شروعات ۾ يونين ڪائونسل 10 تعلقو ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو اچي وڃي ٿي.ڪالوني ۾ پڻ هر بنيادي سهولت موجود آهي انهيءِ ۾ هڪ اسپورٽس گرائونڊ اچي وڃي ٿو جٿي ماڻهون شام جو راند روند ڪندا آهن. ڪالوني جي اوله طرف حيدرآباد اليٽرڪ سپلاءِ جي آفيس اچي وڃي ٿي جنهن جو روڊ بلڪل ئي خراب حالت جو شڪار آهي اهو روڊ هڪ سم نالي تان گذري ٿو. جنهن جي مٿان هڪ پّل اچي وڃي ٿي پّل جو ڪم ايترو ته خراب ۽ ناڪس ٿيل آهي. جو پّل جي مٿان استعمال ٿيل لوه روڊ جي مٿان صاف ظاهر ٿئي ٿو جيڪو ڪراس ڪندڙ ماڻهن ۽ گاڏين لاءِ هڪ وڏي خطري جي علامي آهي ان سان گڏ سينڊوز روڊ شروع ٿئي ٿو. جيڪو ڄامشورو ڦاٽڪ کان پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج تائين وڃي ٿو. ۽ هاءِ وي سان پڻ ملي ٿو.سينڊوز روڊ جي وچ تي هڪ ٻيو روڊ به شروع ٿئي ٿو. جيڪو ڪچي سرڪ جي نالي سان مشهور آهي اهو روڊ مدينه ڪالوني ڏي ئي وڃي ٿو. انهيءِ روڊ تي سردار احمد شاه لڪياري جي رهائشگاه آهي جٿي هر سال هڪ ميلو منتخب ڪرايو ويندو آهي. جنهن ۾ مختلف قسمن جون ايڪٽوٽيون ڪرايون وينديون آهن جنهن ۾ مله ملاکڙو پڻ ڪرايو ويندو آهي مدينه ڪالوني جيڪا پڻ نئي سر ٺهي رهي آهي جنهن ۾ اڃان ڪافي بنيادي شين جي ضرورت آهي مدينه ڪالوني مان روڊ ڪراس ڪندي سڌو هاءِ وي سان ملي ٿو. جيڪو اتر طرف سيوهڻ، دادو ۽ لاڙڪاڻي سائيڊ  وڃي ٿو ۽ ڏکڻ طرف ڄامشورو ڦاٽڪ طرف اچي ٿو


نالو صدام حسين سولنگي
2k14/mc/162 رول نمبر


No comments:

Post a Comment