Monday 5 October 2015

Ali Hassan Mallah profile by Imam Ali



شخصيت علي حسن ملاح


امام علي ڀلائي



علي حسن ملاح سنڌي ٻولين سميت ايشيا جي ڪيترن ئي ٻولين جي لکتن جو ڄاڻو ۽ ڪيليگرافر سان گڏوگڏ شاعر پڻ طور سڃاتو ويندو آهي ۽ سائين پاڻ پرائمري استاد به آهي ،هن جا خيال ۽ خواب  عجيب سوچون آهن
سائين پاڻ ڄامشوري ضلعي جي تاريخي شهر لکي شاهه صدر ڀرسان ڳوٺ آباد نونداڻي ۾  هڪ هاري جنهن جو نالو حاجي خان ملاح  جي گهر ۾ پيدا ٿيو سندس جنم ڏينهن 24 تاريخ 8 آگسٽ  1968 ۾ پيدا ٿيو  پاڻ افتتاحي تعليم پنهنجي ڳوٺ آباد  ۾ حاصل ڪئي جڏهن ته ميٽرڪ ڄامشوري آر بي بي ڪالوني هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي  مان حاصل ڪئي ۽ بي اي سنڌيونيورسٽي ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي مان ڪئي ۽ ڊپلوما ڪمپيوٽر سائنس ٿيل آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي پي سي آي به ڪئي اٿس ۽ سائين ماسٽر سنڌيونيورسٽي جي شعبي ميڊيا اينڊڪميونيڪيشن مان حاصل ڪئي آَهي  هن وقت پاڻ سماج جي موتبر پيشي تعليم سان لاڳاپيل آهي هن وقت پاڻ ڪيتري عرصي کان سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر واري ٻولي جي واڌاري لاءِ قائم ڪيل اداري انڊس ليڪان سافٽ ويئر جو بنياد وجهندڙ ۽ چيف ايگزيٽو آفيسر پڻ آهي
علي حسن ملاح سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کي سافٽ ويئر ۾ تبديل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي جي لکت کي ڏکڻ ايشيا جي مختلف مشهور لکتن ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم ڪيو آهي ، جنهن ۾ گرمکي، هندي، شاهه مکي، گجراتي، رومن، تامل، تيلگو، ڪنڙ، مليالم، اڙيا ۽ بنگالي لکتون شامل آهن جن جي لکت کي ”لکت بدل “ وسيلي انهن لکتن ۾ تبديل ڪري انهن جو مطلب ۽ مفهوم سمجهي ۽ سمجهائي سگهجي ٿو. اهي سموريون لکتون ڏکڻ ايشيا ۾ وڏي تعداد ۾ اسعتمال ڪيون وڃن ٿيون،

سائين علي حسن ملاح سنڌي ٻاراڻو ڪتاب مڪمل طور تي سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪري اپ لوڊنگ ڪري ڇڏيو آهي، علي حسن ملاح جي ڏينهن رات جي ڪوششن سان ملڪ جي سمورين قومي ٻولين مان سنڌي ٻولي اڳ جيان هاڻ به ٻين ٻولين کان گوءِ کڻي وئي آهي ،هن کي  اليڪٽرانڪ ڪتاب چيو وڃي ٿو هن ڪتاب ۾ سائين علي حسن ملاح سنڌي الفابيٽ جي الف کان ي تائين جي اکرن کي آوازن ۽ تصويرن ذريعي جوڙيو آهي جنهن ۾ سنڌي الفابيٽ سان گڏ انگن اکرن کي به شامل ڪيو آهي ۽ سنڌي لينگويج ۾ شامل ٿيڻ  ، سافٽ ويئر ماهر ساٿي سافٽ ويئر انجنيئر سيما ڀٽو سان گڏجي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کي اليڪٽرانڪ لينگويج طور ڪتاب جي ڪلڪ پٽي کان ويندي آخري صفحي تائين جو سموري مواد کي سافٽ ويئر جي شڪل ۾ آڻي ڇڏيوآهي
سائين علي حسن ملاح سنڌي ٻولي جي هر اکر ويندي شاهه سائين جي شاعري واري سنڌي ٻولي کي لکت بدل جي صورت ۾ شاهه جو رسالو پنجن لکتن هندي، گجراتي، گرمکي، شاهه مکي، رومن ۾ تيار ڪيو ويو آهي.
هن وقت گوگل پلي اسٽور تي لکين مفت ايپ موجود آهن جن ۾ هڪ خاصو تعداد تعليمي ايپس جو به آهي سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو مفت پاڙهيندڙ ايپ کي اهو اعزاز حاصل ٿي ويو آهي ته عالمي ريڪنگ ۾ ٽاپ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي گوگل پلي اسٽور تي جيئن ئي ورڊ (textbook)  لکي ڳولها شروع ڪبي ته ٽاپ ٽين ۾ ”سنڌي ڪتاب “ نالي ايپ موجود ملندو جڏهن ته ايشيائي ٻولين ۾ بنگالي ۽ تامل ايپس کي پڻ اهو اعزاز حاصل آهي ته عالمي طور ٽاپ ٽين پوزيشن ۾ موجود آهن هن سال 2015ع جي جنوري مهيني ۾ ڄامشوري مان جاري ٿيل هن سنڌي پاڙهيندڙ ايپ اهڙو اعزاز ڪينئن حاصل ڪيو آهي ؟ اهو هڪ اهم سوال آهي گوگل پلي اسٽور ۾ هڪ خودڪار رينڪنگ الگورٿم جڙيل آهي ايپ جيترو ”صارفين دوست“ هوندو ايترو گوگل پلي اسٽور تي رينڪنگ ۾ پاڻمرادو مٿي چڙهندو ويندو ،توڙي جو ٽيڪسٽ بڪ واري ڪيٽگري ۾ٻين ٻولين جا ايپ سنڌي ٻولي پاڙهيندڙ ايپ کان وڌيڪ ڊائونلوڊ ٿيا آهن پر سنڌي ٻولي پاڙهيندڙ ايپ جي انٽرايڪٽ( باهم عمل) واري فيچر گوگل پلي اسٽور تي عالمي رينڪنگ ۾ ٽاپ ٽين تي اچي بيهاريو آهي تي انڊسليڪان سافٽ ويئر ڄامشورو طرفان علي حسن ملاح ۽ سافٽ ويئر انجنيئر سيما ڀٽو سان گڏجي گوگل پلي اسٽور تي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آئيوٽا ،ڪڪ پٽي ۽ سبقن کي صوتيات ۽ تحت اللفظ جي معيار کي نظر ۾ رکندي خوبصورت ۽ متحرڪ شڪلين کي شامل ڪيو ويو آهي، سائين علي حسن ملاح سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪيل نصابي سافٽ ويئر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي تيار ڪيل نصابي ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي اٺاويهن سبقن کي شامل ڪري لفظن ۽ جملن جي اچار لاءِ آوازن ذريعي هجي ۽ روان جو به طريقو شامل ڪيو اٿئون جنهن ۾ ڏسندڙ يا سکندڙ ٻار۽ بالغ پنهنجي مرضي سان ان کي پزل گيم جيان استعمال ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته پهرئين سبق کان آخري سبق تائين ڪتاب ۾ شامل شين، جانورن ۽ پکين جا آواز پڻ موجود آهن جاميٽري جون بنيادي شڪلين جا  تصور ۽ ننڍي عمر ۾ رنگن جي ساڃاه لاءِ ڏهه رنگ متعارف ڪرايا آهن يورپ جي هڪ اهم يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي استاد ڪرشن ڪمار لوهاڻي جو چوڻ هو ته ”مون جڏهن آسٽريا مان گوگل پلي اسٽور تي جيئن ئي ورڊ (textbook)  لکي ڳولها شروع ڪئي ته مون کي پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ جو ايپ ٽاپ ٽين رينڪنگ نظر آيو ته مون کي خوشي به ٿي ته فخر به، ۽ وڌيڪ اتساه به  مليو ته اسان جا پنهنجا ماڻهو عالمي معيار جا ايپ جوڙي سگهن ٿا“ گلشن حديد ۾ قائم  هڪ خانگي اسڪول جي ليڊي پرنسپال ٻڌايو ته اسان هر والدين کي هي ايپ تجويز ڪيون ٿا ڇو ته هن ايپ ۾ بنيادي تعليم جو جديد تصور آهي،ٻار جي مٿان استاد جو پاڇو هٽي وڃي ٿو، ٻار پاڻمرادو مائل ٿي ڪيترا ڪلاڪ کيڏندو،سکندو ۽ پڙهندو رهي ٿو. ٻار کي ائين مائل ڪرڻ لاءِ هڪ حقيقي استاد کي ڪلاس ۾ سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي، پر هي ايپ ڄڻ جادوءَ جي لٺ آهي هي ايپ شهيد بشير خان قريشي ۽ شهيد بينطير ڀٽو کي ارپيو ويو آهي جيڪڏهن مسلسل گوگل پلي اسٽور تي ٽاپ ٽين پوزيشن ۾ رهيو  ته ڪابه عالمي تعليمي تنظيم يا ادارو هن سنڌي ايپ کي ” گلوبل ٽيچر ايوارڊ“ لاءِ نامزد ڪري سگهي ٿي، جيڪو سنڌي قوم لاءِ وڏو اعزاز هوندو.

 علي حسن ملاح نه رڳو اهيو سنڌي ٻُولي کي عالمي سطح تي مڃتا ڏيڻ لاءِ يوني ڪوڊ شامل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون آهن سائين علي حسن ملاح ۽ سندس ساٿين جي ڀرپور ڪوششن سان يوني ڪوڊ وارن سوين ٻولين واري لسٽ ۾ سنڌي ٻولي متان کان چوٿين نمبر تي شامل آهي علي حسن ملاح جي داوا آهي ته سنڌي ٻولي کي هن وقت ڪو به خطرو ناهي علي حسن ملاح سنڌي ٻولي جي بقاءِ کان ويندي سنڌ ۾ پڙهايو ويندڙ تعليمي نظام ۾ پڻ تبديلي جو خواهشمند آهي اسڪولي نصاب کي رواتي طريقي پڙهائڻ بجاءِ موسيقي پڙهاڻ جي خواهش رکي ٿو علي حسن ملاح هڪ سٺي استاد ۽ ٻولي جي ڃاڻو هجڻ سان گڏوگڏ سٺو شاعر پڻ ۽ ڪيليگرافر پڻ آهي علي حسن ملاح جي شاعري سنڌ جي مشهور اخبارن رسالن ۽ ميگزين ۾ شايا ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترن ئي صوفي ڪلاسيڪن ۽ قومي راڳين ڳائي آهي ۽ علي حسن ملاح جي شاعري ڪڇ ڀارت جو سنڌي فنڪار مظهرمتوان به شاعري ڳائي آهي  علي حسن ملاح يونيورسٽي ۾ تعليم جي حاصل ڪرڻ دوران مختلف اخبارن ۾ پڻ صحافتي ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي گهڻو عرصو پاڪ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو آهي  
                    
نالو امام علي ڀلائي
2k14/114
ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو 
October 2015 BS-II

Practical work carried out under supervision of Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, Sindh University  

1 comment:

  1. Make Intro bit interesting. Find some new point, angle aspect. Others opinion, speak language of his profession/ field. It is general writing to make it media writing find some new angle, interesting aspect of life which is otherwise not known

    ReplyDelete