Monday 5 October 2015

Ghulam Ali Jamali Profile by Mushtaq Jamali



لطيف سائين جي شاعري جو لغت لکندڙ محنتي استاد سائين غلام علي جمالي
پروفائيل باءِ مشتاق علي جمالي

سنڌ جي سرزمين علم ۽ ادب جي حوالي سان هر دور ۾ زرخيز رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ انيڪ شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن پنهنجو رت ۽ ست ڏئي معاشري ۾ شعور ۽ ذهنن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ذڪر علم ۽ ادب سان گڏ شاعري جو اچي ٿو ته اسان جا ڪنڌ فخر کان اوچو ٿي وڃن ٿا ڇو ته اسان وٽ شاهه، سامي ۽ سچل کان وٺي اياز تائين شاعري جا آسمان جيڏا وڏا نالا آهن. اسان جي معاشري ۾ انهن شخصيتن جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ادارن سان گڏوگڏ انفرادي طور به ڪم ٿيو آهي. لطيف سائين جي پيغام ۽ فڪر جو شيدائي ته اسان مان هر ڪوئي آهي، پر جس آهي اهڙين املهه ڪردارن کي جن سندن پيغام کي سمجهڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. لطيف جو هڪ اهڙو عاشق، ايشيا جي سڀ کان وڏي واهه روهڙي ڪئنال جي ڪناري تي آباد ڳوٺ غلام علي جمالي جو سائين غلام علي جمالي به آهي، جيڪو هڪ استاد ۽ هڪ شاعر ۽ سماجي ڪارڪن آهي.
ڏهين جنوري 1962 تي اک کوليندڙ سائين غلام علي شروعاتي تعليم پنهنجي پاڙي جي اسڪول بکر جمالي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي.  مئٽرڪ جو امتحان سٺن نمبرن تي پاس ڪرڻ تي مائٽ سندس ذهانت مان متاثر ٿيا ۽ کيس سنڌ جي ثقافتي شهر هالا جي گورنمينٽ سروري ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخل ڪرايو. سائين غلام علي بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد مان 1988 ۾ پاس ڪيو ۽ ٻولي سان لڳاءَ چاهه سبب اڳتي هلي 1998 ۾ پاڻ سنڌي ٻولي ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي.  سائين غلام علي 88ع ۾ استاد مقرر ٿيا، ۽ بدين ۽ مٽياري ضلعن ۾ پنهنجون زميواريون سرانجام ڏنيون، هن وقت به پاڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل آهن.  
هڪ استاد هئڻ ۽ سنڌي ٻولي ۾ ماسٽرس ڪرڻ جي ناتي سائين غلام علي کي شاعري ۽ ادب سان بيحد لڳاءَ رهيو آهي، پر سندس شاعري وارو شوق ڪو نئون نه آهي، پاڻ ٻڌائن ٿا ته اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران پاڻ شاعري شروع ڪئي، جيڪا ظاهر آهي بحر ۽ وزن واري اصول کانسواءِ هئي پر ان تي کيس استادن ۽ هم عصر ساٿين پاران مڃتا ملي ۽ ائين پاڻ ادبي دوستن جي ويهڪن ۾ وڃڻ لڳا ۽ ادبي رنگ ۾ رنگجي ويا. سائين غلام علي ٻڌائن ٿا ته شروعاتي طور ادب جي حوالي سان سائين مولا بخش ڪاڪا سندن رهنمائي ڪئي ۽ اهڙي طرح پاڻ اڳتي هلي سنڌ ادبي سنگت شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ سنگت جي ڪچهرين ۾ پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائيندو هو. اڄ علائقي ۾ هڪ شاعر جي حوالي سان سندس تعارف مقبول آهي.
سائين غلام علي جي شخصيت بيحد سادي آهي، ڇو ته پاڻ سادگي پسند آهن. ڀٽ جي ڌڻي ۽ شاعرن جي سرتاج لطيف سائين سان بيحد پيار ڪندڙ  سائين غلام علي جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ادب جو ڪو وڏو نالو نه سمجهيو آهي پنهنجي وس ۽ شوق آهر شاعري ڪئي ۽ مضمون لکيا، جن کي پڙهندڙن پاران پسند ڪيو ويو، جيڪا سندس لاءِ لاءِ سڀ کان وڏي مڃتا آهي. سائين غلام علي ادب، شاعري ۽ سماجي ڪمن کانسواءِ تحقيق جي حوالي سان پڻ علائقي جو هڪ وڏو نالو آهن، پاڻ ٻڌائن ٿا ته هو هن وقت ڀٽائي سائين جي رسالي جو سنڌي لغات لکي رهيو آهي، جنهن ۾ هو 3 سُر لکي چڪو آهي، ان تحقيق جي حوالي سان پاڻ سڄي سنڌ گهمي ۽ هر علائقي جي عام ماڻهن سان مليو ته جيئن هو لطيف سائين جي شاعري ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي ۽ لفظن جي تهه تائين پهچي ۽ سمجهي سگهي. سائين غلام علي جو خواهش آهي ته هو جلد لغت جي ان ڪم کي مڪمل ڪن، جنهن کي هو پنهنجي حياتي جو اثاثو سمجهن ٿا.  سندن چوڻ آهي ته لطيف سائين جي شاعري ۽ سندس پيغام تي اڳ ۾ بهترين ڪم ٿيو آهي، شارحن ۽ محققن پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي. منهنجي خيال ۾ لطيف سائين جي شاعري جي ٺهيل لغت تي اڳ ۾ ٿيل ڪم ۾ ڪن ٿورن يا خاص لفظن جون معنائون ڏنيون ويون آهن، مون ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي وس ۽ ڄاڻ آهر سڀني لفظن جون معنائون لغات ۾ شامل ڪيان، ان لغت ۾ اڳئين محققن ۽ سگهڙن جو ڏنل معنائون پڻ انهن جي نالي سان ڏنيون ويون آهن، تحقيق تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي، ۽ ان لاءِ رهنمائي جي پڻ ضرورت پوي ٿي،  خواهش آهي ته هي ڪم جلد مڪمل ڪيان ۽ لطيف سائين جي چاهيندڙن سامهون آڻيان.

سائين غلام علي توڙي جو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي تنهن هوندي به وٽس ذاتي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، سندس لائيبريري مان علائقي جا شاگرد ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي ويندا آهن. سائين غلام علي کان جڏهن اڄ جي شاگردن ۽ اڄ جي تعليم جي صورتحال بابت پڇيو ته هو مايوس نظر آيا، ڏسو.. اڄ جي شاگرد کي مطالعي جو شوق گهٽ آهي، سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر شاگردن کي سست ۽ بي همت بڻائي ڇڏيو آهي، مٿان وري انٽرنيٽ ۽ سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس سبب اڄ جو شاگرد ڪتابن کان پري ٿيندو ٿو وڃي، جيڪو افسوسناڪ آهي. مان شاگردن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته تعليم طرف توجه ڏين ۽ لطيف سائين جي رسالي جو مطالعو ڪن ۽ شاهه سائين جي پيغام کي سمجهن.   

        
ڇڏي شور شهر جو، وڃين ٿر وڙول،
ڀلا بيت ڀٽائي جا، ٻهراڙين ۾ ٻول،
گامن ۾ غلام علي چئي، اٿئي ڪي ئي انمول،
وڃين ڳوٺن ۾ ڳول ٻولي لال لطيف جي!!  


October 2015 BS-II
Practical work carried out under supervision of Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, Sindh University     

1 comment:

  1. Intro is too much traditional. Find some new point, angle aspect. Others opinion, speak language of his profession/ field. It is general writing to make it media writing find some new angle, interesting aspect of life which is otherwise not known/ Photo of personality is required

    ReplyDelete