Tuesday 6 October 2015

Profile of Dr Sattar Abbasi by Amin Tagar

Intro should be interesting, catchy. This all is Cv type, . profile is describing a personality,  See samples available on FB group 

پروفائيل

عبدالستار عباسي
لکندڙ؛ محمد امين تڳر
رول نمبر 115
عبدالستار عباسي جو جنم هڪ زميندار گهراڻي ۾ 5 جون 1964ع ۾ نالي حاجي عبدالرحيم عباسي جي گهر ۾ ٿيو جيڪو نوشهروفيروز جي ڳوٺ ڪلهوڙا اسٽيشن جو رهواسي هو. عبدالستار عباسي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان مڪمل ڪري اعليٰ تعليم لاءِ حيدرآباد ويو جتان هن گورنمينٽ سچل ڪاليج مان بي اي جو امتهان پاس ڪيو. عبدالستار عباسي ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، هو شروعات کان وڏو زميندار رهيو آهي. هن جو والد به زميندار ۽ سياست ۾ دلچپسي رکندڙ شخصيت هو. هن جو والد جو واسطو سياسي طور پيپلز پارٽي سان رهيو. هن جو والد جڏهن 1992ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ته ان کان پوءِ هن سياست ۾ قدم رکيو. هن جو سياست ۾ شوق تمام گهٽ هو پر والد جي اهم ذميوارين جي ڪري سياست شروع ڪيائين. عبدالستار عباسي 1996ع ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو. ڪجهه وقت کان پوءِ پرويز مشرف 1999ع ۾ جمهوري حڪومت ختم ڪئي جنهن سبب اسيمبليون ختم ٿي ويون ته هن جي سنڌ اسيمبلي واري ميمبرشپ به ختم ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن جو سياست تان شوق گهٽجي ويو ان کان پوءِ هن سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ خادم فقراه ٽرسٽ فائونڊيشن جو بنياد رکيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين پاڻ هلائي رهيو آهي. عبدالستار عباسيءَ کي ننڍپڻ کان ئي سماجي، علمي، خير ۽ چڱا ڪم ڪرڻ ڏانهن لاڙو هيو جنهن اڳتي هلي اها ڳالهه ثابت ڪئي ته واقعي عبدالستار عباسي سماجي ڪم ڪرڻ جو دل سان شوق رکي ٿو. گورنمينٽ مدرسه ائنڊ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي سي ليول هاسٽل ۾ رهندڙِ شاگردن جي کائڻ پيئڻ جو خرچ، يونيفارم ۽ ڪتابن تائين خرچ ادا ڪرڻ- ڪيترائي شاگرد هن جي خرچ تي پڙهي معاشري جا تمام سٺا فرد ثابت ٿيا آهن. ان سان گڏو گڏ ڪيترن ئي ٻين اسڪولن، مدرسن، مسجدن، جيل خانن ۽ بي سهارا عورت جي مدد ڪرڻ، اسپتالن ۾ بيمار مريضن جي مالي مدد ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا رهندا آهن. اهڙو ڪوبه سماجي، سياسي، ديني، ادبي محفل ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ نوجوانن کي سٺن ڪمن ۾ اتساهڻ هن جي طبيعت ۾ شامل آهي.
عبدالستار عباسي جي ڪيترائي اهڙا ڪم آهن جيڪي اسان جي ساهتي پرڳڻي ۾ چنڊ ۽ ستارن جيئن جرڪندا رهن ٿا. عبدالستار عباسي جي پهرين ترجيح اها آهي ته سنڌ جو هر ماڻهو تعليم يافته هجي ۽ سنڌ هميشه خوشحال هجي.


1 comment: