Tuesday 27 October 2015

Singer Mai Dhai Interview by Rajesh Kumar


مائي ڌائي 





















سوال: 
اوهان جو تعارف ؟
جواب : مائي ڌائي جو جنم 1945 ع  ڳوٺ حويلي ٺڪر ڇور ضلعي عمر ڪوٽ  ۾ ٿيو ، مائي ڌائي جو لنگاهـه زات (منگڻهار) سان تعلق آهي ، هن جي ماءُ پنهنجي قبيلي ۾ هڪ سٺي ڳائيڻي هئي، جوڌپور ڀارت ۾ پوءِ ورهاگي بعد حويلي ٺڪر ڇور ۾ آئي، هن هتي اچي پنهنجي ڳائيڪي شروعات ڪئي،شادين مرادين جي پروگرامن مان ڪئي  هن وقت هي پاڪستان توڙي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻڌي ويندي آهي.


س: اوهان گلوڪار آهيو، ان ۾ اچڻ جو اوهان کي پنهنجو شوق هو يا ڪنهن کان متاثر ٿي ڳائيڻ شروع ڪيو ؟
جواب: اسان جو قبيلو مختلف شادين باراتين ۾ وڃي ڳائيندو آهي، انهي جي ڪري اسان بـه پنهنجي ڳوٺ جي شادين ۾ وڃي ڳائيندا وڄائيندا هئاسين، ان وقت منهنجو پٽ محرم فقير جيڪو مختلف وڏن فنڪارن سان گڏ ڍولڪ وڄايندو هو، پوءِ هڪ ڏنهن هن اچي مونکي چيو تـه موسيقي جي اڳيان وڏي عزت آهي اوهان کي به  اڳتي سڀني جي سامهون ڳائيڻ کپي، پوءِ مونکي بي شوق هو ، ۽ هن وقت جي هڪ نوجوان اديب شاعر سيد سردار شاهـه هن بـه اڳيان نڪرڻ منهنجي مدد ڪئي


سوال: اوهان ڳائڻ جي عرصي دوران ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏنو؟؟

جواب: سڀ ڪم تڪليف سان ئي مڪمل ٿيندا آهن، اهڙي طرح مون به گلوڪاري جي عرصي دوران ڏاڍيون تڪليفون سٺيون، منهنجي قبيلي مونکي ٻاهر ڳائڻ کا روڪيو ڇو جو اسان جي قبيلي ۾ صرف گهرن ۾ ڳائڻ جي اجازت هئي، نـ ڪي ڪنهن وڏي پيماني تي مگر مون همت نـه هاري ۽ پنهنجي ڳائڪي جاري رکي.
 .
سوال: اوهان جي نظر ۾ راڳ جي ڪهڙي اهميت آهي.؟؟
جواب: موسيقي هڪ پاڪ پوتر سُرن سازن جي ميلاپ آهي، جيڪي نـه صرف روح کي بلڪي دل۽ دماغ کي سڪون ٿي ڏئي ڇڏي، مگر موسيقي ۾ پاڪيزي هجڻ تمام اهم آهي، هميشه دنيا ان موسيقي کي موٽ ڏيندي آهي جيڪا دل ۽ روح سان ڳائي وڃي. انهي جي ڪري هن دنيا ۾ موسيقي جي وڏي اهميت آهي.

سوال؛ اوهان کي سرڪاري طرح ڪا مڃتا ملي.؟؟
جواب؛ مونکي ائين تـه ننڍا وڏا کوڙ سارا مڃتا  ايوارڊ مليا آهن، مگر سرڪاري سطح تي مونکي ”مائي بختاور ايوارڊ“، سنڌي لينگويج اٿارٽي “ ۽ آمريڪن ميوزيڪل ميلا “ جي طرفان مڃتا ايوارڊ مليا آهي، مگر حقيقت اها آهي تـه مان هميشه ماروئڙن جي موٽ کي پنهنجو ايوارڊ سمجهان ٿي.

سوال: اوهان  راڳ جي سکيا ڪيئن ورتي ۽ ڪنهن کان ورتي ؟؟
جواب؛ منهنجي امان بـه راڳ سان وابستـه هئي انهي جر ڪري ڪڏهن ڪڏهن شادين ۾ مان هن سان گڏ وڃي ڳائيندي هئيس، مگر مان مڪمل طريقي سان راڳ جي سکيا ”مائي کنڊ بائي“ کان ورتي ، جيڪا ٻآڙ مير ڀارت جي هئي، هن مونکي راڳ جي سکيا
لاءِ مونکي پاڻ سان ڳڏ رلايو.



سوال: اوهان جيڪي گيت ڳايا انهن مان اوهان جو پسنديده  گيت ڪهڙو آهي.؟
جواب: مان جيڪي بـه گيت ڳايا اهي سڀ منهنجي پسند جا آهن، ۽ مان ڪوشش اها ڪندي آهيان تـه جيڪي بي گيت ڳايا اهي منهنجي ماروڙئن جي پسند جا بـه هجن، مگر مونکي سڀ کان وڌيڪ پسند هن وقت جو گيت آهي ” ڪڏي آئو ني “ جيڪو مون پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم سان ڳايو، جنهن مونکي وڌيڪ شهرت ڏياري.
.
سوال؛ اوهان ٻاهرين ملڪ ۾ ڳايو ۽ سنڌ ۾ بـه ، اوهان کي هتان جي ٻڌندڙ ۽ هتان جي ٻڌندڙ ۾ ڪهڙو فرق نظرآيو.؟
جواب: اسان وٽ ڪلا اتري آهي ته جو اسان ڪنهن بـه ملڪ ۾ وڃي پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪري سگهون ٿا، مگر بدقسمتي اها آهي ته ان ڪلا جي هتي اها قدر ناهي ، اها موٽ نٿي ملي جيڪا پرڏيهـه  مان ملندي آهي، هُتان جا ماڻهون قدر دان آهن، اهي موسيقي کي روح سان ٻڌندا آهن.

سوال: اوهان کي ڪهڙي ٻولي ۾ ڳائڻ سوُلو لڳندو آهي.؟
جواب: اسان جي ڌرتي صوفين جي آهي انهي جي ڪري هتي مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهي ڪري
منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي  آهي تـه مان هر انهي ٻولي ۾ گايان
 ڳايان جيڪا منهنجي ڌرتي ۾ ڳالهائي ٿي وڃي . پر مونکي ڍاٽڪي ٻولي ۾ ڳائڻ تمام سولو لگندو آهي.

سوال: اوهان جو ڪو پيغام ؟؟
جواب؛ اسان جتي رهون ٿا اتي هنر تمام گهڻو موجود آهي ، مگر اسان وٽ سماج جو رڪاوٽون گهڻيون آهن، انهي جي ڪري اسان جا نوجوان خاص ڪري  عورتن لاءِ اسان وٽ اهو ماحول آهي تـه اسان جي سماج ۾ عورت جوگهر کان اڳتي نڪرڻ برداشت نٿو ٿي صرف گهر تائين محدود رکيو وڃي ٿو، هن سوچ کي تبديل ڪري هنن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن تـه جئين هو بـه اگتي اچي سگهن، ۽ دنيا ۾ مشهوري ماڻي سگهن.

نالو: راجيش ڪمار

رول نمبر 2k14/mc/78

Composing in very bad format. plz make it simple.. 

 It should carry ur name at the top and also mention at the top the category of writing means interview, profile etc. file name should be proper. . Preferablly send ur piece from ur own mail, so that u can get feedback properly and timely




1 comment: