Monday 5 October 2015

Sohail Kumbhar profile by Rajesh Kumar

شخصيت سهيل ڪنڀر

 راجيش ڪمار

پنهنجي لاءِ تـه زندگي هر ڪو جيئندو آهي پر ڪو جڏهن ڪنهن ٻئي جي لاءِ خاص مقصد لاءِ زندگي يا پنهنجي حياتي ارپي ڇڏي تـه اهو ئي حقيقي دنيا جو بادشاهـه آهي.
اها هڪ ڏاهي جي چوڻي آهي جيڪا ظاهر ڪري ٿي تـه زندگي جو مقصد ڪنهن ٻئي لاءِ جيئڻ آهي، ائين ئي ضلعي عمر ڪوٽ جو هڪ نماڻو ۽ وچولو قد رکندڙ 22 سالا نوجوان سهيل ڪنڀر جيڪو ٻين لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، هو وچولي طبقي جي خاندان سان تعلق رکي ٿو، سندس پرائمري تعليم ڳوٺ کيجراڙي مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ، انٽر ڪائنات پبلڪ ڪاليج مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، جڏهن ته بي اِي ڊي سنڌ يونيورسٽي مان جاري آهي، هو گذريل 5 سالن کان عمرڪوٽ سميت سنڌ اندر سماجي ڪمن ۾ مصروف آهي، هن جي چوڻ مطابق هن سماجي ڪم جي شروعات ٻارڙن جي مظلومي ڏسي ۽ خاص ڪري سنڌي ٻاراڻو ادب گهٽ شايع ٿيڻ جي ڪري هن کي اهو شوق جاڳيو ته هو انهن لاءِ ڪجهه ڪري ۽ پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪري، ان سلسلي ۾ هن مظلوم ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ ۽ سنڌي ۾ ٻاراڻي سنڌي ادب جي کوٽ جي پورائو ڪرڻ لاءِ هن هڪ ٽه ماهي مئگزين پنکڙيون 2014ع کان شايع ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪو مئگزين 50 صفحن تي مشتمل آهي ۽ انگلش ۽ سنڌي ٻولين ۾ هر ٽئين مهيني عمرڪوٽ مان شايع ٿيندو آهي. پنکڙيون مئگزين جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ پوءِ هن مزدوري ڪندڙ ٻارن جي مالڪي ۽ ٻارن جي حقن جي جدوجهد لاءِ هڪ فورم ”پنکڙيون ٻالڪ ادبي فورم“ نالي سان قائم ڪيو، جنهن فورم تحت ٻارن جي عالمي ڏينهن ۽ ٻين موقعن تي ننڍڙا پروگرام ڪرائي ٻارن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي. ان سان گڏ هڪ اسٽڊي سرڪل بـه قائم ڪيو، جتي دوستن کي ادب جي مطالعي لاءِ ڪتاب ڏنا ويندا آهن، ٻالڪ ادبي فورم قائم ڪرڻ جو مقصد اهو به هو ته جيئن ٻارڙن ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون پيدا ڪري سگهجن. اها ئي هن جي وڏي خوبي آهي ته هو مسلسل سماجي معاملن ۾ جاکوڙي رهيو آهي، خاص ڪري ٻارڙن ۽ نوجوانن انهن  جي حقن جي جدوجهد، ۽ هنن کي اڳيان آڻڻ لاءِ هي هڪ نوجوانن جي  تنظيم ”وائيس آف نيو جنريشن“ جو اڳواڻ پڻ بڻيو آهي، ان جي ذريعي به هي نوجوانن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. انهي ڪم لاءِ سهيل کي مختلف مڃتا ايوارڊ مليا آهن جنهن ۾ هن کي ضلعي عمر ڪوٽ جو ”يوٿ ايوارڊ“ ”ينگ سوشل ايڪٽو ايوارڊ“ هن جي ڪوشش آهي ته ”آئون ٻارڙن ۽ نوجوانن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان ته جيئن هنن کي پنهنجا پنهنجا حق ڏياري سگهان، ان ڪري هي رسالو ۽ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا آهن ۽ اهي مڪمل حق مون هڪ جي ڪوشش نه پر سڀني جو گڏيل طور تي پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪرڻ تي ملندا، اهڙن ئي بلند ۽ سٺي خيالن واري سهيل جهڙن نوجوانن جي اسان جي سماج ۾ سخت ضرورت آهي، ائين ئي هن سماجي نوجوان سهيل ڪنڀر جي باري ۾ عمرڪوٽ جي سينيئر صحافي الياس ٿري جو چوڻ آهي ته ”اهڙن نوجوانن جي سماج ۾ سخت ضرورت آهي، خاص ڪري اهڙا علائقا يا شهر جيڪي شعوري طور تي پٺتي پيل آهن ۽ انهن جي حقن جي جاکوڙ لاءِ سهيل جهڙي نوجوانن جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن سرڪاري ۽ خانگي ادارا اهڙن نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪن ته اهي نوجوان سماج ۾ هڪ سٺي تبديلي وٺي ايندا، هڪ انگريز ڏاهي جو قول آهي ته ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيون محروميون ڄاڻي ٿو ته هو ٻين جي محرومين کي به سٺي طريقي سان ڄاڻي سگهي ٿو.“
اهڙا نوجوان جيڪي سماجي ڀلائي جا ڪم ڪري رهيا آهن، اهي سماج لاءِ نهايت معزز آهن، ڇو جو هو ان سماج کي بدلائڻ گهرن ٿا، ان سماج ۾ جيڪي به محروميون آهن، انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي چاهين ٿا ته هي سماج جيڪو پٺتي پيل آهي، ڪجهه شين ۾ هڪ سٺو ۽ مهذب سماج بڻجي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثالي سماج بڻجي. انسان جي زندگي تمام مختصر آهي، ان جو هڪ لمحو بـه وڏو قيمتي آهي جنهن کي ضايع ڪرڻ نـه گهرجي، ۽ جيڪي بـه حياتي جا ڪجـھ پهر آهن سي انهن جي ناوُ ڪجن جنهن کي ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت آهي.
نالو راجيش ڪمار
2k14/78رول نمبر
ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو
October 2015 BS-II

Practical work carried out under supervision of Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, Sindh University  

2 comments:

  1. Others opinion, speak language of his profession/ field. Refelction of his area. It is general writing to make it media writing find some new angle, interesting aspect of life which is otherwise not known.

    ReplyDelete