Tuesday 27 October 2015

Riaz Abbasi Interview by Najeeb Chandio

No introduction no name of the interviewer, See in which format u have composed it? 



انٽرويو وٺندڙ نجيب الله چانڊيو
انٽرويو
فنڪار رياض عباسي
سوال(1) سائين اوهان راڳ جي سکيا ڪنهن کان ورتي ۽ اوهان باقائده ڳائڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟
جواب :  مون راڳ جي سکيا پنهنجي ڏاڏي استاد حاجي محمد جمن عباسي کان ورتي ۽ مون 1992ع ۾ ڳائڻ شروع ڪيو جنهن بعد منهنجي سکيا والد محترم استاد عبدالحميد عباسي کان ٿي.
سوال (2) اوهان ڪهڙي شاعري کي اهميت سان ڳايو آهي ۽ ڪهڙن شاعرن کي ڳايو آهي ؟
جواب : سائين مون شروع کان وٺي تصوف کي اهميت ڏني آهي اهو هن ڪري ته منهنجو صوفياڻو مزاج رهيو آهي ۽ مون سڄي سنڌ جي صوفي شاعرن سچل سرمست ، شيخ اياز ، استاد بخاري ، غفار  تبسم ۽ اسان جو نوجوان شاعر ممتاز کهاوڙ جھڙا صوفي شاعر شامل آهن.          
سوال (3) اوهان جا ڪيترا البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن؟
جواب : ادا منهنجا ٽوٽل 06 البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن.
سوال(4) اوهان کي ملڪ کان ٻاهر پرفارم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي؟
جواب : جي بلڪل ادا مون ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب ۽ دبئي ۾ دوستن ۽ پرستارن جي اسرار تي  وڃي ڳايو آهي باقي سرڪاري سطح تي يا ڪنهن چينل معرفت ڳائڻ جو موقعو ناهي مليو .
سوال (5) اهي ڪهڙا سبب آهن جو اڄڪلهه سوڀر شاعري نه ٿي ڳائي وڃي؟
جواب : ادا هونئن ته ان جا ڪيترائي سبب آهن پر گھڻو ڪمال اسان جي ميڊيا ۽ چيئنلن جو آهي جتي  سفارشي ڪلچر عام ٿي ويو آهي جنهن ڪري هر ڪو سفارش ۽ پئسن تي گانو رڪارڊ ڪرائي  فنڪار بڻجي وڃي ٿو ۽ نوان فنڪار سوڀر شاعري ڳائڻ بجاءِ بازاري شاعري ڳائن ٿا .         
سوال (6) بازاري شاعري موسيقي کي ڪهڙا نقصان ڏنا آهن؟
جواب : سائين بازاري شاعري موسيقي جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ ڪوبه ضابطو ۽ اخلاق ان شاعري ۾   ناهي حالانڪ موسيقي جو تعلق ادب ، شاعري ، ثقافت ۽ قومن جي تهذيب سان آهي سو بازاري   شاعري سماج ۾ غير اخلاقي روين کي فروغ ڏني آهي .
سوال (7) اوهان لطيف سائين جي ورسي واري اسٽيج تي ڪڏهن ڳايو آهي؟
جواب : نه ادا لطيف سرڪار جي ميلي ۾ڳائڻ جو موقعو ناهي مليو باقي سچل سائين جي ورسي تي  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهيان.
سوال (8) سائين موسيقي اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب : ادا موسيقي روح جي غذا ۽ تصوف جي نظر ۾ عبادت آهي .
سوال (9) سائين راڳ شوق آهي يا روزگار؟
جواب : راڳ حقيقت ۾ عبادت ۽ اسان جو ورثو آهي.
سوال(10) سائين ثقافت کاتي ۽ سرڪار کي فنڪارن لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
جواب : ادا سرڪار کي فنڪارن لاءِ وظيفا مقرر ڪرڻ گھرجن ۽ راڳ جي سکيا لاءِ ادارا قائم ڪرڻ  گھرجن .
سوال (11) سائين اوهان سيکڙاٺ فنڪارن جي لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
جواب : ادا موسيقي جي دنيا ۾ اچڻ لاءِ سکيا ضروري آهي ان ڪري نون فنڪارن کي راڳ سکي پوءِ   اچڻ گھرجي .

انٽرويو وٺندڙ نجيب الله چانڊيو
2k14 mass com roll#116

No comments:

Post a Comment