Tuesday 27 October 2015

Interview with Amanullah Chandio

There should be introduction. First question is a bad question. very poor. It should carry ur name, personality's name, and category of writing along with ur roll number etc.

Sheeraz Roll No 166
شيراز
سوال اوهان جو تعارف ؟
جواب:منهنجو نالو امان الله چانڊيو ولد مير خان چانڊيو 5 ڊسمبر 1958 ع تي ڳوٺ ڊرٻ ميري خان تعلقي ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٿيو آهي منهنجي بنيادي تعليم قمبر جي ملان مڪتب اسڪول مان مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر ، انٽر شاهه لطيف ڪاليج قنبر مان ڪئي منهنجي زندگي جو ڳچ عرصو عوامي خدمت خاص پنهنجي شهر قنبرجي غريب عوام  لاءِ پاڻ  پتوڙو آهي ۽ مان پرائمري استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ سنڌ چانڊيا ويلفيئر ائسوسيئشن (سچوا) جي باني ميمبرن مان آهيان وڏي عرصي تائين ائسوسيئشن جو وائيس چيئرمين به رهيو آهيان ان کانسواءِ قمبر پريس ڪلب، فرينڊس ويلفيئر آهيان. مون مختلف اخبارن روزانه برسات ، سنڌ، تعميرسنڌ، عوامي آواز، سنڌسجاڳ ، ساوڪ ۾ صحافي طور ڪم ڪيو آهي ۽ مونکي عوامي سماجي ۽ صحافتي خدمتن تي سنڌ شهري اتحاد مڃتا شيلڊ سان گڏ سلام ٽيچر ، عورت فائونڊيشن ، پاڪستان پريس فائونڊي، منسٽري آف سوشل ويلفيئر اسلام آباد طرفان اوارڊ ملي چڪا آهن هن وقت ڄامشوري مان هفتيوار وِک اخبار ڪڍندو پيو اچان.


س: جڏھن اوھان غريب ماڻھن جي تڙپيل حالت ڏسندا آھيو ته ڇا محسوس ٿيندو آھي؟
ج: انسان اندر انسانيت هوندي آهي ته ان کي معاشري ۾ ننڍي برائي به ڏک ڏيندي آھي مان به انسان آھيان    ته پنھنجي ئي ماڻھن کي ڏک ۽ تڪليفن ۾ ڏسي تمام افسوس ٿيندو آھي ۽ ڪم ۾ ڪرڻ اڃا به وڌيڪ جستجو پيدا ٿيندي آھي ته وڌ کان وڌ انساني ڀلائي جا ڪم ڪجن.


س: اوهان جو هن سماجي ڪم ۽ صحافتي ادارن ڏانهن ڪيئن اچڻ ٿيو ڇا سبب هئا؟
 ج: منهنجو 1972 ۾ سماجي خدمتن ڏانهن ڌيان ٿيو ۽ 1998 ۾ صحافت ۾ اچڻ جو شوق ٿيو سماجي خدمتن ڏانهن ان ڪري ڌيان ٿيو جو پڙهيا لکيا ٿياسين ته ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري غيرت جو مظاهرو ڪري پنهنجي ڳوٺ ۽ قمبر جي جاکوڙ ڪيم پر سوچم سماجي ورڪر جي حيثيت طور آفيسرن کان لفٽ گهٽ پي ملي تڏهن صحافت ڏانهن لاڙو ٿيو


س: اوهان صحافت جي شعبي ۾ آهيو، ان ۾ اچڻ جو پنهنجو شوق هو يا ڪنهن کان متاثر ٿي ان شعبي (صحافت) کي اختيار ڪيو؟
ج: سماجي خدمتن دوران سوشل ورڪ سميت مختلف اداران ۾ رشوت خور آفيسر خلاف آزواز اٿارڻ لاءِ صحافتي پليٽ فارم قمبر ۾ جوڙيو ۽ سماجي ڪمن ۾ گهٽ رڪاوٽ ٿي.



س: موجوده صحافت تي رشوت جا الزام آهن ان جو سبب ڪهڙو آهي؟
ج:   صحافت عبادت آهي اسان جي دور ۽ اڳئي دور جي صحافت صاف ۽ شفاف آهي ٻاهرين ملڪن ۾ صحافت هن وقت صاف ۽ شفاف آهي ،اسان جي جي ملڪ ۾ صحافتي ادارن جا سياسدان مالڪ پبلڪ سڀني جو گذارو رشوت تي آهي ته اسان جي موجوده صحافت کي صاف ۽ شفاف نه ٿا چئي سگهون بلڪ 100سيڪڙو صحافي ذرد صحافت نه ٿا سمجهون ڇو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڪالمن جي ذرعي پرنٽ ميڊيا تي جيڪو ڏسون ۽ ٻڌون ٿا اهو حڪمرانن سياسدانن ملڪ جي وڏن ماڻهن کي ڪڙو سچ صحافي چئي ڏين ٿا


.
 س: اوهان پنهنجي سماجي خدمتن ۾ ڪنهن جي رڪاوٽ سمجهندا آهيو؟
ج: مان پنهنجي سماجي خدمتن ۾ سياسي ليڊرن ، ۽ 2 ٽڪن جي چمچن ۽ رشوت خور آفيسر سوشل ورڪ ۾ اسان جي سماجي ڪمن ۾  رڪاوٽ آهن


س: اسان جي ملڪ ۾ موجوده وقت  گهڻي کان گهڻيون اين جي اوز سماجي ڪم ڪن پيون انهن تي اوهان جي ڪا راءِ؟
ج: اين جي اوز منهنجي نظرن ۾ ته اسان جي ماڻهن کي شعور پيدا پيون ڪن باقي اهڙو ڪو وڏو ڪارنامو نه پيون ڪن


س: اوهان جي نظر ۾ اڄ جي عورت سان ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟
ج: اسان وٽ الميو اهو آهي ته اڃا تائين اسان جو معاشرو ذهني طور تي ايترو پسمانده آهي جو اهو عورت جو اڳتي وڌڻ برداشت نٿو ڪري، پوءِ ڀل اها عورت ملڪ جي وزير اعظم ئي ڇو نه بڻجي وڃي. اڄڪلهه جي عورت کي نه رڳو گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي رهيون آهن پر هوءَ معاشي مسئلن کي به منهن ڏيئي رهي آهي. جيئن عالمي سطح تي اسان جو ملڪ پوئتي پيل آهي، تيئن اسان جو معاشرو به ذهني پسماندگيءَ جو شڪار آهي.


س: پاڪستان ۾ معاشرو ڪيئن تبديل ٿي سگهندو؟
ج: سياسي ليڊر ۽ سياسي ورڪر سماجي خدمتون ڪن ته سماج تبديل ٿيڻ ۾ ڪا دير ئي ناهي.



س: اوهان ملڪي تعليمي نظام کي ڪيئن ٿا ڏسو، ڇا ان ۾ تبديلي جي ضرورت آهي؟
ج: اسان جي ملڪي تعليمي نظام ۾ گهڻي بهتري آئي آهي. پر اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جو ملڪ تمام گهڻو پوئتي آهي. پر محنت ڪنداسين ته اسان جو تعليمي نظام به بهتر ٿيندو. تعليمي نظام ۾ تبديلي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. سياسي مداخلت سبب نااهل استادن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو.  ان جو سڌو سنئون اثر تعليم تي پوي ٿو. پر جيڪڏهن محنت ڪنداسين ته منزل ضرور ملندي 


س: توهان جي زندگي جي ڪا آخري خوائش؟
ج:  منهنجي زندگي جي آخري خوائش اِها هئي ته مان پيار جو پرڻو نه ڪري سگهيس.


س: توهان جو آخري ڪو پيغام؟
ج:   هر پڙهيو لکيو ماڻهون شاگرد ۽ شاگردياڻي کانسواءِ هر ماڻهون سوشل ورڪ هوئڻ گهرجي ادب جي لحاظ کان هر لکيل پڙهيل ماڻهون صحافي جيڪو سماجي برائين تي ڪالم لکي ۽ چڳائين تي تاريخي ڪالم لکي ائين ڪرڻ سان  دنيا امن جو گوارو بڻجي ويندي.



No comments:

Post a Comment