Tuesday 6 October 2015

Aziz Kingrani profile by Mumtaz Ali Jamali

عزيز ڪنگراڻي


PROFILE BY: Mumtaz Ali Jamali 

ڪنهن يوناني ڏاهي جي چوڻي آهي تـه  تتل مٽي مان ، ڀينل ڀيتن مان ڪکانون گهرن ۽ بوکايل پيٽ مان جڏهن ڪو ٻار جنم وٺندو آهي تـه اهو ٻار ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زهين ۽ هوشيار هوندو آهي، ۽  اهو جلدي پنهنجي منزل ماڻيندو آهي انهي ڏاهي جي چوڻي  ڪاڇي جي تتل مٽي ، ڀينل ڀيت، هڪ غريب هاري جي  ڪکانئون گهر مان جنم وٺندڙ عزيز ڪنگراڻي سچ ثابت ڪري ڏيکاري.
پاڻ نـه صرف ڪاڇي مان جنم وٺندڙ مشهور ليکڪ، ڪهاڻي ڪار، شاعر، اديب، تاريخ دان،  سماج سڌارڪ بلڪـه ان سان ڳڏ گورمينٽ ڪالج واهي پانڌي (ڪاڇي) جو پرنسپل پڻ  آهن،
سندس جنم ڏينهن 4 فبروري 1960 ۾  ڪاڇي جي غريب هاري سومر خان جي گهر ۾ٿي،  هن جي شخص جي باري ۾ ڳوٺ وارن بـه اهو سوچيو هو تـه هي بـه وڏو ٿي هن ڪاڇي جي تتل زمين ۾ يا تـه ريڍون چاريندو يا وري پنهنجي پيءَ وانگي  ٻني ٻارو ڪندو مگر حقيقت انهي جي اُبتڙ ثابت ٿي.
هن کي پنهنجي پيءَ ننڍي هوندي کان پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيو بعد ۾ جڏهن هن جي والد  کي خبر پئي تـه سندن پٽ عزيز ۾ ڪجهـه ڪرڻ جون صلاحتيون آهن ۽ پڙهائي ۾ هوشيار آهي تـه هن مزدوري ڪري بـه عزيز کي پڙهائڻ جو پاڻ سان واعدو ڪيو هو.
پاڻ پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڻڪ  ڪنگراڻي جي گورنمنٽ ماڻڪ  ڪنگراڻي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي
ميٽرڪ پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي مڪمل ڪري انٽر استاد بخاري ڪاليج مان ڪئي،
1982 ۾ انهي ئي ڪاليج مان بي ايس ئي ڪئي. ان کان بعد سنڌ يونورسٽي مان اسلامڪ ڪلچر شعبي ۾ ايم اي ڪئي.
 سنڌ سان محبت هجڻ جي ڪري هن وري سنڌ يونورسٽي مان 1989 ۾ سنڌي شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي.
سندن اخلاقن سان ڳڏ پڙهائي ۾ هوشيار ۽ زهين هجڻ جي ڪري تمام تر استادن جو دادلو ۽ هيرو رهيو.
جڏهن عزيز ڪنگراڻي  پنھنجي پڙهائي مڪمل ڪئي تـه ڪجهـه سالن بعد 1993ع ۾ هي  جوهي ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جو ليڪچرر مقرر ٿيو، پاڻ  پهريون  شخص هيو ڪاڇي جي هڪ هاري  جو جيڪو ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿيو، هن جي ڪاميابي تي سڄي ڳوٺ ان وقت جشن ملهايو، ڇو جو ماڻهن جي دل  جو هي بادشاهـه بڻجي چڪو هو.
 سندن لکڻ جو شوق تڏهن جاڳيو جڏهن هن ڪاڇي جي واري جي لهرن کي پنهنجي گهرن منهجان اڏرندي ڏيٺو، پاڻ لکڻ جي شروعات 1974 کان ڪئي. جڏهن پاڻ 8 ڪلاس ۾ هئا ،هن هلال اخبار پاران نڪرندڙ ٻارن جي رسالي ۾ هن هڪ ننڍڙي
ڪهاڻي ليکي، بعد ۾ ٻارن جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون لکندو هيو، پاڻ  ڪاڇي جي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن تي  ڪالم، آرٽيڪل شعرو شاعري ڪتاب لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاڇي جي تاريخ تي ڏاڍو ڪم ڪيو هن ڪاڇي جي تاريخ تي ڪافي سارا آرٽيڪل ۽ ڪجهـه ڪتاب بـه لکيا جنهن ۾ ”ڪاڇو هڪ اڀياس“ هڪ مڪمل ڪتاب آهي جنهن ۾ پاڻ ڪاڇي ۾ ٻُڌازم مذهب هجڻ جي تصديق ۽ ڪاڇي  جي قديم آثارن جي پرچار ڪئي، اتان جي رهواسين سان محبت هجڻ جي ڪري هن پنهنجي سڄي زندگي ڪاڇي جي ناوءُ ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيوهو ۽ هميشـه ڪاڇي جو غلام رهڻ جو پڪو پهـه ڪري ڇڏيو.
ريڊيو  پاڪستان پي ٽي وي  ڪي ٽي اين سنڌ ٽي وي ۽ ٻين مختلف ٽي وي چينلز ۾  پلي ڊراما سولو ڊراما ۽ سيريل ڊرامن سان گڏ  30 کن ريڊيو ۽ لڳ ڀڳ 70 کن سنڌي اردو سولو ،فائيو ڊيز، ٿري ڊيز ٽويئنٽي ڊيز ، سيريلز لکيا آهن، ڪي سيريلس تـ ساڍا 400 قسطن کان بـه مٿي آهن، مگر ان سان گڏو گڏ سماج ۾ اندر برائين تي ڪاڇي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي تي ڪهاڻيون ۽  ناول شاعري  ۽ ادبي ۽ تاريخي بوڪ بـه لکيا، جنهن ۾ ”سنڌ پري“ ، ”سنڌ سنڌو جو تحفو“  ”تر تر تي طوفان“ اکر اکر آرسي“، ”روگ“ ۽ ٻيا آهن.
عزيز ڪنراڻي جي هڪڙي نمايان آهي تـه پاڻ  هميشـه پنهنجي هر ڪهاڻي هر ناول ۽ هر ڊرامي ۾ پنهنجي ڳوٺ ڪاڇي جو ذڪر ڪٿي نـه ڪٿي ڪهڙي بـه طرح ضرور ڪيو آهي. هن کي هن وقت تائين 18 کان وڌيڪ مختلف مڃتا ايوارڊ ملي چڪا آهن جنهن ۾ پهريون  ايوارڊ 1990ع ۾ هن کي پنهنجي سنڌي شعبي ۾ پهرين پوزيشن ماڻڻ  تي مليو هو، بعد ۾ هن کي بهترين ليکڪ جو ايوارڊ  بهترين شاعر ايوارڊ بهترين تاريخ دان ايوارڊ بـه مليو.
عام طورتي تـ ماڻهون ڪاميابي جي ڪڍ لڳندا آهن مگر ڪاميابي هن جي ڪڍ لڳي وئي، هڪ ننڍڙي ڳوٺ کان ادبي، سماجي، دنيا ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ هن شخص ڪڏهن بـه وڏائي نـه ڪئي، هن جي محنت هن کي هڪ نئو ناوُ ڏنو،  هي چئي ٿو تـه جڏهن مان لڪچر مقرر ٿيو هيس  تـه پنهنجي ڳوٺ جي شاگردن جي سهولت لاءِ ڪاڇي اندر هڪ ڊگري ڪالج جي ضرورت محسوس ڪئي بس انهي ڏينهن کان وٺي ڏينهن رات ڪري ڪوششيون ڪيون، نيٺ هن جي محنت رنگ لاٿو ۽ اتي ڊگري ڪالج قائم ڪرايو، جيتي هينئر پرنسپل تور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي،
پاڻ پنهنجي ڪاڇي جو هر دل عزيز شاعر استاد بخاري سان گهڻي محبت ڪندا آهن، کين هر وک وک تي استاد بخاري جي ڳالهـ هي هميشـه ڪندا آهن، هي پاڻ کي استاد جو پيروڪار سڏيندا آهن ۽ مجوده دوُر ۾ استاد جي  شاعري کي هر طبقي سان تعلق رکندڙ   لاءِ هڪ سٺي نصيحت سمجهندا آهن، هن استاد بخاري جي شاعري جي مجموعي نچوڙ تي هڪ ڪتاب لکيو جنهن تي هن کي ايوارڊ سان بـه نوازيو ويو،
عزير ڪنگراڻي هيڏي شهرت ڪاميابي  بعد بـه کين سادي طبيعت جو بادشاهـ شخص آهي سندن خوش مزاج لهجو ، چپن تي هميشـه مُرڪ ۽ پنهنجي ڳوٺ وارن سان هميشـه هڪ هاري جي پٽ جي حيصيت سان پيش ايندو آهي. پاڻ نوجوانن کي مُلڪ جو سمرايو سمجهندا آهن ۽ پنهنجي ڪاڇي کي دنيا جي جنت الفردوس.
اهڙين شخصن جي تاريخ هميشا ساٿ ڏيندي آهي ۽ اهي فاني دنيا ۾ بـه پنهنجو نالو لافاني ڪري ويندا آهن.

PROFILE BY: Mumtaz Ali Jamali
Roll# 2k14/mc/159
October 2015 BS-II
Practical work carried out under supervision of Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, Sindh University  

3 comments:

  1. Kachho should reflect in his profile, some images, examples proverbs etc. Views and opinion of his colleagues, friends, Some interesting aspects incidents of his life. It is too formal. this will fall under category of biography,

    ReplyDelete
    Replies
    1. SIR I understand but it was my first job, Next time I'll do better then it.

      Delete